محمد خان مجيدي جي شاعريءَ جو تنقيدي اڀياس
(An Analysis of Muhammad Khan Majeedi’s Poetry)

ڊاڪٽر عبدالحفيظ قريشي/ ڊاڪٽر شفيق احمد شاهاڻي

Muhammad Khan Majeedi was a famous poet of Sindh. His poetry mainly focuses the peasant class of Sindh where he represents the sufferings and pains of the people and inspires them to get awareness. Due to this his poetry flourished from folk poetry of Sindhi. Such type of poetry portrayed village life of Sindh.
This paper is intended to analysis Muhammad Khan Majeedi’s poetry specially the poetic genre ‘Nazam’ in Sindhi poetry where his position is exalted. He not only focused and expressed in ‘Nazm’ but also used a sophisticated language with many poetic devices. This was analyzed through textual analysis of the research design and used Majeedi’s poetry as main subject.
The analysis of the study shows that he composed such type of poetry from every point of literary aspects engaging various impressions, style, engaging poetic devices like metaphors, similes, compound-words, idioms,folk-sayings and many more things to represent the suppressed class. His poetic craftsmanship gave him the position of a wonderful poet of ‘nazm’ and in other devices.
Keywords: Muhammad Khan Majeedi, Folk poetry, ‘Nazm’, literary devices, poetic crafts.

محمد خان مجيدي سنڌي سماج جي لاڙ واري ڀاڱي جي ڪجهه اهڙن شاعرن منجهان آهي، جن پنھنجي سماج جي ڏک ۽ سک جون ڳالهيون سنڌ جي روايتي لھجي ۾ (سگهڙن وانگر) پر نئين ڍنگ، نئين مقصد سان ڪيون، اهڙو مقصد جنھن جي پوري ٿيڻ سان سماج جي چڱڀلائي، ترقي ۽ آجپي وارو مقصد پورو ٿئي ۽ حال جي هلاڪت واري ڄار ۾ ڦاٿل سماج، آجپي واري واٽ تي اڳڀرو ٿئي.
انساني خيالن جي پھرئين لفظي تشڪيل نظم جي صورت ۾ آهي، نثر ان کان پوءِ واري دؤر جي تخليق آهي. معنى شعر شاعري کان نثر تائين وارو اهو ساهتي سفر هزارين ورهين جي ڄاتل ۽ اڻ ڄاتل تاريخ جي اتھاس ۾ لڪيل آهي. 
محمد خان مجيديءَ جي گهڻي شاعري نظم صنف جي شڪل ۾ آهي. نظم سنڌ جي هڪ اهڙي صنف آهي، جنهن تي لوڪ ادب کان وٺي موجوده جديد ادب تائين ڀرپور طبع آزمائي ڪئي وئي آهي. سنڌ جي لوڪ ادب جي جنگنامن، سينگار ۽ ٻين صنفن کان وٺي جديد نظم نگاريءَ ۾ سنڌ جي شاعرن پاڻ موکيو آهي. کئلداس 
”فاني“، هري دلگير، شيخ اياز، بردو سنڌي، شيخ عبدالحليم جوش، سرڪش سنڌي، ابراهيم منشي، حيدر بخش جتوئي، تنوير عباسي، نياز همايوني، سليم ڳاڙهوي، سرويچ سجاولي، عبدالڪريم گدائي، امداد حسيني، خاڪي جويو ۽ حليم باغيءَ جا نظم هڪ اهڙو ثبوت آهن، جنھن جي آڌار تي اهو چئي سگهجي ٿو ته سنڌي نظم جي روايت سگهاري ٿي آهي. هنن نظمن ۾ جت ڪٿ سنڌ جو ئي منظرنامو ملندو، ان ريت جديد نظم سنڌ جي روايتي شاعريءَ جي درياءَ ۾ زندگيءَ جو وڏو تحرڪ پيدا ڪيو آهي. شمشير الحيدري جو چوڻ آهي ته،
”جديد شاعري ڪلاسيڪي دؤر جو نئون تعبير آهي ۽ سنڌي مزاج سان موافق آهي.“(1)
شمشير الحيدري جي ڪتاب ”سنڌيءَ ۾ آزاد نظم جي اوسر“ ۾ هو لکي ٿو ته؛
”سنڌي شاعريءَ ۾ شروع کان وٺي ’نظم‘ جو (فطري) لاڙو رهيو آهي، ۽ ’تسلسل‘ ان جو فني مزاج آهي.“(2)
شاعري، اندر جو اُڌمو آهي، جيڪو اوچتو ئي لفظن جو روپ ڌاري نروار ٿئي ٿو. جيئن تتل ٿر جي وارياسي ڌرتيءَ تي ٻڪرياس کان ڪارا ڪڪر اوچتو ڀڙڪو کائي اُڀري ايندا ۽ وسندا آهن، ۽ سڄي مانڊاڻ کي سَرهو ۽ سُرهو ڪري ڇڏيندا آهن. وسڪاري کان پوءِ ان ڌرتيءَ مان انيڪ نمونن جي اوڀڙ (Flora) جا نت نوان روپ پڌرا ٿيندا آهن.
اهڙي ئي شاعراڻي ڏات لاءِ حليم باغي چيو آهي ته:
هي ڪهڙي ڏات ڏياٽي ڙي،
ڄڻ ڪارونجهر پيو ڦاٽي ڙي. (3)
نظم سنڌي ٻوليءَ ۾ ڪا نئين صنف ڪانھي، سنڌي لوڪ ادب جي ڊگهن بيتن جو تسلسل، سينگار، جنگ ناما، مولود ۽ مداحون انهيءَ نظماڻي صنف جو ئي قسم آهن.
مولوي احمد ملاح ۽ ابراهيم منشيءَ جا ڪيترائي مسلسل غزل اصل ۾ نظم ئي آهن.
شمس الدين عرساڻي، محمد خان مجيديءَ کي ”ضمير جو شاعر“ قرار ڏيندي، هن جي ٻئي شعري مجموعي ”مٽي منھنجي مٽي آهي“ جي مھاڳ ۾ لکي ٿو ته:
”مجيدي ڄڻ ته ٻوليءَ جو بازيگر آهي. نظم لکڻ وقت هن جي پٽاري ۽ بجڪي مان ٻول نچندا ٽپندا نڪرن ٿا. عام انداز جا فقرا ۽ سخنيون (Phrases) ٺاهيندا، جز ڪلام بنجي وڃن ٿا. هو پنھنجي فن ۾ ادبي دستگيري يا سخنوريءَ بدران عام وهنوارڪ ٻوليءَ تي تڪيو ڪري ٿو. اهڙا ٻول جيڪي هڪدم زبان مان ادا ٿين، تن کي اُچڇل ٻولي يا اُجهڪو ٻول چوندا آهن ۽ اهو ئي ڳڻ سندس ڪلام کي سيبتو ۽ بامعنيٰ بنائي ٿو. توهان انھن ٻولن کي (Free Talk) به چئي سگهو ٿا. هم ڪلامي يا تخاطب جو اهڙو انداز جڏهن ٻولي يا ادب ۾ اختيار ڪيو ويندو آهي، تڏهن انگريزيءَ ۾ Doing Things off hands جھڙن لفظن ۾ به عموماً ان جي تشريح ڪئي ويندي آهي، يعني ٺاهي ٺوڪي گفتگو ڪرڻ، ڳالهائڻ يا تھذيب يا ڪلچر جو رنگ چاڙهڻ بدران بلڪل عام وهنوارڪ نموني سان چٽڪو بنائي ڳالهه ڪرڻ يا هم ڪلام ٿيڻ آهي. انگريزيءَ ۾ ان ڌوپار ڳالهائڪ ٻولي کي Slangs چوندا آهن ۽ سنڌيءَ ۾ ان کي سُبڪي ٻولي يا وري آسانيءَ خاطر صرف سُبڪيون چئي سگهون ٿا. (4)
جھڙوڪ:
ليڊر جنھن کي نڪ نه آهي،
تنھن جي منھن تي نڪڙو چئجي. (5)
”نڪ نه هجڻ“ بلاشڪ سنڌي ٻوليءَ جو سادو ۽ نبار اصطلاح آهي، مگر نڪ کي نڪڙو چوڻ ان شاعر خوش ذوقيءَ واري اظھار ۾ سھڻي سٺار (طنز) ڪئي آهي، جنھن سان ليڊر جي شاطرانه شخصيت ۽ ورڪر جي ايماندارانه شخصيت هڪ ئي سُبڪي ۾ ظاهر ٿي وئي آهي. شاعر جو چوڻ آهي ته پبلڪ ۾ ليڊر جي اهميت يا لڄ جو جيڪو ڀرم آهي، سو صرف ورڪر جي محنت سببان آهي. اهو مطلب تمام خوبصورت انداز ۾ ادا ٿي سگهيو آهي. مجيدي جي هڪ نظم ”ٻاٻيھن سان ٻول ڪريون ڪي“ جي هر بند ۾ اهڙي ڳالهه مھارڪ انداز ۾ چيل آهي.
پنھنجائپ ۾ پنھنجا ويجها،
ڍاٽي ڍول پٽول ڪريون ڪي.
*
قوم مٿان سر گهورڻ وارا،
پيدا اول، اڏول ڪريون ڪي.
*
فھم فراست محنت سان ئي،
سانگا سانگي سٽول ڪريون ڪي. (6)
محمد خان مجيدي پنھنجي شاعريءَ واري فن ۾ پنھنجي طرز جو يڪتا استاد آهي. هن جي ڪلام جو تاثير توڙي فني انداز ۾ آمريڪا جي شاعر، والٽ وٽمين، جي شاعري سان گهڻي مشابھت رکي ٿو. اهو حسن اتفاق چئبو جو مجيدي ۽ وٽمين جي فن توڙي زندگي ۾ ڪيتريون هڪجھڙايون ملن ٿيون. سندن مشاهدي ۽ تجربي ۾ اهم آهنگي ڏسڻ ۾ اچي ٿي. پنھنجي عملي زندگي جو آغاز ٻنھي شاعرن هڪ استاد جي حيثيت ۾ ڪيو. هو اُميدون پوکڻ ۽ ورهائڻ وارن شاعرن مان هو. هن جي شاعريءَ ۾ مزاحمت ملي سگهي ٿي، پر نراسائي ڳولڻ سان به نه ملندي.
باقي نه هتي باقي نه رهيو، ارغون نه ڪو ترخان رهيو،
هت سنڌ رهي، مھراڻ رهيو ۽ سنڌي مرد مھان رهيو.(7)
*
قومن تي ڪن وقتن تي، ڪي مشڪل ڏينھن به ايندا آهن،
مشڪل ٽارڻ ڪارڻ ميدانن ۾ شينھن به ايندا آهن. (8)
ٻوليءَ جي هڪ تخليقڪار طور هُن جي سڄي شاعريءَ ۾ محبت، عظمت ۽ خدمت سڀ ڪجهه آهي.
(الف) محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ جو اڀياس:
محمد خان  اسلوب نج عوامي آهي، هن جي شعرن منجهان مينھن وٺي کان پوءِ ڌرتيءَ مان ايندڙ هڳاءُ ايندو آهي، هن جو شعر پڙهندي هر عام ماڻهوءَ کي ائين ڀاسندو آهي ته هو به اهڙا شعر چئي سگهي ٿو، پر جڏهن ڪوشش ڪبي ته پروڙ ٿيندي ته اهڙي شعر جي تخليق ايڏو آسان ڪم ناهي. اهڙي شعر جي تخليق لاءِ ڌرتي ۽ ڌرتي واسين سان اڻ ميو پيار ۽ سُٻنڌ رکڻ پھر ين شرط آهي. ٻي ضروري ڳالهه پنهنجي قومي تاريخ جو مطالعو، ٻولي ۽ لغت جي ڪامل ڄاڻ رکڻ به ضروري آهي. ٽين اهم ڳالهه شعر چوڻ جو هنر آهي. حليم باغي هڪ ڪچھري ۾ چيو ته: ”شعر جي تخليق لاءِ ڀانُ ( خيال)، لانُ (سُٻنڌ) ۽ ڏانءُ (هنر) ضروري عنصر آهن.
محمد خان مجيديءَ جي سڄي شاعريءَ ۾ خيال، مقصد ۽ هنر ٽئي هڪ ٻئي سان ڳتيل ۽ پوئيتل آهن.
عوامي ٻولي:
محمد خان مجيديءَ جي شعر جي ٻولي عوامي آهي. هو عام محاورو استعمال ڪري ٿو، ڇو ته سندس مخاطب سنڌ جو عوام آهي، هن جي شاعري جو مرڪز پورهيت طبقو ۽ وطن دوست ماڻهو آهن، هو سادن لفظن ۾ مشڪل کان مشڪل ڳالهه ڪري وڃي ٿو.
جھڙوڪ:
ڏانگي توتان ڏنگ نه چيٺيو، ويترُ چھٽايا تو نانگ،
نانگ ته هڪڙو ڏنگ هنيو ٿو، پر ڏانگي تنھنجا ڏهه ڏهه ڏنگ. (9)
مسيحا جي علاج ڪرڻ بدران وڌيڪ زخم ڏيڻ وارو اهو مثال ان کان وڌيڪ سولو ۽ سھنجو نٿو ٿي سگهي.
1. ماڃر جي خوشبوءِ: هن جي شعر ۾ سڄو ماڃر جو ملڪ جهلڪا پيو ڏيندو. هڪ نظم ”ڪڇڻ  پڇڻ منھنجو بند“ ۾ مجيدي صاحب  چوي ٿو ته:
پاٻوڙا پوشاڪون تن جون،
گوڏ ۾ جن جي آهن گند.(10)
هن جي شعر ۾ ڪينجهر جون لھريون آهن.
جھڙوڪ:
سمي سلطان کي نوري، بنايو ڄام ڪينجهر جو،
وڌايو ڄام ۽ نوري، نزاڪت نام ڪينجهر جو. (11)
2. شعري موسيقي: محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ غنايت جو عنصر اُتم صورت ۾ موجود آهي، موسيقي جو اهو رنگ اُڌارو ڪونھي، پر لوڪ راڳ جو رنگ هن تي حاوي آهي، بلڪل ائين، جيئن اسان جون مائرون پنھنجي ٻارن کي لولي ڏينديون آهن. جيئن جيجي زرينه جا ڳايل لوڪ گيت هجن:
جھڙوڪ:
منھنجي ٻارڙي کي لوڏو ڏيو،
آءٌ پاڻيءَ تي ٿي وڃان!
هن کوهر جو کارو پاڻي،
مٺي تي ٿي وڃان.    (لوڪ گيت)
*
ساڳي ريت ساڳئي ڪمال سان مجيدي چوي ٿو ته:
ڪنهن جو ڪان نه ڪيرائيندو،
هاڻ قطارن مان ڪا ڪونج،
ڪونجون ڪوٽن منجهه ڪڙائي،
قيد نه ڪندو ڪوئي سنڌ.(12)
محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ لوڪ موسيقي جو رنگ غالب نظر اچي ٿو.
جھڙوڪ:
مٽي منھنجي مٽي آهي،
جنھن ۾ سنڌو چٽي آهي.
*
مٽي مٽيان مورئون ڪين،
هن جي اُلفت ڀائيان دين.(13)
هو ساڳئي لئي ۽ جهونگار سان چوي ٿو ته:
اڄ دودن، جوڌن، ارڏن جي،
ڪنھن تاب تنون جي ڳالهه نه آ.
*
هي ڳالهه جمھور جي ڌاڙن جي،
ڪنھن فر فرعون جي ڳالهه نه آ. (14)
مجيديءَ جي شاعريءَ جي موسيقي سنڌ جي لوڪ موسيقيءَ جي رنگ ۾ رنڱيل آهي، ”اهائي بنيادي موسيقي آهي، جنھن جي آڌار تي موسيقي جا سمورا رنگ جُڙيا آهن. ’ازرا پائونڊ‘ لکيو آهي ته: شعر جو هڪڙو نمونو اهڙو آهي، جيڪو اُن ٻوليءَ جي، نه ڄاڻوئن جي ڪنن تي به پوي ته هُو ان ۾ لفظن جي موسيقيت/ غنايت کي محسوس ڪري سگهندا.“ ساڳيءَ ريت محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ لفظن جي رواني ۽ غنايت کي صاف محسوس ڪري سگهجي ٿو.
جھڙوڪ: ”مينھن وريو“ مان ڪجهه سٽون هن ريت آهن:
دنگ دڙا، گهاٽ گهڙا، ٿاڪ ٿڙا تار ترن،
ٿاڪ رسيو ڄاڻ ٿريو، مينھن وريو ڪار ڪري.

يار اچو هر کڻي، ريج ڪيا مينھن ڪڻي،
ٻج ڇٽيو ڌن ڌريو، مينھن وريو ڪار ڪري. (15)
مرڪب لفظن جو واهپو:
محمد خان مجيديءَ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪيترائي لفظ مرڪب ڪري ڪتب آندا آهن. مرڪب لفظن جي واهپي بابت سڳن آهوجا، نارائڻ شيام جي شعري مجموعي روشن ڇانورو جي مھاڳ ۾ لکيو آهي ته:
”سنسڪرت، هندي توڙي انگريزي ٻوليءَ جي شاعرن وٽ ٻن يا ٻن کان وڌيڪ لفظن کي پاڻ ۾ گڏي نوان مرڪب لفظ ٺاهڻ جو رواج عام آهي. انھيءَ رواج انھن ٻولين کي وڌيڪ مائيدار بنائڻ ۾ هٿي ڏئي، جن خيالن ۽ جذبن جي اظھار لاءِ ٻوليءَ کي وڌيڪ رنگين ۽ وسيع بڻايو آهي.“(16)
محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ جو اڀياس ڪنداسون ته هن وٽ به ساڳي روايت نظر ايندي.
جھڙوڪ: نظم ”هونداسون گڏ“ ۾ چيو اٿس:
ٿيندا ڪم آسان جڏهن هت،
مارو خوش خندان جڏهن هت.
يا جيئن نظم، ”ڏي جواب!“ ۾ چيو آهي ته:
ڀل ڀيلي قوم جا تو،
هاءِ ڪيا ڀيلاڙ ڀينگ.
جھڙوڪ: نظم ”هي تان ٿاڻو بولا خان“ ۾ چيو آهي ته:
ڪجي پاڻي هڪڙي هنڌ، ڪو جوڙي شاهي بند،
پکڙن پوکون ڪڻڪ ڪمند، بنجن موڙيون رستا رند. (17)
يا هي نظم، ”سارين جو رونبو“ ۾ هن چيو آهي ته:
اوڙي پاڙي ساڻ وهن ٿا، گڏجي آبت وارن سان هو،
آبت وارن جي ڪن آجيان، دهلن ۽ يڪتارن سان هو.
*
ٿورا مور نه ٿورا چئجن، ٿورن لک هزارن سان هو،
گلڙا گلڙا ڄاڻ سجايا، رهندا گل گلنارن سان هو.
*
سمجهي سرچي سرکا ٿيندا، ڪامورن ڪمدارن سان هو،
پاڻيھي سي پورا پوندا، زوراور زردارن سان هو.(18)
جھڙوڪ: پاڻ نظم ”چونڊيو سو اڳواڻ“ ۾ چيو اٿس ته:
هي جو ڪامل ڪشتي بان،
چونڊي چونڊيون سو اڳواڻ.
جھڙوڪ: نظم ”پنھل جا پيرا“ ۾ سھنجي ۽ اهنجي صورتحال جي ڀيٽ ڪندي چوي ٿو:
اهي سکن جون بھار بستيون،
ڏکن جا ديرا اڃا به اڳتي.
*
اهي نه اُڏامي لڳن ٿيون ڪڪريون،
ڇڙاڪ ڇيرا اڃا به اڳتي.
*
اهي ڀلايون ڪندا اچن ٿا،
ڀلا ڀليرا اڃا به اڳتي.(19)
مٿين مثالن مان ”خوش خندان“، ”ڀيلاڙ ڀينگ“، ”رستا رند“، ”يڪتارن“، ”گل گلزارن“، ”ڪامل ڪشتيبان“، ”بھار بستيون“، ”ڇڙاڪ ڇيرا“ ۽ ”ڀلا ڀليرا“ مرڪب لفظ آهن، جن کي تمام خوبصورتيءَ سان محمد خان مجيديءَ پنھنجي شعرن ۾ سمويو آهي.
ڪوجهن لفظن ۾ حُسن جي اوت ڏيڻ:
شاعريءَ جي تقاضا آهي ته ان ۾ نفيس، سھڻا ۽ سلوڻا لفظ ڪتب آندا وڃن، پر سنڌ جي ڪلاسيڪي شعر ۾ اُگرا لفظ به استعمال ٿيا آهن، پر اهي انهيءَ ڪمال حُسن سان شعرن ۾ جڙيا ويا آهن، جو شعرن ۾ چُنريءَ جا لاک رتا رنگ اچي ويا. اِهو ڪمال شاهه لطيف جي ذهني پورهئي جو آهي، جو هن ڪوجهن لفظن کي به حُسن عطا ڪيو آهي.
ڪاريون، ڪوجهيون، ڪُوڙيون، مور نه موچاريون.
*
اڳي اُٺ رڙن، مون ڀيري ماٺ ٿي.
*
کاڄ جن جا کڳيون، مال جن جا مڏ،

سمي سي ئي سيڻ ڪيا، هيڻا جن جا هڏ،
جام پرتئي لڏ، ساٽين جي سيد چئي. (20)
لطيف سائين کان پوءِ شيخ اياز، نارائڻ شيام ۽ ٻين به اهڙا غير شاعراڻا لفظ پنھنجي شاعريءَ ۾ ڪتب آندا آهن ۽ انھيءَ سُندرتا سان گڏ، جو اهي لفظ جَرڪي اُٿيا آهن. ساڳيءَ ريت محمد خان مجيديءَ به پنھنجي شاعريءَ ۾ اهڙن لفظن جو ساڳيءَ ريت واهپو ڪيو آهي.
جھڙوڪ:
ناني نوري تنھنجا گندرا،
گوندر ۾ ٿا ڪن گذران،
پاٻوڙا پوشاڪون جن جوب،
گوڏ ۾ تن جي آهن گند.(21)
پنھنجي نظم  ”جيئي جيئي شاهه ڀٽائي“ ۾ وري هيئن به چوي ٿو ته:
هيءَ جا ڇاڇر ڇڇ، ڏسين ٿو،
رنڊيا تنھن ۾ رڇ ڏسين ٿو.(22)
پنھنجي نظم  ”ساڍي ست ورهي ٿي پوري “ ۾ وري هيئن به چوي ٿو ته:
گندي ساڳي، گوڏ به ساڳي،
لاکيڻن جي لوڏ به ساڳي،
گپ به ساڳي ترڪڻ ساڳي،
ڦاهي ساڳي سرڪڻ ساڳي.
گهٽ به ساڳيا گهيڙ به ساڳيا،
مارڻ وارا ميڙ به ساڳيا،
ساڳيو لنبوسي لنگوري،
ساڍي ست ورهي ٿي پوري.(23)
هنن شعرن ۾ گند، پاٻوڙا، ڇاڇر، ڇڇ، رڇ، گوڏ، گپ، ترڪڻ، ڦاهي، سرڪڻ، لنبوسي ۽ لنگوري غير شاعراڻا لفظن آهن، پر اهي لفظ شعر کي سگهارو بڻائين ٿا ۽ هڪ تُز مفھوم ۽ پيغام ڏين ٿا.
سگهڙن وارو فن:
محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ سنڌي لوڪ ادب جو حسن ڪٿ ڪٿ وڌيڪ جهلڪا ڏي ٿو، ان ڪري چئي سگهجي ٿو ته هن تي لوڪ ادب جو اثر ڪجهه وڌيڪ نظر اچي ٿو، هن جو هي نظم، لوڪ ادب جي ”عاقلاڻي قولن“ جھڙو آهي، نظم هن ريت آهي:
پورهيت جي ٻانھن ۾،
اڀرن جي دانھن ۾،
سارو سنسار آهي.
*
سخي جي ماني ۾،
يار جي يارانيءَ ۾،
خُدا جو پيار آهي.(24)
سنڌي اصطلاح، ترڪيبون ۽ تشبيھون:
محمد خان مجيدي جي شاعريءَ ۾ سنڌي پھاڪا، اصطلاح، ترڪيبون ۽ تشبيھون اوج تي نظر اچن ٿيون. هن سنڌي نظم کي ٺيٺ عوامي سنڌي لھجو ڏنو آهي. هاريءَ جي پُٽ ۽ اُستاد هئڻ واري حيثيت ۾ هن جو ڳوٺاڻو مشاهدو، هن جي شاعريءَ جو وڏو ڳڻ آهي. مٿان وري وطن دوستيءَ واري فڪر هن جي نظمن کي امر ڪري ڇڏيو آهي، اهو ممڪن آهي ته اڳتي هلي سندس شعري سٽون، پھاڪا، محاورا بڻجي سنڌي ٻوليءَ ۾ عام رواج ۾ اچن ۽ وڌيڪ سونھن پيدا ڪرڻ جو سبب بڻجن.
جھڙوڪ:
*  گهڻا گڏجن ڇپر کڄي، ڏنڊو کڄي پاڙي ڀڄي.
*  اڄ به هاري هاري آهي، اڄ به ٻني ٻئي جي ڪاهي.
*  ووٽ نه ملندءِ وڃ تون موٽي!
*  ڦڪيون ۽ ڦيڻا، عذاب ٻيڻا، اڃا به ڦٽ ڪي ڇُٽڻ جا ناهن.
تشبيھه ۽ استعارا:
محمد خان مجيدي تشبيھه ۽ استعارو ڏيڻ ۾ وڏي مھارت رکي ٿو:
سنڌ نه آهي مال غنيمت، ڀينڊ نه ڪنھن کي ڏينداسين،
سڏ وراڪو سو ته پري پر سينڍ نه ڪنھن کي ڏينداسين.(25)
*
محمد خان مجيدي پنھنجي هڪ نظم ”لکن جا هيرا“ ۾ شاهه لطيف کي ڀيٽا ڏيندي هيئن چوي ٿو:
لطيف تنھنجا لکن جا هيرا، اسان جي ليکڻ لُٽڻ جا ناهن،
ڏنا خزانا اسان کي تو جي، کڻون کپايون کٽڻ جا ناهن.(2 6   )
*
زندهه قومون گاج سان گڏجي گجگوڙن سان وهنديون آهن،
زندهه قومون لھريون بنجي لھنديون، لڙنديون چڙهنديون آهن.(27)
تشبيھه:
ٻالڪ ڄڻ ڪو نازڪ ٻوٽو، پوڙهو ڄڻ ڪو سکڻو سوٽو،
مست جواني آهي يارو! ڄڻ ڪو تيز هوا جو جهوٽو.(28)
محمد خان مجيدي جي شاعريءَ ۾ استعارا به حسين آهن ته تشبيھه به خوبصورت آهي، ٻار کي نازڪ ٻوٽي ۽ جواني کي هوا جي تيز جهوٽي سان تشبيھه ڏيڻ هڪ سھڻو مثال آهي.
هن جي وڌيڪ تشبيھن جا ڪجهه مثال هيٺ شعرن ۾ ڏسي سگهجن ٿا:
سيوهڻ سان جيئن سونھي لڪي،
ٽڪي چونڪي، پنجي ڇڪي،
يارو پنھنجي ياري پڪي.(29)
سماج کي نقصان ڏيندڙ فرد:
محمد خان مجيدي پنھنجي سماج کي هڪ رهبر جي صورت ۾ فائدو ڏيڻ جي روپ ۾ نقصان ڏيندڙ کي ’ڏانگي‘ واري تشبيھه ڏي ٿو.
ڏانگي تو ته ڏنگ نه چٺيو، ويتر چُھٽايا تو نانگ،
نانگ ته هڪڙو ڏنگ هڻي ٿو، پر ڏانگي تنھنجا ڏهه ڏهه ڏنگ.
سهڻي سنڌ:
هو وطن کي سھڻي، من موھڻي تشبيھه ۽ استعاري ۾ رنگين ۽ اڇي اُجري روپ ۾ ڏسي ٿو.
سائي سھڻي ۽ من مُھڻي، نيلي پيلي صاف سفيد،
رنگ رنگيلي، ڳاڙهي ڳوڙهي، ڳوري ڳوري منھنجي سنڌ.
*
اوت وجهي هي موٽ وجهن ٿا، ڦڙڪي دشمن ۾ ڦڙ ڦوٽ.
*
ٿانيڪي ٿر ڄائي ٿيندي،
ڏنجهه عمر کي ڏاڍا ڏيندي،
هوڪا ڏيندي هاڪاريندي،
ڦرڙا ڦوڳن تي چاريندي.(30)
*
کلندي ڪُڏندي کيڪاريندي،
روشن بتي ايندي ايندي،
ڏيندي وڻ وڻ کي واڌائي،
جيئي جيئي شاهه ڀٽائي.
*
پاڻمرادو حق نه ملندو، حق وٺڻ لئه مڙسي گهرجي،
حق نه غاصبن موٽائي، ان حال ۾ ان کان زوري ڦرجي.
*
قومن آڏو شاهه جهڪن ٿا، قومون تن جا ڪنڌ مٿي،
شاهه سفر ۾ ٿڪجي ويھن، 
قومون تن جا پنڌ مٿي.(31)
*
ڪير کٽي يا هارائي پر،
ڪين محبت کائي مات.
”ڀينگا پاڙا ڀيلي“ اچڻ واري تشبيھه رات جي رولاڪ مڙسن لاءِ ڏاڍو سھڻو مثال آهي.
نينگر ويٺي نيڻ ٽمائي، ڪانڌ اچي ٿو ڪھڙي ويلي،
آڌي ٽاري اسري آئيو، ڀينگا پاڙا سارا ڀيلي.(32)
”ڏانگي“ جي تشبيھه لطيف جي ڪويڄ جھڙي آهي، جڏهن ته مارئي جمھوريت ۽ آزادي جو اهڃاڻ آهي.
همت:
محمد خان مجيديءَ جي شاعريءَ ۾ اُميد جا سوين سورج نظر ايندا، هو همت ڏيندڙن مان هو. ان ڪري هن جي شاعريءَ ۾ نراسائيءَ ڪونھي، ڪٿي ڪٿي سماج تي تنقيد ضروري آهي.
ڳوٺاڻي منظرنگاري:
محمد خان مجيدي هڪ يگاني انداز جو شاعر هو. هن وٽ لفظ اکٽ آهن، جن ۾ تجنيس ۽ ترنم سان گڏ منظر به آهن. هن جي نظمن جا ڪي ڪي بند ته منظر نگاريءَ جا شاهڪار آهن، ڄڻ ڪنھن چترڪار ڪينواس تي انيڪ رنگ پکيڙي ڇڏيا هجن ۽ اهي سمورا رنگ سنڌ جي سونھن جا انڊلٺ وانگر ٿا لڳن.
جھڙوڪ:
جهومر ۽ جهونگار جمالي ساڻ، اچي پيو پنھنجو راڄ،
هٿن هارين، مزدورن جي ڦڙڪن جهنڊا ڦڙڪيدار،
جيئي سھڻي، جيئن مينھون، جيئي مينھن جو ميھار.
*
راڄ سڄو ويو رونبي تي، گهر خالي خالي ٻارن سان هو،
باقي پويان پوڙهيون پھتيون، ماني لسي پارن سان هو.(33)
*
سلا ڀلا ساوا ساوا، ٻارا سڀ ٻيجارن سان هو،
هٿ جا باغ لڳائن هاري، آڱوٺي جي آرن سان هو.
*
اوڙي پاڙي ساڻ وهن ٿا، گڏجي آبت وارن سان هو،
آبت وارن جي ڪن آجيان، دهلن ۽ يڪتارن سان هو.(34)
”هنن شعرن ۾ ائين لڳي ٿو ڄڻ ڪا کيپ کٽي ڪري پنھنجو راڄ، جمالو ڳائيندو، نچندو پيو اچي ۽ هنن جي هٿن ۾ جهنڊو ڦڙڪي رهيو آهي.“
”سارين جي رونبي جو ٻھراڙيءَ جو منظر جنھن ۾ سڄو گهر، عورتون ۽ مرد رونبو ڪرڻ لاءِ کيتن ۾ وڃن ٿا، پويان گهر خالي پيا آهن، پوڙهيون پويان لسي ماني کڻي پھچن ٿيون. آبت جي سڏ ۽ آجيان جا منظر ۽ پوک جا منظر آهن.“
وسڪاري کان پوءِ وارو ڳوٺاڻو منظر:
ڇنن ۾ ڇيليون چرن اڪيليون،
سٻر سھيليون، اُٿن سويليون،
ڪري صفائي، ڌُئن ٿيون ڪپڙا،
رڌين ڪوٽا، چپن تي چپڙا،
هليون هلايون، مليون مٺايون،
وٺـي جـون وايـون سـدا سـڻايـون. (35)
طوفان کان پوءِ وارو منظر:
سن 1995ع جي سامونڊي طوفان تي لکيو اٿس، جنھن ۾ سوين مھاڻا سمنڊ ڳڙڪائي ويو ۽ سوين ڳوٺ برباد ٿي ويا.
ڏسي ڪو ته جاتي جي ڇاتي کي کولي،
ڪو ڳوٺن ۽ پوٺن ۾ لاشن کي ڳولي.
*
سُتي لوڪ ڳوٺن تي پاڻي چڙهي ويو،
سڄو کارو آفت ۾ اڙجي اڙي ويو.
*
هو رحمان ڌانڌل، جي بستي ڏسي ڪو،
ڪٿي موت ڪيڏي نه مستي ڏسي ڪو.(36)
سمورا عظيم شاعر پنھنجي تاريخي روايتن جا امين هئڻ سان گڏوگڏ ڪن نين روايتن جو بنياد وجهندڙ پڻ هوندا آهن. هو ڪجهه نوان لاڙا، ڪجهه نوان تجربا ضرور متعارف ڪندا آهن، هنن جا موضوع اڇوتا هئڻ سان گڏ ماضيءَ سان تسلسل رکندڙ ضرور هوندا آهن. هونئن به عظيم شاعريءَ وسڪاري کان پوءِ پنھنجي ڌرتيءَ مان اوڀڙ کائي اُڀرندي آهي، جنھن شاعريءَ جون پاڙون ڌرتيءَ ۾ نه هجن، ان کي ڀرپور عوامي موٽ نه ملندي آهي. سنڌ جي سڄي ادب [لوڪ ۽ جديد ادب] جون پاڙون سنڌ جي گهڻ رنگي سماج مان ريج وٺن ٿيون.
سڄي قومي ادب جون پاڙون پنھنجي تاريخي ۽ ثقافتي اتھاس منجهه کُتل آهن ۽ ان کي مناسب آبياري به ملندي رهي آهي. تاريخ ٻڌائي ٿي، ته جيڪو سماج وڏو شاعر ڄڻيندو آهي، ان قومي سماج ۽ ان جي ثقافت امر رهندا آهجن. ان ريت چئي سگهجي ٿو ته هر وڏو شاعر، ٻوليءَ سان گڏ وطن ۽ وطن واسطي ڀرجهلو هوندو آهي ۽ پنھنجي قومي سماج لاءِ امرتا جو پيغام ڏيندڙ پڻ هوندو آهي. اهي قومي سماج وڏا ڀاڳوندا هوندا آهن، جن کي هر سطح تي قدرت [سماجي هلچل ۽ ذهني مھي ولوڙ] پاران شاعر ملندا آهن، جيڪي هنن جي ڏکن ۽ سُکن جون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ تمام وڏيون ڳالهيون [ترقي، تبديلي ۽ انقلاب جون ڳالهيون] آسان ۽ عام فھم لفظن ۾ ڪندا آهن. ان ريت اهي شاعر نه رڳو پنھنجي سماج جا ترجمان هوندا آهن، پر قومي آئيندي (Future)   جا معمار پڻ هوندا آهن.
تت:
محمد خان مجيدي سنڌ جي لاڙ پٽ جو هڪ عاليشان ۽ اُتم فڪر رکندڙ جديد دؤر جو انسان هو.  هن جي ڪلام ۾ ڳوٺاڻا منظر، ڳوٺن جا ڏُک، قومي هاڃان ۽ ٻيون انيڪ احساس جا عڪس سندس ڪلام ۾ جابجا ملن ٿا. ان جي ابٽار هن مقالي ۾ مناسب نموني پيش ڪيل آهي. اڄ جي سنڌ ۽ سڀاڻي جي سنڌ ۾ سندس ڪلام وڌيڪ سچيتائي سان ماڻهن ۾ پنهنجو فڪر پکيڙيندو ۽ هڪ وڏي فڪري ڪينواس تي انڊلٺي رنگ اوتيندو ويندو.
حوالا:
1. شمشير الحيدري: ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“، حيدري انسٽيٽيوٽ لٽريچر ائنڊ آرٽس ڪراچي، سال 1987ع، ص 21
2. شمشير الحيدري: ”سنڌي آزاد نظم جي اوسر“، حيدري انسٽيٽيوٽ لٽريچر ائنڊ آرٽس ڪراچي، سال 1987ع، ص 46
3. باغي حليم: ”غزل“ (اڻ ڇپيل) جو مطلع
4. مجيدي محمد خان: ”مٽي منھنجي مٽي آهي“، ارشاد ساگر پبليڪيشن، سجاول، سال 2000ع، ص 379 ۽ 380
5. ساڳيو، ص 224
6.  ساڳيو، ص 130-131
7.  ساڳيو، ص 379
8. ساڳيو، ص381
9.  مجيدي محمد خان: ”جاري رهندي جنگ“ (قلمي بياض) تان ور تل.
10.  مجيدي محمد خان: ”ڪڇڻ پڇڻ منهنجو بند“ قلمي بياض تان ورتل.
11. مجيدي محمد خان: ”مٽي منھنجي مٽي آهي“، ارشاد ساگر پبليڪيشن، سجاول، سال 2000ع، ص 106
12. ساڳيو، ص 118
13. ساڳيو ، ص 39
14. ساڳيو ، ص 166
15. ساڳيو ، ص 205
16.  آهوجا سڳن، مهاڳ ”روشني ڇانورو“ (نارائڻ شيام جي شاعريءَ جو مجموعو) بمبئي ڪهاڻي پبليڪيشن.
17.  مجيدي محمد خان: ”مٽي منھنجي مٽي آهي“، ارشاد ساگر پبليڪيشن، سجاول، سال 2000ع، ص 179
18. ساڳيو ، ص 180-181
19. ساڳيو ، ص 88-89
20. آڏواڻي ڪلياڻ: ”شاهه جو رسالو“ سُر ڪاموڏ، داستان پهريون، بيت 8.
21. مجيدي محمد خان: ”مٽي منھنجي مٽي آهي“، ارشاد ساگر پبليڪيشن، سجاول، سال 2000ع، ص 79
22. مجيدي محمد خان: ”جيئي جيئي شاهه ڀٽائي“، (قلمي بياض)، سال 1978ع
23. مجيدي محمد خان: ”ساڍي ست ورهي ٿي پوي“ (قلمي بياض) تان ورتل.
24. مجيدي محمد خان: ”مٽي منھنجي مٽي آهي“، ارشاد ساگر پبليڪيشن، سجاول، سال 2000ع، ص 238
25. ساڳيو ، ص 378
26. ساڳيو، ص 368
27. ساڳيو، ص 372
28. ساڳيو، ص 374
29. ساڳيو، ص 210
30. مجيدي محمد خان: ”جيئي جيئي شاهه ڀٽائي“ (قلمي بياض)، سال 1978ع
31. مجيدي محمد خان: ”مٽي منھنجي مٽي آهي“، ارشاد ساگر پبليڪيشن، سجاول، سال 2000ع، ص 379
32. ساڳيو ، ص 381
33. ساڳيو، ص 180
34. سا ڳيو.
35. ساڳيو ، ص 308
36. ساڳيو ، ص 316.

12 ڀيرا پڙهيو ويو