Image

ايڊيٽوريل


هي سال تبديلي ءَ جو سال آهي ، حڪومت جي تبديلي ماڻهن جي ۽ پاليسين جي تبديلي-ڏسجي ته اها تبديلي ۽ نواڻ اسان تي ڪهڙا اثر ٿي ڇڏي اميد ۽ دعا ٿي ڪجي ته سنڌي ٻوليءَ ۽ هن اٿارٽيءَ لاءِ اها تبديلي مثبت ۽ خوش آئند هوندي گذريل دور ۾ اٿارٽيءَ ۾ جيڪي به ڪم ٿيا، انهن بابت فيصلو تاريخ ڪندي، پر اسان کي اهو مڃڻ گھرجي ته سن حڪومت جي ثقافت کاتي جي وزير ڀيڻ سسئي پليجو نه صرف سڄي کاتي کي پيرن تي رکيو ۽ ڏينهن رات ڪم ڪيو ،پر لئنگئيج اٿارٽي ءَ سان ڀرپور سهڪار ڪيو ، بنا ڪنهن مداخلت جي آزاديءَ سان ڪم ڪرڻ ڏنو ۽ جتي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجھه ڪرڻ جي ضرورت پئي ،ان لاءِ هميشه اڳڀري رهي. سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي قرار ڏيارڻ لاءِ سنڌي لئنگئيج اٿارٽي ءَ جي مدد سان سائين ابراهيم جويي جي سربراهيءَ ۾ سنڌ جي عالمن، دانشورن ۽ اديبن تي مشتمل ’سنڌي ٻولي ڪميٽي’ جوڙي وئي. جنهن ان لاءِ نه صرف ڪاغذي ڪاروائي ڪئي ۽ بل جو ڊرافٽ تيار ڪيو ،پر عملي طور به ان لاءِ ڪوششون ڪيون ويون ۽ ويندي ويندي سنڌ اسيمبليءَ مان اهڙي بل جي حمايت ۾ ٺهراءُ به پاس ٿيو ۽ قومي اسيمبليءَ ۽ سينٽ ڏانهن موڪلڻ لاءِ ميدان تيار ٿيو. پاڪستان جي سياست جو اُٺ الائجي ڪهڙي پاسي ليٽندو،پر اسان جو عزم آهي ته پنهنجي حق لاءِ جاکوڙ جاري رهندي.
’سنڌي ٻولي‘ جرنل جو هيءُ پرچو تياريءَ جي آخري مرحلن ۾ هو ،ته سنڌ جي دانش جي سر موڙن مان، سنڌ جو هڪ عاشق، سراج(سراج الحق ميمڻ) اسان کان موڪلائي ويو ،جنهن جو ڏک هڪ ڀيڻ جي حيثيت ۾ منهنجو ذاتي ڏک ته آهي ئي، پر اهو سنڌ جي ساڃهوند طبقي جو به اوتروئي گھرو ڏک آهي، ڇو جو هن جي قلم سنڌ، سنڌي ماڻهن ۽ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان جيڪي ڪجھه لکيو، اهو هڪ تاريخ ته آهي پر سنڌي ٻوليءَ بابت سندس سائنسي انداز ۾ڪيل تحقيق، سڄي سنڌ کي فخر مند ٿيڻ لاءِ سبب ڏنو ته اسان جي ٻولي هڪ بڻائتي،اصلوڪي ۽ خودمختيار ٻولي آهي، جنهن جيڪڏهن ڪنهن ٻي ٻولي کان ڪجھه ورتو آهي ته اُن کان وڌيڪ ٻين ٻولين کي ڏنو آهي، اُن ڪر هاڻي ان کي ڪوبه هِتان هُتان ورتل ندڻڪي ۽ به بي پاڙي ٻولي سمجھڻ جي غلطي نه ڪري جيڪي عالم ’سنڌولکت‘ تي ڪم ڪن، اُهي آريائي، دراوڙي ۽ سامي ٻولين ۾ ٽٻيون هڻي، ڪا اهڙي ڌاري ٻولي ڳولڻ بدران پنهنجي ڌرتيءَ ۽ اُن جي هزارين سال قديم تهذيب ۽ ثقافت ۾ اُن کي تلاش ڪن ته ضرور ڪامياب ٿيندا.
هن پرچي ۾ هميشه وانگي، سنڌي ٻوليءَ سان لاڳاپيل مختلف پهلوئن تي مضمون ۽ مقالا اميد ته پڙهندڙن کي پسند ايندا ۽ اهي اسان کي پنهنجي قيمتي راين کان ضرور واقف ڪندا.
ڊاڪٽر فهميده حسين
چيف ايڊيٽر


فهرست


سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هِي شمارو صرف PDF ۾ ئي موجود آهي

ڊائونلوڊ ڪريو