Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻولي جرنل جو هي پرچو 2012ع جو آخري پرچو آهي، جنهن ۾ پڙهندڙ کي موضوعن جي گهڻائي نظر ايندي، هن جرنل جي شروع ڪرڻ مهل عام خيال اهو هو ته ٻوليءَ جي اداري جو جرنل هئڻ ڪري هن ۾ صرف ٻوليءَ ۽ لسانيات جي حوالي سان مضمون ۽ مقالا ڇپجڻ گهرجن، پر پوءِ وقت ۽ تجربي ثابت ڪيو ته سائنس، ڪمپيوٽر، سوشل سائنس، مذهب، موسيقي ۽ ٻين اهڙن مضمونن جي باري ۾ لکڻ مهل ٻوليءَ جي درست استعمال سان گڏوگڏ خود انهن مضمونن جو سنڌيءَ ۾ لکجڻ به هڪ اهم معاملو آهي، جنهن کي نظر انداز نٿو ڪري سگهجي، ان ڪري فيصلو ڪيو ويو آهي ته اهڙا سمورا موضوع پڻ هن جرنل جو حصو ٿي سگهن ٿا. سنڌي ٻوليءَ بابت يا ان ۾ سنڌ سان گڏ هند ۾ لکجندڙ تحريرون پڻ اسان جي دائري ۾ اچن ٿيون ، ان ڪري ڪوشش ڪئي اٿئون ته سرحد جي هن پار جون لکڻيون به شامل ڪجن . اهڙيءَ ريت هن جرنل کي وڌيڪ گھڻ رُخو ۽ وسيع بنايو ويو آهي.
اسان کي اميد آهي ته پڙهندڙن کي اها تبديلي پسند ايندي ۽ لکندڙن کي پڻ مختلف موضوعن تي لکڻ جو موقعو ملندو.
ڊاڪٽر فهميده حسين
چيف ايڊيٽر


فهرست


سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هِي شمارو صرف PDF ۾ ئي موجود آهي

ڊائونلوڊ ڪريو