ايڊيٽوريل
پنھنجي پاران
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جو ڇماھي جرنل ”سنڌي ٻولي“ ٻيھر ڪجهہ تبديلين سان جاري ڪري رھيا آھيون. ھن کان اڳ اھو نالي ۾ تہ ڇماھي ھو پر گذريل ستن اٺن سالن کان ڪونہ ڇپيو آھي. پر جڏھن ڇپجندو بہ ھو تہ سال ڏيڍ ۾ مس وڃي ڪو پرچو نڪرندو ھو، انھيءَ جا ڪيئي ڪارڻ ٿي سگهن ٿا، جن ۾ وڃڻ نٿي چاھيان... پر ھاڻي ھن پرچي کي ترجيحي بنيادن تي ھٿ ۾ کنيو اٿئون ۽ ڪوشش ڪنداسين تہ ھاڻي اھو باقاعدگيءَ سان ڇپجي.
منھنجي اڳيان شاھہ عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي تحقيقي جرنل ”ڪلاچيءَ“ جو مثال، نمونو ۽ معيار آھي جيڪو مون لاڳتيو ڏھ سال جون 1998ع کان جون 2008ع تائين ايڊٽ ڪيو ۽ ان جا چاليھ پرچا شايع ڪيا، جن ۾ شاھ صاحب جي زندگيءَ، فڪر ۽ فلسفي سان لاڳاپيل ڪيترن ئي پھلوئن تي مقالا شايع ٿيڻ سان گڏوگڏ عمومي طور سنڌي ادب، ٻوليءَ، سماج ۽ ثقافت بابت پڻ سوين اھم تحقيقي ملقالا ڇپيا. ان ذريعي نہ صرف برک ۽ مڃيل محققن جي نئين تحقيق پڌري ٿي پر ڪيترائي نوان، نوجوان ليکڪ ۽ محقق سامهون آيا... ۽ اھو سلسلو ھلندڙ ڇڏي آئي آھيان. انھيءَ مثال کي سامھون رکي ”سنڌي ٻولي“ جرنل کي بہ اھڙو ئي معياري پرچو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي دائرہ ڪار ۾ ٻوليءَ سان لاڳاپيل مسئلا ۽ معاملا شامل آھن. ٻوليءَ ۽ ان جي علم يعني لسانيات جي مختلف شاخن ۽ موضوعن کانسواءِ ادب جي ٻولي، دفتري ٻولي، درسي ڪتابن جي ٻولي، سائنس جي ٻولي، سوشل سائينسز (سماجي علمن) جي ٻولي، ميڊيا جي ٻولي، سماج جي مختلف حصن ۾ ڳالهائجندڙ لھجا، محاورا، اصطلاح - ھر طبقي ۽ ھر شعبي جي ٻوليءَ جي سنڌي روپ بابت مقالا ۽ مضمون ڇاپيا ويندا جن ۾ تحقيق جي پھلوءَ کي اجاڳر ڪيو ويندو. مون کي اميد آھي تہ ھن ڪم ۾ سنڌ جا عالم، اديب، محقق، استاد، شاگرد ۽ عام پڙھندڙ مون سان ائين ئي تعاون ڪندا، جيئن اڳ ۾ ڪيو اٿن. اڳي جيان ھاڻي بہ نوجوان ليکڪن خاص ڪري تحقيقي حوالو سان لکندڙن جي آجيان ڪندس ۽ جتي بہ ڪنھن نئين ليکڪ، نوجوان محقق يا ايم فل، پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگرد جي مقالي ۾ سوڌ سنوار جي گنجائش ھوندي، اھا پڻ ڪندس تہ جيئن انھن جي رھنمائي ٿئي.
مقتدرہ قومي زبان جي سھڪار ۽ صلاح سان اردو، سنڌي ۽ ٻين پاڪستاني ٻولين جي تحقيقي جرنلن کي ھائر ايجوڪيشن ڪميشن (HEC) کان مڃتا ڏيارڻ لاءِ لکپڙھ ھلندڙ آھي، اميد تہ تمام جلد اھڙو اعلان بہ ٿيندو. ان ڪري ڪاليجن ۽ يونيورسٽين جي استادن ۽ ايم ايس/ ايم فل توڙي پي ايڇ ڊي ڪندڙڻ کي بہ فائدو ٿيندو.
سڀني پڙھندڙن کي گذارش آھي تہ ھن پرچي بابت پنھنجا رايا، مشورا ۽ صلاحون اسان کي ڏياري موڪلين جن جي روشنيءَ ۾ ان کي آئندي بھتر کان بھتر ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين.
ڊاڪٽر فھميدہ حسين
ايڊيٽر