Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻولي ٻولي جرنل جو سال 2013ع جو ٻيو پرچو (اپريل- جون 2013ع ) توهان جي هٿن ۾ آهي . اسان جي ڪوشش ڪئي آهي ته هردفعي سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان نئون مواد ڏجي . اها روايت هن پرچي ۾ برقرار رکي ويئي آهي .هن شماري ۾ هند جي برک ليکڪ، اسڪالر ث۽ محقق ڊاڪٽر مرليڌر جيٽليءَ جو ، سنڌي گرامر جي پريوڳن (ڪرتري، ڪرمڻي ۽ ٿاوي پريوڳن) بابت اهم تنقيدي مقالو به ڏنو ويوآهي. ان ڏس ۾ تنقيدي ويچارن جي آجيان ڪئي ويندي اهڙيءَ ريت ”مشهور سياح هيملٽن جي نظر ۾ سنڌو ۽ سنڌ“ به هڪ اهم مضمون ترجمي جي صورت ۾ ڏنو ويو آهي ”گجرات ۾ سنڌي ٻاراڻي ادب“ جي اشاعت بابت ٻارن جي ليکڪ هوندراج بلواڻيءَ اسان کي انتهائي اهم معلومات فراهم ڪئي آهي. ”مائيڪروسافٽونڊوز8 ۾ سنڌي“ شبير ڪنڀار جو اهم سکيا ڏيندڙ مضمون به هن شماري ۾ شامل ڪيو ويو آهي . جنهن وسيلي ڪمپيوٽر ۾ سنڌيءَ جي انسٽاليشن سيکاري وئي آهي.اسان جي ڪوشش آهي ته شبير ڪنڀار جھڙن قابل ڪمپيوٽر ڄاڻڻ کان ’سنڌي سکيا جاوڊيوز‘ تيار ڪرائي ،سي ڊين جي صورت ۾ عام ڪجن ڇوته سڄيءَ سنڌ ۾ اهڙو ادارو ڪونه آهي ،جتي ”سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سکيا“ ڏني ويندي هجي. باقي مضمون پڻ شاهه لطيف، سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي حوالي سان معلومات ڏيندڙ آهن . سنڌ جي ليکڪن مان اڳتي به اميد آهي ته اسان کي نئون ۽ معلوماتي مواد مهيا ٿيندو رهندو،اسان جي ڪوشش آهي ته هن جرنل کي وڌ ۾ وڌ بهتر بڻايون ،جيئن پڙهندڙن لاءِ لاڀائتو ٿي سگهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين
چيف ايڊيٽر


فهرست


سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هِي شمارو صرف PDF ۾ ئي موجود آهي

ڊائونلوڊ ڪريو