Image

ايڊيٽوريل


سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ءَ پاران ڇپجندڙ ٽماهي ”سنڌي ٻولي“ جرنل پنهنجي ٻئي جنم جا چار سال مڪمل ڪري پنجين سال ۾ پير پائي چڪو آهي. پوين چئن سالن ۾ هن جرنل سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي ميدان ۾ ڪيترائي اهم موضوعن تي لکيل مضمون ۽ مقالا شايع ڪري نه صرف اڳ ۾ ڪيل تحقيق کي پڌرو ڪيو آهي، بلڪ انهيءَ سلسلي کي اڳتي وڌائڻ ۾ نه پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي. سنڌ ۾ سنڌي ٻوليءَ ۽ لسانيات سان لاڳاپيل موضوعن، جھڙوڪ، گرامر، صورتخطي، لغت نويسيءَ، ٻوليءَ جي تاريخ، لهجن ۽ ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجيءَ جي حوالي سان سنڌيءَ کي درپيش مسئلن ۽ انهن جي حل لاءِ تمام پرمغز مقالن ۽ مضمونن سان گڏ ساڳين موضوعن تي هند ۾ ٿيندڙ بحث مباحثن بابت پڻ مقالا ۽ مضمون شامل ڪيا ويا آهن . ان کان سواءِ هن ۾ سنڌ ۽ هند ۾ سنڌي ٻوليءَ کي درپيش چئلينجن ۽ خطرن جي حوالي سان پڻ عالمن ،اديبن وقت بوقت پنهنجن خيالن جو اظهار پئي ڪيو آهي.
سنڌي ٻوليءَ کي قومي قرار ڏيارڻ لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ نه صرف اُن جو ڪيس ٺاهي حڪومت کي پيش ڪيو، ۽ ان تي سيمينار ۽ گڏجاڻيون ڪرايون، پر انهن ۾ پڙهيل مقالن کي پڻ ’سنڌي ٻولي ‘ جرنل ذريعي پڌرو ڪيو ته جيئن هڪ طرف ارباب اختيار جو ڌيان ڇڪائجي ته ٻئي طرف عام ماڻهو پڻ انهيءَ تحريڪ جي باري ۾ ڄاڻ حاصل ڪن . اهڙيءَ ريت سنڌي ٻولي جرنل ، سنڌي ٻوليءَ جي سکيا، استعمال ،ترقيءَ ۽ ڦهلاءُ وارن مقصدن حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ اميد ته آئيندي به ڪندو رهندو.
ڊاڪٽر فهميده حسين
چيف ايڊيٽر


فهرست


سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هِي شمارو صرف PDF ۾ ئي موجود آهي

ڊائونلوڊ ڪريو