شيخ اياز جي شعري لِساني اسلوبَ جو اُترادِي سِنڌي انداز
(THE NORTHERN SINDHI STYLE AND LINGUISTIC DICTION OF SHAIKH AYAZ’S POETRY )
ڊاڪٽر عبدالوحيد ڪلوڙ
Shaikh Ayaz (1923-1997) was a polyglot, a bilingual poet, and a prose writer of Sindhi and Urdu languages. His selected Sindhi poetry has been translated into Urdu, English, Pashtu and Punjabi. Apart from his first language, Sindhi, he was proficient in Persian, Urdu-Hindi, and English, and also knew Punjabi.
This paper examines Shaik Ayaz's Poetic Utradi (Northern) Sindhi style across his different written styles. It raises the question that: Is Shaikh Ayaz's Sindhi poetry linguistically uniform and only in the pure Sindhi style? Or are there any differences in it from different contexts? And which linguistic features of the northern Sindhi dialect, or Shikarpuri Sindhi sociolect, are present in Shaik Ayaz's Sindhi poetry?
For this purpose, a qualitative analysis of data collected from his published poetry collections has been conducted.
The analysis of the results shows that the Sindhi linguistic style consciously adopted by Shaikh Ayaz is highly diverse, with linguistic variation based on dialects, Sociolects, genre, and period or sociopolitical conditions. In his poetry, Utaradi's Shikarpuri style is prominently present with specific characteristics. These features are mostly limited to the native repertoire.
Keywords: Shaikh Ayaz, Sindhi Poetry, Poetics, Linguistic styles, Utradi Sindhi, Language variation, Idiolect, Dialect, Sociolect, etc.
موضوع جو تعارف (Introduction)
هن مقالي ۾ شيخ اياز جي شاعراڻي لِساني اسلوب جو سنڌي ٻوليءَ جي مختلف جاگرافيائي لھجن، محاورن ۽ سماجي آراڌاين (Sociolects) جي حوالي کان تحريري فَرقن، خاص ڪري ان جي اُترادي اندازَ جو لِسانياتي جائزو ورتو ويو آهي. جديد سنڌي شاعريءَ جي مقبول ۽ سرواڻ شاعر جي حيثيت ۾ شيخ اياز جي ٻولي يا سنڌي لِساني اسلوب ادبي ڌرين ۾ بحث جو موضوع رهيو آهي. ان بابت اڪثر غير رسمي رايا قائم پئي ڪيا ويا آهن، جڏهن ته ان پاسي کان باقائده تَحقيقي ڪم جي ضرورت رهي آهي. هن اڀياس جو مقصد شيخ اياز جي سنڌي شعري اسلوبَ ۽ منجهس اُترادي سنڌي انداز بابت تحقيقي راءِ قائم ڪرڻ آهي.
لاڳاپيل ڪم جو جائزو (Related Literature Review)
جديد سنڌي ادب جي لِسانياتي جائزي جي حوالي کان تحقيق جو ميدان جھڙوڪر بلڪل خالي آهي. شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ تي فني ۽ فڪري حوالي کان ته گهڻو لکيو ويو آهي، پر لِسانياتي حوالي کان گهٽ جائزو ورتو ويوآهي. ان جي لُغوي پاسي کان عبدالڪريم سنديلي(1)، ڊاڪٽر محمد قاسم ٻگهئي(2)، ڊاڪٽر ادل سومري(3)، قمر شھباز(4) ۽ برڪت بلوچ(5) جا ڪجهه مضمون ڇپيل آهن. انهن کان سواءِ سندس سنڌي شاعريءَ تي بيروني لِساني اثرن جي حوالي کان منھنجي پي ايچ ڊي ٿِيسِز تي ٻڌل ڪتاب(6) موجود آهي. ان کانسواءِ به ڪيترن ئي مضمونن ۾ سندس شاعريءَ تي تنقيدي تعريفي طور لکيو ويو آهي. اهڙي مواد ۾ شيخ اياز جي شعري فن جي خوبين سان گڏ، جتي ان جي شاعريءَ ۾ لفظي ذخيري جي گهڻائي ۽ ٻين لِسانياتي خاصيتن کي ڳڻايو ويو آهي، اتي هڪ راءِ هيءَ به رهي آهي، ته ”شيخ اياز جي شاعري نِج سنڌي اسلوب واري آهي.“ ابراهيم جويي جي چوَڻ موجب: ”اياز جي ٻولي خالص سنڌي ٻولي آهي. سنڌي ٻوليءَ ۾ جيڪا پنھنجي خالص موڙي آهي، وس پُڄندي هُو انهيءَ کي ئي ڪم آڻي ٿو. ”ڀنوَر ڀِري آڪاس“ جي ڪجهه اوائلي نظمن ۽ غزلن کانسواءِ هن جي سڄي شعر ۾ اها ٺيٺ پنھنجي ٻولي ڪم آيل آهي.“ (7)
شيخ سليم احمد موجب: ”اياز اردو ۽ انگريزيءَ کي ڪڏهن به پنھنجي سنڌي شاعريءَ جي اسلوب جي ويجهو اچڻ نه ڏنو.“ (8)
هن تحقيق جي ابتدائي اڀياسَ (Pilot study) کانپوءِ عارضي مفروضو (Hypothesis) مٿين راين جي نسبت مختلف جڙيو آهي، جنھن موجب، شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ جو مجموعي لِساني اسلوب اندروني ۽ بيروني لِساني اثرن سان گهڻ آراڌو آهي. ان ۾ فارسي، اردو-هندي، اثرن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مختلف لھجن سان گڏ اترادي شڪارپوري انداز پڻ نمايان طور موجود آهي.
تحقيق جو طريقه ڪار (Research Methodology):
هن اڀياس لاءِ ”موادي تجزيي“ (Content Analysis) جي طريقيڪار جي چونڊ ڪندي، شيخ اياز جي ڇَپيل سنڌي شعري مجموعن مان لِسانياتي لحاظ کان معلومات (ڊيٽا) گڏ ڪئي وئي آهي ۽ حاصل ڪيل معلوماتي مواد جو خاصيتي يا معياري تجزيو ((Qualitative Analysisڪري نتيجا اخذ ڪيا ويا آهن.
اڀياسَ جو عارضي مفروضو هيٺين تحقيقي سوالن جي جوابن تي ٻڌل هو.
تحقيقي سوالَ :
• شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ جي لِساني اسلوب جا مُک لاڙا ڪھڙا آهن؟
• ڇا شيخ اياز جي شاعري لِساني يڪسانيت سان نِج سنڌي اسلوب واري آهي؟ يا ان ۾ جاگرافيائي لھجن، سماجي آراڌاين ۽ سماجي-سياسي حالتن وغيره جي حوالي کان ڪي فرقَ موجود آهن ؟
• شيخ اياز جي ذاتي فطري لھجي، يعني: اترادي سنڌيءَ جون سندس شاعريءَ ۾ ڪھڙيون لِسانياتي خاصيتون موجود آهن ؟
تجزياتي حقيقتون (Findings):
معياري تجزيي مان ٻه نُڪتا واضح طور سامهون آيا؛ هڪ ته ڄاڻايل شاعريءَ جو لِساني اسلوب گهڻ آراڌو آهي، جنھن ۾ زماني يا سماجي-سياسي حالتن آڌار ارتقا ملي ٿي، ۽ ٻيو ته ان ۾ شعوري طور اختيار ڪيل مختلف سنڌي محاوراتي اندازَ يا لھجا موجود آهن. هيٺ اهڙين حقيقتن جي ٻن حصن ۾ وضاحت ڪجي ٿي؛ 1. گھڻ آراڌو لِساني اسلوب ۽ منجهس ارتقا 2. اُترادي شڪارپوري انداز .
گهڻ آراڌو لِساني اسلوب ۽ منجهس ارتقا:
معلوماتي مواد جي معياري يا خاصيتي تجزيي مان پڌرو ٿيو ته سنڌي سماج ۾ چالو انفرادي لِساني رَوَيي(9) مطابق، ان سماج جي فرد جي حيثيت ۾ شيخ اياز به انفرادي لِساني رَوَيو رکي ٿو. هن جو مجموعي لِساني اسلوب گهڻ آراڌو آهي، جيڪو گهڻي ڀاڱي ديسي توڙي اڌاريل لفظن جي چونڊَ، عدد ۽ استعمال جي مختلف طريقن تي ٻڌل آهي. ڏسجي ٿو ته سندس سنڌي شاعريءَ ۾ صنف آڌار لِسانياتي تفريق (Linguistic variation) هئڻ سان گڏ سماجي-لسانياتي ماڻن يعني، جاگرافيائي محاورا، سماجي آراڌايون (Sociolects)، ۽ سماجي-لسانياتي حالتن جي لحاظ کان به فرقَ آيل آهن.
سندس شاعريءَ جي مختلف صنفن ۾ فني توڙي لِساني روايتن جي مدنظر ٻوليءَ ۾ فرق آهي. خاص ڪري مختلف ٻولين مان اڌاريل لفظن (Borrowed words) کي سندن ٻوليءَ جو پسمنظر رکندڙ صنفن ۾ استعمال ڪرڻ کي ترجيح ڏني وئي آهي. محاوراتي خاصيتن جي حوالي کان ڏٺوسين، ته اڌاريل لفظن کي گرامر جي لحاظ کان گهڻي ڀاڱي معياري يا وچولي سنڌيءَ واري طريقي سان اختيار ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ديسي لفظي ذخيري جي لحاظ کان شاعر جي مجموعي اسلوب ۾ گهڻين جاين تي لاڙِي، ٿري ۽ اُترادي سنڌيءَ جو استعمال به ملي ٿو.
سارو صوبو گهر،
اتر وانگر شاعري
لاڙ، وچولو، ٿَر . (10)
ساڳي نموني مختلف جاين تي مختلف سماجي آراڌاين جھڙوڪ: ادبي سنڌي، شھري سنڌي، ٻھراڙيءَ جي سنڌي، شڪارپوري سنڌي ۽ انڊين سنڌي وغيره جا انداز به اختيار ڪيل آهن. هيٺ ڪجهه مثال ڏجن ٿا.
فارسيءَ آميز ادبي سنڌي:
دلِ افسرده جون تمنائون، هوُ سراپا بھار ڇا ڄاڻي!
جو گهٽائن جي روحَ تي گذريو، پندِ پرهيزگار ڇا ڄاڻي،
آرزوي ثباتِ ساحل کي، موجِ بي ڪنار ڇا ڄاڻي. (11)
ڪلاسيڪي سنڌي انداز:
واجهه نه وجهه تون وڍَ ڏي، رتُ وهندي به رِڙههُ
پوئين ويلَ به وڙههُ، ويريءَ ساڻ وجود جي. (12)
هندي لفظن سان انڊين سنڌي انداز:
وري ڪا ياد لائي آ،
هيلَ گهٽا پڇِمَ کان آئي
۽ پوءِ ساري جڳَ تي ڇانئي (13)
هندي لفظن سان شھري ڪلاس سنڌي:
ڪنهن سان پريت لڳايئي پڳلي،
جو اڄ راس نه آيئي پڳلي(14)
انگريزي لفظن سان پڙهيل شھري ڪلاس سنڌي:
هن ڏٺي ڪلياڻ ڪيمپ، ۽ ڏٺي لينن گراڊ
ڪيترو تو جيئن هُئي، او ماءِ گاڊ!(15)
اهڙيءَ طرح منجهس سياسي ۽ سماجي حالتن يا زماني آڌار به لِساني فرق آيل آهي. مختلف وقتن تي ديسي ۽ اڌاريل لفظن جي کپت ۾ عددي فرق يا ڪمي پيشي نظر اچي ٿي. سندس ڇپيل ابتدائي سنڌي شعري مجموعن ۾ هنديءَ جي ڀيٽ ۾ فارسي لفظي اڌارڻ وڌيڪ ٿيل آهي. بعد ۾ هُنَ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي اثر هيٺ ڪلاسيڪي سنڌي اسلوب اختيار ڪيو، جنھن ۾ (خاص ڪري فارسي) اڌاريل لفظن جو استعمال گهٽ ڪيائين. پاڪستان ٺھڻ کان پوءِ جي ابتدائي عرصي ۾ وري هن هندستان کان آيل اردودان اديبن جي صحبت ۾ اردو شاعري ڪرڻ ڏي لاڙو رکيو. سندس تنھن وقت جي سنڌي شاعريءَ ۾ به اردو-هندي اڌاريل لفظن جي استعمال جو تناسب وڌيل ملي ٿو. پوءِ ون يونٽ جي قيام ۽ ٻين ناگوار سياسي-سماجي حالتن جي ردعمل ۾ پيدا ٿيل سنڌي قومپرستيءَ جي جذبي ۽ ترقي پسند ادبي تحريڪ جي اثر هيٺ هُن فارسي ۽ هندي/ اردو وغيره مان اڌاريل لفظن جي استعمال کي گهٽائي ٻيھر نِج سنڌي اسلوب جو دَڳ ورتو. وائس چانسلر رهڻ واري وقت ۾ وري هن جو تخليقي عمل ئي ماٺ ۾ رهيو. ائين سماجي لسانياتي حالتن جي پسمنظر، هُنَ جي اسلوب کي پئي هٿَ وس ڪيو. (16)
شيخ اياز جي سنڌي شاعراڻي اسلوب جو گهڻ آراڌو هئڻ سندس اعلي لِساني قابليت کي ظاهر ڪري ٿو. اهو ان ڳالهه جو پڻ دليل آهي، ته شاعرَ سنڌي ٻوليءَ جي جامعيت کي اختيار ڪرڻ لاءِ شعوري طور ايئن ڪيو آهي، جنھن جو مقصد لِساني اسلوب کي گهڻ آراڌو بنائڻ سان گڏ سندس اظھارِ خيال ۽ لفظي ذخيري ۾ وسعت پيدا ڪرڻ آهي. هن جي راءِ ۾:
سنڌي آ سَوَ رنگَ، ان کي سيئربين جيئن ڏِس. (17)
هو هڪ هنڌ ٻڌائي ٿو ته هُن ”اڪن نيرا ڦليا“ وارا بيتَ ٿر جي پسمنظر سان لکيا آهن، باقي سمنڊ، جبلن، اتر، وچولي ۽ لاڙ جي پسمنظر سان بيت ايندڙ ڪتاب ”جهڙ نيڻان نه لھي“ ۾ ڏنا ويندا . (18)
اُترادي شڪارپوري انداز
موادي تجزيي مان اهو پڻ پڌرو آهي، ته شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ ڪن جاين تي اترادي محاوري توڙي شڪارپوري سنڌي آراڌائيءَ جي جهلَڪَ نمايان آهي. اهو ان لحاظ کان فطري آهي، جو سندس سماجي-لسانياتي پسمنظر جو وڏو حصو شڪارپور ۽ سکر شھرن سان وابسته آهي. کيس بھتر تعليم، گهڻ ٻوليائپَ، سُر پسندي، شعروادب سان لڳاءُ ۽ مطالعي جي شوق جھڙا زيور بنيادي طور تنھن وقت جي شڪارپوري سنڌي سماج جا ڏنل دانُ آهن. شڪارپور هُن جي سرشت ۾ سمايل آهي. سندس سنڌي شاعريءَ ۾ بجاءِ شڪارپور جي رستن، گهٽين ۽ هنڌن جو ذڪر ملي ٿو. جھڙوڪ؛ بيگاري واهه، ڪوسِي سيئنما، لکي در، ڪاري نھائين، گهنٽا گهر، هري ولڀ سينما رستو وغيره.
اترادي لھجي جي حوالي کان ڄاڻايل شاعريءَ ۾ هيٺيون لِسانياتي خاصيتون موجود آهن؛
/ _آن/ پڇاڙيءَ سان جمع ترڪيب، اسم تصغير جو استعمال، مخصوص اترادي يا شڪارپوري لفظيات جو استعمال، اترادي انداز سان پدائتي بناوت يا ضميري پڇاڙين جو استعمال ۽ متحرڪ الآخر خاصيت جو استعمال وغيره.
• /_آن/ پڇاڙيءَ سان جمع ترڪيب؛
هاءِ لُڏن ٿيون لامان ڪونه جھلينم
ڪيسين پـڄران، ڪيسين کامان، ڪونه جهلينم (19)
مٿين شعر ۾ ”لامان“ لفظ اترادي محاوري موجب /اون/ بجاءِ /آن/ پڇاڙيءَ سان جمع ترڪيب ۾ قافيي لاءِ استعمال ٿيو آهي.
• اسم تصغير جو استعمال:
داروُن پي دٻڙاٽ ڇا لاءِ ڇوريءَ کي ڪڍيئه ؟ (20)
ٻيليئڙو ٻوليو
چُپ ساڌيندئو ڪيتري
مُنُڙا ته کوليو . (21)
• ضميري پڇاڙين واري يا پدائتي بناوت:
ڇو لُٽائينس ٿو، ايئن کُٽائينس ٿو . (22)
مٿئين مصرع ۾ فعل ٿڙن؛ ”لُٽا“ ، ”کُٽا“ کي اترادي انداز سان پدائتي بناوت ۾ اختيار ڪيو ويو آهي.
چيو اٿي مانس پر خدارا ڪڏهن ته ايندين ڪڏهن ته ايندين ! (23)
ضميري پڇاڙين وارا قافيا پڻ گهڻين جاين تي استعمال ڪيا ويا آهن جھڙوڪ؛ اڙايوس، ڏٺوس، چئجوس وغيره.
• اترادي يا شڪارپوري لفظيات جو استعمال: جهڙوڪ؛ ني (نه)، گھل گھل، اَلِ، بِلو ڪرڻ، آن (آهين) وغيره.
ڇڏ اهي ڳالهيون ! آءُ ني ناصحا ! (24)
شڪارپوري سماجي آراڌائيءَ جي خاصيت مطابق ”ني“ حرفَ جو استعمال ٿيل آهي.
اڳ به صورت گرو هن جيئن ڏٺي ٿَوَ ڪائي؟ (25)
مٿئين مصرع ۾ اٿَوَ جي جاءِ تي ٿَوَ جي استعمال بابت خود شاعر جي وضاحت موجب، اتر ۾ اٿَوَ کي ٿَوَ به چوندا آهن.
ڇو ڙي زاهدَ! هيءَ گهلِ گهلِ !
رات ڏٺو هو مانءِ، نه اَلِ ! (26)
اڃان ته هانوُ هيکلو
اوهان به گر ڪيو بِلو . (27)
تون ڪير؟ ڀٽائي آن ؟
تون اڄ به تنبورو آن، تون اڄ به ته وائي آن . (28)
(Conclusion) حاصل مطلب
هن اڀياس ۾ اسان موادي تجزيي جي طريقي ڪار سان شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ، خاص ڪري منجهس اترادي انداز جو جائزو ورتو، جنھن مان واضح ٿيو، ته شيخ اياز جي وڏي عرصي (لڳ ڀڳ چاليههَ سالَ) تي مشتمل، ضخيم سنڌي شاعريءَ جو مجموعي لِساني اسلوب گهڻ آراڌو آهي. هن جي ٻولي سنڌي سماج جي ٻولي آهي، جنھن ۾ مختلف جاگرافيائي محاورن، سماجي آراڌاين جي آڌار تفريق ملي ٿي، ۽ ان ۾ برصغير جي سياسي-سماجي توڙي سنڌ جي سماجي-لسانياتي حالتن آڌار ارتقا موجود آهي. نوٽ ڪيو ويو ته شاعر پاران مختلف لحاضن کان گهڻ آراڌي اسلوب اختيار ڪرڻ جو مقصد خيالن جي اظھار ۽ لفظي ذخيري ۾ وسعت پيدا ڪرڻ آهي.
اياز جي سماجي-لسانياتي پسمنطر جو وڏو حصو شڪارپور ۽ سکر سان وابسته هئڻ ڪري سندس سنڌي شاعريءَ جي ڪن نمونن ۾ فطري طور اترادي شڪارپوري انداز پڻ مخصوص خاصيتن سان نمايان طور موجود آهي. اترادي شڪارپوري انداز جون اهي خاصيتون ٻين فَرقن جيان گهڻي ڀاڱي لغوي حوالي کان ۽ ديسي لفطي ذخيري تائين محدود آهن. منجهس گرامر جو فرق نه هئڻ برابر آهي. اهو پڻ نوٽ ڪيو ويو ته ڪجهه مخصوص اترادي لفظيات قافيي وغيره لاءِ پڻ استعمال ڪئي وئي آهي.
شاعر جي پنهنجي اسلوب بابت سندس مختلف ڪتابن جي مھاڳن ۾ اظھاريل سندس راين ۽ موادي تجزئي مان اهو پڻ اخذ ٿئي ٿو ته سندس گهڻ آراڌي لِساني اسلوبَ ۾ ٻين فَرقن کي اختيار ڪرڻ ۾ گهڻي قدر سندس شعوري ڪوشش جو دخل آهي، جڏهن ته اترادي شڪارپوري انداز فطري طرح موجود آهي. اهڙيءَ ريت انهيءَ اڳوڻي راءِ کي رد ملي ٿو ته ڪو شيخ اياز جي شاعري نِج سنڌي اسلوب واري آهي.
بھرحال سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو گهڻ آراڌو استعمال يا اهڙي لِسانياتي گهڻ رنگائي سنڌي ادبي تاريخ جي ڪنھن ٻئي سنڌي شاعر وٽ ورلي ملي ٿي. سچل سرمست ۽ ٻين جي مثالن ۾ گهڻ لِسانيت ته ملي ٿي، پر هڪ ئي ٻوليءَ (سنڌي) جي گهڻ رنگائي شيخ اياز جو خاصو آهي. سندس شاعراڻو اسلوب مجموعي طور سنڌي ٻوليءَ جو رنگين گلدستو آهي، جنھن ۾ اترادي ۽ شڪارپوري گل پنھنجي مخصوص صورت ۽ خوشبوءِ سان موجود آهي.
حوالا
1. سنديلو عبدالڪريم. 1997. شيخ اياز ۽ سندس شعر جو لغوي پهلو. پرک. VII. 13-133.
2. ٻُگهيو، ايم قاسم. 2001. ٻوليءَ ۾ ٻيھار آءٌ نه اچڻو آهيان. سوديس مسافرمنهنجو جو ڙي. 97-111. خيرپور. شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي.
3. سومرو ادل. 2003. شيخ اياز سنڌي ٻوليءَ کي نئون جنم ڏيندڙ شاعر. مهڪ چنبيليءَ ول جي. 58-74. خيرپور. شاهه عبداللطيف يونيورسٽي.
4. شهباز قمر. 2001. اياز لفظن جو جادوگر. سو ديس مسافر منھنجوڙي. 56-91. خيرپور. شيخ اياز چيئر.
5. بلوچ برڪت.1998. شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ صرفي بناوٽون. شاعريءَ جي خوابن جي خوشبو. 99-111. خيرپور. شيخ اياز چيئر شاهه عبداللطيف يونيورسٽي.
6. ڪَلوَڙ عبدالوحيد. 2022. شيخ اياز جي سنڌي شاعريءَ جي سماجي_لسانيات. حيدرآباد. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
7. شيخ اياز، 1999ع. مينھن ڪڻيون. ڪنڊيارو. روشني پبليڪيشن. ص. 69.
8. ڪَلوَڙ عبدالوحيد. 2022. شيخ اياز جي شاعريءَ جو سماجي_لسانياتي اڀياس. حيدرآباد. سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو.
9. Bughio.M. Qasim. 2001. Sociolinguistics of Sindhi. Germany. Lincom. Europa.
10. شيخ اياز، 1996. سانجهي سمونڊ سپون. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص.137
11. ساڳيو.
12. شيخ اياز، 1975. 1986. [1996]. سانجهي سمونڊ سپون. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن.
13. شيخ اياز. [1999]. هينئڙو ڏاڙهونءَ گل جيئن. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص.140
14. شيخ اياز. 1985.1998. پن ڇڻ پڄاڻان. نيو فيلڊس. حيدرآباد. ص. 169
15. شيخ اياز.1993. سورَجَ مُکيءَ سانجههَ. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن.
16. شيخ اياز. 1996. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن. ڀاڱو III. سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي. ص. 20.
17. شيخ اياز.1993. سورَجَ مُکيءَ سانجههَ. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص. 222.
18. شيخ اياز. 1991. چنڊ ڳليون. حيدرآباد. نيو فيلڊس پبليڪيشن. ص. 127.
19. شيخ اياز، 1985. [1998]. پَن ڇَڻ پڄاڻان. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص. 46.
20. ساڳيو. ص. 185.
21. شيخ اياز. (1992). ننڊَ وليون. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص. 74.
22. شيخ اياز.1993. سورَجَ مُکيءَ سانجههَ. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص. 160.
23. شيخ اياز. 1996. ڪتين ڪر موڙيا جڏهن. ڀاڱو III. سنڌ ادبي اڪيڊمي ڪراچي. ص. 29.
24. ساڳيو، ص 222
25. شيخ اياز. 1991. چنڊ ڳليون. حيدرآباد. نيو فيلڊس پبليڪيشن. ص. 127.
26. شيخ اياز. 1955. وڄيون وسڻ آيون. حيدرآباد. نيو فيلڊس پبليڪيشن. ص. 185.
27. ساڳيو.
28. شيخ اياز. (1992). ننڊَ وليون. حيدرآباد. نيوفيلڊس پبليڪيشن. ص. 74.