Image

ايڊيٽوريل


پنهنجي پاران
’سنڌي ٻولي جرنل‘ جو هي پرچو ڪُجھه دير سان شايع ٿي رهيو آهي، سبب؟ ڪي اڻٽر حالتون، جن تي وس نه هليو ۽ مواد جي سهيڙ کان ايڊيٽنگ ۽ ڇپائيءَ جي مرحلن تائين وقت اينگھندو رهيو. بهرحال هي پرچو به اڳي وانگر ڪن تمام اهم موضوعن تي نون مضمونن سان گڏ ڪِن پُراڻن، وسري ويل مضمونن تي مشتمل آهي. جن بابت پڙهڻ، اڄ جي پڙهندڙن جو حق ٿئي ٿو، ان ڪري اميد ته مجموعي طور هي جرنل پڙهندڙن جي ڄاڻ ۾ واڌاري جو سبب بڻبو.
هي پرچو سال 2013ع جو آخري پرچو آهي انڪري ضروري آهي ته هن سال ۾ ادبي دنيا ۾ ٿيندڙ اهم واقعن جو ذڪر به ڪجي. سال جي شروعات ۾ سنڌي ٻوليءَ جو اهم ۽ ناليوارو اديب، محقق، ڪالم نگار، ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ ناول نگار سراج، پنهنجي وطن، ٻوليءَ ۽ ماڻهن لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري، سنڌ کي الوداع ڪري ويو، انکانپوءِ لاڳيتو سنڌي ٻوليءَ جا هند ۾ اهم اديب، شاعر، نقاد، محقق ۽ ڀلا انسان ”سندري اتم چنداڻي، ريٽا شاهاڻي، هريش واسواڻي، ٺاڪر چاولا“ پڻ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا. سال 2013ع جي پوئين مهينن ۾ سنڌ مان ڪامريڊ ميرمحمد ٽالپر، زيب ڀٽي، مددعلي قادري ۽ ابنِ الياس سومري جهڙا سنڌ جا سڄڻ ۽ اهم ليکڪ پڻ وڇڙا، جن سڀني سنڌي ٻوليءَ جي جھوليءَ کي پنهنجي تحريرن سان ڀري پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪيو.
هن سال جي آخري مهيني ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو هڪ نوجوان ڪارڪن ۽ صحافي قربان شيخ پڻ هڪ روڊ حادثي ۾ وفات ڪري ويو، جنهنکي هن اداري ۽ ٻوليءَ لاءِ اڃا گھڻو ڪُجھه ڪرڻو هو، پر کيس موت مهلت نه ڏني. ادارو انهن سڀني سنڌ جي سڄڻن جي وڇوڙي تي سوڳوار آهي ۽ دعاڳو آهي ته شال ايندڙ سال به سنڌ ۽ سنڌين خوشين جا سنيها کڻي اچي ۽ اهي ڪو ڏکيو ڏينهن نه ڏسن. آمين!
ڊاڪٽر فهيمده حسين


فهرست


سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هِي شمارو صرف PDF ۾ ئي موجود آهي

ڊائونلوڊ ڪريو