ٻه-ٻوليائي سنڌي-اردو لغتن جو تجزياتي جائزو (1947-2022ع)
(An Analytical Review of Sindhi-Urdu Dictionaries (1947-2022))

ڊاڪٽر رياضت ٻُرڙو

Abstract:

1947 saw the emergence of Pakistan as a new nation. Urdu was subsequently designated as the country's official language, but other languages of its constituent entities, including Sindhi, Punjabi, Balochi, Pashto, and Bengali, were not projected as national languages. People of all the provinces of newly established country came into direct interaction with Urdu language. The government and linguists recognised the need to create and compile bilingual dictionaries with all regional languages in this context. In Sindh province, Sindhi was a widely spoken language which had the status of official language during British Period. Before the conquest of Sindh by Great Birtain, Sindh was under the Kalhora and then Talpur tribes. During that period, Urdu was also familiar to Sindhi people. Poets of Sindh, like Roohal Faqeer, Syed Sabit Ali Shah, Sachal Sarmast, Khalifo Nabi Bakhsh Laghari, Qadir Bakhsh Bedil, Deewan Soorat Singh, Hamal Khan Laghari, Muhammad Hussain Bekus, Ghulam Muhammad Shah Gada, Syed Misri Shah, Mir Abdul Hussain Sangi, Mirza Qalich Baig, Mir Ali Nawaz Khan Talpur and Hidayat Ali Najfi Tarik were among the famous poets who used Urdu as second language to express their thoughts and feelings. It was because many words from Arabic, Persian, Sanskrit, Hindi and Turkish languages were part of Sindhi language which were also used in Urdu language frequently, hence, the lexical similarities existed in both languages to the considerable extent.

In this given perspective, bilingual dictionaries of Urdu-Sindhi and Sindhi-Urdu languages were compiled and edited so as to bring the speakers of both the languages closer together. The first Urdu-Sindhi dictionary, titled “Naeen Urdu-Sindhi Lughaat” was published in 1950 and the first “Sindhi-Urdu dictionary” was printed in 1959 and thus two-way process to bring both languages closer to each other was started.

I have examined and provided a critical review of Sindhi-Urdu dictionaries published by 2022 in this article. During my critical examination, I have focused on the making of dictionaries with particular emphasis on presentation of meanings, pronunciations and grammatical information have been studied. This study use qualitative methodology and content analysis as its research instrument. This kind of research work is highly original in Sindhi language. This study will not only help improvise already published dictionaries but also inspire to find out and adopt new ways and methods for preparing qualitative bilingual dictionaries.

Keywords: lexicography, bi-lingual dictionaries, linguistic, lexicon.

 

سنڌ جي ادبي تاريخ جي مطالعي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌ تي ٽالپر حڪومتي دؤر (1783 - 1843ع) ۾ سنڌي ٻوليءَ جا شاعر اردوءَ ۾ به شعر چوندا هئا. ان مان پڌرو آهي ته انهن جو تعلق اردو ٻوليءَ سان تنھن وقت ئي جڙي چڪو هو ۽ اها ٻولي سنڌين لاءِ اوپري نه رهي هئي. سنڌ ۾ اها اوپرائپ ان ڪري به گهڻي محسوس نه ڪئي وئي هئي جو سنڌيءَ ۽ اردوءَ جا فارسي ۽ عربي ٻولين سان گھرا تعلق رهيا هئا، جيڪي سنڌ جي مدرسن ۾ صدين کان پڙهايون وينديون هيون، خاص ڪري فارسي ته سنڌ تي حاڪمن جي ٻولي رهي هئي ۽ ان کي لکپڙهه ۾ سنڌي ٻوليءَ تي فوقيت حاصل هئي. ٽالپر حڪومتي دَور کان پوءِ سنڌ تي انگريز حڪومتي دؤر (1743 - 1947ع) ۾ فارسي ٻوليءَ جي سرڪاري حيثيت ختم ٿي، ته فارسيءَ جي اهميت گهٽجڻ لڳي، پر سياسي سببن جي ڪري اردوءَ جو واهپو وڌڻ لڳو، جنھن سان سنڌ جا شاعر اردوءَ جي وڌيڪ ويجهو ٿيا. نامور عالم ۽ محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ سنڌ جي اردو شاعرن تي سھيڙيل ڪتاب ”سندھ ميں اردو شاعري [عهدِ شاهجهان تا قيامِ پاکستان]“ (1967ع) سھيڙيو هو، جنھن جو ٽيون ڇاپو 1978ع ۾ مجلس ترقيء ادب لاهور پاران ڇپيو هو. ان ڪتاب ۾ ڊاڪٽر بلوچ 71 سنڌي شاعرن جو تعارف ۽ ڪلام ڏنو آهي جنھن ۾  پھريون نالو مُلا عبدالحڪيم عطا ٺٽويءَ (1040-1140هه) جو آهي، جڏهن ته ٻين شاعرن ۾، هي معروف شاعر شامل آهن: روحل فقير، سيد ثابت علي شاهه، سچل سرمست، آخوند قاسم، مير صوبدار خان مير، خليفو نبي بخش لغاري قاسم، قادر بخش بيدل، ديوان صورت سنگهه،
حمل خان لغاري، محمد حسين بيڪس، مخدوم امين محمد امين، سيد غلام محمد شاهه گدا، سيد مصري شاهه، مير عبدالحسين خان سانگي، ميرزا قليچ بيگ، مير علي نواز خان ٽالپور ۽ فقير هدايت علي نجفي تارڪ. ان طرح اسان کي سنڌي شاعرن جو هڪ اهم سلسلو نظر اچي ٿو، جن سنڌي ٻوليءَ سان گڏ اردوءَ ۾ به شاعري ڪئي. انهن مڙني قادر الڪلام شاعرن ۾ اهم ترين نالو حضرت عبدالوهاب فاروقي المعروف سچل سرمست (1739-1827ع) جو آهي، جنھن کي سنڌي جي ڪلاسيڪل شاعرن جي ٽه مورتيءَ ۾ شاهه ۽ ساميءَ جي وچ تي اهم حيثيت حاصل آهي. معروف محقق ۽ عالم احسان بدوي سچل سرمست جي اردو شاعريءَ بابت لکي ٿو ته

”جيتري قدر سچل سرمست جو اردو ڪلام شسته ۽ جامع آهي، ايترو شايد ٻئي سنڌي اردو شاعر جو نه آهي.“ (1)

اهڙيءَ طرح سچل کان پوءِ سنڌ جي صوفي شاعر قادر بخش بيدل (1814-1873ع) جو نالو اردو شاعريءَ جي حوالي سان اهم آهي. ان بابت بدوي صاحب لکي ٿو: ”سچل سرمست کان پوءِ فقير قادر بخش بيدل ئي آهي، جنھن پنھنجي بلند تخيل سان اردو شاعريءَ جي آسمان تي پرواز ڪيو.“ (2)

جديد سنڌي شاعريءَ جي سرموڙ شاعر شيخ اياز (1923-1997ع) جا ٻه شعري مجموعا ”بوئے گل نالهء دل“ (1954ع) ۽ ”نيل کنٹھ اور نيم کے پتے“ (1988ع) به ان ئي سلسلي جون اهم ڪڙيون آهن.

پاڪستان جي ٺھڻ کان پوءِ اردوءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي بڻائڻ، ڪراچيءَ کي ملڪ جي گاديءَ جو هنڌ ڪرڻ ۽ ڪراچيءَ، حيدرآباد، سکر، نواب شاهه، ميرپور خاص، ٺٽي جھڙن سنڌ جي وڏن شھرن ۾ هندستان جي مختلف علائقن مان هجرت ڪري آيلن جي گهڻي اڪثريت جي ڪري سنڌ ۾ اردو ٻوليءَ کي وڌڻ ۽ اثر ڇڏڻ جا تمام گهڻا موقعا مليا به، ته ڏنا به ويا. انهن حالتن ۾ سنڌي ٻولي قديم، تھذيبي، ثقافتي، تاريخي، زميني، عوامي ۽ پختي ٻولي هئڻ ڪري پنھنجي سگهه سان نئين سِر جياپي جي جدوجھد ۾ شروع ٿي، جنھن کي ڪا به سرڪاري پُٺ حاصل نه هئي.

سنڌي ٻوليءَ کي نه صرف علم ۽ ادب جي دنيا ۾، پر تحقيق جي دنيا ۾ به پاڙون مضبوط ڪرڻيون پيون. لسانيات ۽ لغت ۾ جنھن ڪم کي 1850-1950ع جي عرصي ۾ شروع ڪري، اڳتي وڌائڻو پيو هو، تنھن کي پاڪستان جي قيام کان پوءِ اردو ٻوليءَ سان ٻه طرفي لغتن تائين پکيڙڻو پيو، ته جيئن ٻنهي ٻولين جي ڳالهائيندڙن جي وچ ۾ ويجهڙائيءَ کي وڌائي سگهجي. ان سلسلي ۾، جيڪي ٻه-ٻوليائي اردو-سنڌي ۽ سنڌي-اردو لغتون گذريل 75 سالن دوران شايع ٿيون آهن، تن ۾ ابن الياس جي جوڙيل ”نئين اردو-سنڌي لغات“ (1950ع)، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جون جوڙيل ٻه لغتون ”سندھي-اردو لغت“ (1959ع) ۽ ”اردو-سنڌي لغت“
 (1960ع)، ڊاڪٽر ابوالليث صديقيءَ جي لکيل بنيادي لغت ”بنيادي اردو“ ۾ جمال رند پاران سنڌي معنائون شامل ڪري ترتيب ۽ ترجمو ڪيل لغت ”بنيادي اردو“ (1968ع)، عبدالستار بلوچ جي مرتب ڪيل ”اردو-سنڌي لغت/اردو سندھي لغت“ (2003ع)، ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي جوڙيل ”علمي سندھي اردو لغت“ (2011ع)، محمد عثمان عباسيءَ جي ترتيب ڏنل ”سندھيکا سندھي اردو لغت“ سن 2016ع، رحيم بخش لُنڊ جي جوڙيل
”جديد اردو  سندھي لغت“ (سن ڇپيل نه اٿس) ۽ علي شير قريشيءَ جي مرتب ڪيل
”ڌرحمن سندھي اردو لغت“ (2018ع) شامل آهن. انهن لغتن کان سواءِ نياز همايونيءَ جو هڪ ڪتاب ”سندھي نامه“ (1978ع) ڇپيو هو، جنھن ۾ موضوع وار سنڌي لفظن کي اردو ٻوليءَ ۾ معنوي طور سمجهايو ويو هو. ان ڪتاب جي حيثيت پڻ لغت جھڙي هئي، تنھن ڪري ان ڪتاب کي به مٿين ڪتابن ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو. ممڪن آهي، ته ڪي ٻيون اردو-سنڌي يا سنڌي-اردو لغتون ڇپيون هجن، پر اهي راقم جي ڄاڻ ۾ نه آهن.

هن مقالي ۾ سنڌي کان اردوءَ ٻوليءَ ۾ ڇپيل لغتن جو هڪ مطالعو پيش ڪجي ٿو. اِن مطالعي کان اڳ، ڇپيل اردو-سنڌي لغتن جي مطالعي بابت راقم جو هڪ مقالو ”اردو-سنڌي لغتن جو تنقيدي ۽ تجزياتي جائزو“ عنوان سان،”سنڌي ٻولي“ تحقيقي جرنل، جلد-14، شمارو-2، ڊسمبر 2021ع ۾ ڇپجي چڪو آهي. موجوده مقالو ان سلسلي جِي ٻِي ڪَڙي سمجهڻ گهرجي.

هِن اڀياس ۾ جيئن ته بنيادي حوالا جائزي هيٺ آيل لغتن مان ورتا ويا آهن، ان ڪري ترت حوالي طور، وري وري حوالي جو نمبر ڏيڻ بدران، مختصر طور ننڍين ڏنگين () ۾ ص (= صفحي جو مخفف) ۽ صفحو نمبر لکيو ويو آهي.

  1. سندھي-اردو لغت (1959ع):

هيءَ سنڌيءَ کان اردو ٻوليءَ ۾ معنائن جي پھرين لغت آهي، جيڪا وزارتِ تعليم پاڪستان حڪومت ۽ سنڌ يونيورسٽيءَ جي اهتمام سان ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي نگرانيءَ هيٺ ڇپي. ان لغت جا گڏيل طور مرتب، علم ۽ ادب جا  معروف نالا، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ (تنھن وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ تعليم ۽ سنڌي شعبن جو صدر) ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان (صدر اردو شعبو، سنڌ يونيورسٽي) هئا۔ اِن لغت  جو پھريون ڇاپو 1959ع ۾، مُجلد، رايل سائز ۾، 1000 جي تعداد ۾، 8 مھڙين ۽ 866 لغت جي صفحن ۽ پنجن انگريزي تي مشتمل، سنڌ يونيورسٽي پريس مان ڇپجي، سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري طرفان پڌرو ٿيو. لغت جي پڇاڙيءَ ۾ 2 واڌُو صفحا ”صحت نامي“ جا به شامل آهن، جڏهن ته لغت جي ابتدائي صفحن ۾، چئن صفحن تي اردو ٻوليءَ ۾ ”پيش لفظ“ ۽ ٻن صفحن تي ”سندھي-اردو حروف تهجي“ تي مشتمل فھرست ڏني وئي آهي. جڏهن ته کاٻي پاسي کان انگريزي ٻوليءَ ۾ شامل صفحن ۾ اندروني ٽائيٽل اور ٽيڪنيڪي صفحن کان پوءِ انگريزي ٻوليءَ جي پڙهندڙن لاءِ ”Preface“ به ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پاران لکيل شامل آهي، جيڪو تقريباً سمورو اردو ”پيش لفظ“ جو ترجمو آهي.

”سندھي-اردو لغت“ جي ”پيش لفظ“ ۾ مرتبَ، ان لغت سان گڏ ئي منظور ٿيل ٻيءَ لغت ”اردو-سندھي لغت“ جي اسڪيم ۽ مقصدن بابت ڄاڻائن ٿا ته: ”53-1954ء ميں وزارت تعليمات، حکومت  پاکستان نے  سندھي-اردو لغت، اردو-سندھي لغت کي تياري اور شاه عبداللطيف بھٹائي رحه کي منظومات کے اردو ترجمے کے ليے سندھ يونيورسٹي کو پيشکش کي اور کل اخراجات کا دو تهائي حصه اردو ترقياتي منصوبوں کے سرمايے سے منظور کيا۔ فاضل وائس چانسلر علامه آئي-آئي- قاضي صاحب نے اس پيشکش کو فوراً منظور فرمايا ليا۔ کيونکه آپ کے خيال ميں يه منصوبه اردو اور سندھي بولنے والے حضرات کے باهمي اتفاق اور اتحاد کا ايک موثر ذريعه تھا۔“(ص الف) يعني پاڪستان جي ٺھڻ جي پھرين پنجن سالن اندر ئي ٻنهي ٻولين ۽ انهن جي ڳالهائيندڙ جي وچ ۾ پيدا ٿيل وٿيون گهٽائڻ ۽ انهن کي ويجهو ڪرڻ جي ڪوشش ۽ عملي وِکن جي شروعات لغتن ذريعي ڪئي وئي هئي، پر لغتن سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جي سر موڙ شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ڪلام ”شاهه جي رسالي“ جي اردو ترجمي کي به اسڪيم ۾ شامل ڪيو ويو هو. اهو هڪ اهم ۽ واکاڻ لائق قدم هو. انهن لغتن جي سھيڙ واسطي ٻن سالن جو مدو مقرر ڪيو ويو، تنھن ڪري بنان دير لغتن تي ڪم جو خاڪو جوڙي لفظن ۽ معنائن جو ڪم شروع ڪيو ويو. ان بابت مرتبَ لکن ٿا: ”’سندھي-اردو لغت‘ کا مسوده 55-1956ء ميں اور ’اردو-سندھي لغت‘ کا مسوده 56-1957ء ميں تيار هو گيا۔“( ص الف)

سندھي-اردو لغت“جي پيش لفظ ۾ ڏنل سُڌ پٽاندر، منجهس 23675 سنڌي لفظن ۽ محاورن جون معنائون ٻن ڪالمن جي صورت ۾ ڏنل آهن. جيتوڻيڪ هِن لغت ۾ ”محاورا“ شامل ته ڪيا ويا آهن، پر انهن جي ”محاوري“ طور نشاندهي نه ڪئي وئي آهي. لغت ۾ لفظن جي لساني ۽ صوتياتي تحقيق کي به لکيو ناهي ويو، جڏهن ته لفظن ۽ انهن منجهان مشتق لفظن کي سنڌي آئيويٽا ۾ اعرابن سميت لکيو ويو آهي. سنڌي آئيويٽا جي ڇھن اکرن ”ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ ۽ ڱ“ کي، ٻيءَ ڪنھن اکرِي صورت بدران، انهن ئي صورتن ۾ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ لکيو ويو آهي، البت ”ڻ“ کي ”نط“ (ن ڀرسان ننڍي ط سان) لکيو ويو آهي، نه ته اهو اکر ”ٽ/ٹ“ طور پڙهڻ ۾ اچي ها. اهو ٺيڪ ته آهي، پر جڏهن ”ڻ“ ڪنھن لفظ جي پڇاڙيءَ ۾ اچڻ بدران ٻئي ڪنھن هنڌ اچي ٿو ته ان جو اردو تلفظ عجيب ۽ ڏکيو ڪندڙ بڻجي پوي ٿو، جھڙوڪ: ”آڻڻ“ کي ”آنٹنط“(ص 34) جھڙو لکيو ويو آهي، صرف ’نٹ‘ جي وچ تي گهرُ ٺھيل ناهي. مٿين سڀني خاص سنڌي آوازن ۽ سندن ڳالهائڻ جي ڍنگن بابت اختصار سان ”پيش لفظ“ ۾ سمجهايو ويو آهي. جھڙوڪ: ”ٻ“ بابت هن ريت لکيو ويو آهي:

ٻ: حرف ’ب‘ کا ذرا نرم تر تلفظ جو ’بۡيَه‘ کے مشابہ هے۔ ’ب‘ کا تلفظ دونوں هونٹوں کے باهمي اتصال سے هوتا هے مگر ’ٻ‘ کا تلفظ متصله هونٹوں کو منفصل کرتے هوئے کيا جاتا هے۔“ (ص ب)

سندھي-اردو لغت“ ۾ سنڌي لفظن جو اردو رسم الخط ۾ تلفظ پڻ لکيو ويو آهي، پر انهن تي اعرابون نه ڏنيون ويون آهن. ان کان سواءِ ڪنھن لفظ جو تسلسل سان مشتق لفظن ۾ ورجاءُ ٿيو آهي ته ان جي اردو تلفظ کي ٻيھر لکڻ بدران ٿوري ڊگهي ليڪ (– ) ڏني وئي آهي. جيڪڏهن ڪو لفظ ٻنهي ٻولين ۾ ساڳيءَ صورت وارو آهي، ته انهن جو اردوءَ ۾ تلفظ ڏيڻ جي ضرورت سمجهي نه وئي آهي، جيڪا صحيح ڳالهه آهي، پر ڪٿي ڪٿي اهڙو تلفظ شامل به ٿي ويو آهي، جھڙوڪ ”آب“(ص 1). اهڙن بنا تلفظ وارن لفظن ۾ ”آب اَرتو، آبائتو، آب شناس، آبَتَ، آبرُو، آبَسُ، آبو، آبيس“
وغيره شامل آهن.

هن لغت ۾ لفظن جي اسم هئڻ جي حالت ۾ پھرين واحد صورت ۽ پوءِ جمع صورت لکي وئي آهي، گڏوگڏ ان جي نحوي ۽ صرفي حالت جي نشاندهي پڻ ڪئي وئي آهي. وياڪرڻي مخففن واسطي صرف چار مخفف ”ذ“ (مذڪر)، ”ث“ (مونث)،
”ذ“ صفت (صفت مذڪر) ۽ ”ث. صفت“ (صفت مونث) ڪتب آندا ويا آهن، باقي ٻيا مڪمل لفظ لکيا ويا آهن، جھڙوڪ: ”ضمير، ظرف، مصدر، فعل مجهول، متعدي بالواسطه، حرف جر، حرف ندا ۽ حرف جمله“. ان کان سواءِ لفظ جي اصل ٻوليءَ جي معلومات لاءِ هنن مخففن کي ڪتب آندو ويو آهي: ”سن“ (سنسڪرت)، ”ع“ (عربي)، ”ف“ (فارسي)، ”انگ“
(انگريزي) اور ”ھ“ (هندي)، جڏهن ته ”بلوچي“ ۽ ”ترڪي“ ٻولين لاءِ سڄا لفظ لکيا ويا آهن، جنھن کان پوءِ ان لفظ جا مترادف لفظ ۽ معنائون درج ڪيون ويون آهن. جيڪڏهن ڪنھن لفظ جون بنھه الڳ معنائون آهن، ته انهن جي وچ ته ’ڳنڍيندڙ ليڪ‘ (- ) ڏني وئي آهي. اصل ۽ مشتق لفظن جي سڃاڻ واسطي اصل لفظ جي اڳيان ٿلهي ڪاري ٻُڙي (=) ۽ مشتق لفظن، فُقرن ۽ ورجيسن/اصطلاحن اڳيان ننڍي ٿلهي لِيڪ (0) ڏني وئي آهي.

هيٺ ”سندھي-اردو لغت“ مان ٻه عدد داخلائون، هڪَ بنيادي ۽ هڪَ مشتق، مثال خاطر پيش ڪجن ٿيون:

  • آتو ج آتا: ذ صفت [سن] جلد باز، عجلت کرنے والا- بے تاب، بے قرار - انتظار کرنے والا، راه ديکھنے والا، منتظر - بيزار، دق، خفا - حيران، پريشان، ششدر - مصيبت زده، عاجز، ناچار - تھکا مانده - ضرورت مند، محتاج
  • آتو ٿِيَڻُ (– تھينط): بے تاب هونا، عجلت کرنا- (مقصد پورا نه هونے پر) خفا هونا، بے صبر هونا - بے تاب هونا (ص 5)

هيءَ هڪ اهم لغت آهي، جنھن تي ٻن ناميارن عالمن ۽ محققن ڪم ڪيو. حيرت آهي، ته هن اهم لغت جو ٻيو ڇاپو، 60 سالن کان وڌيڪ وقت گذرڻ باوجود نه ڇپيو آهي.

  1. سندھي نامه (1978ع):

بنيادي طور هيءُ لغت جو ڪتاب نه آهي، نه ئي مٿس ”لغت“ يا ”ڊڪشنري“ لفظ جي نشاندهي ڪيل آهي، پر پنھنجيءَ پيشڪش ۾ هيءُ ڪتابُ هڪ قسم جي لغت ئي آهي. ان ڪتاب جو مؤلف نامور سنڌي اديب ۽ مترجم نياز همايوني آهي. ان ڪتاب جو پھريون ڇاپو 1978ع ۾، ڊيمي سائز ۾، مجلد، 8 شروعاتي ۽ 259 متن جي صفحن تي مشتمل، مرڪزي اردو بورڊ لاهور پاران ڇپيو. هيءُ ڪتاب، ان اداري پاران ڇپجندڙ اشاعتي رٿا هيٺ ڇپيل ڪتابن ”براهوئي نامه“ [عبدالرحمان براهوئي]، ”بلوچي نامه“ [عطا شاد بلوچ]، پشتو نامه“ [ڊاڪٽر انوارالحق] ۽ ”پنجابي نامه“ [ارشاد احمد پنجابي] کان پوءِ، ان سلسلي جي پنجين ڪڙي هو.

”سندھي نامه“ جي ٻنهي فليپن تي، ڇپائيندڙ اداري پاران اِهڙن ڪتابن جي اهميت ۽ ڪارج جي حوالي سان وضاحت ڏني وئي آهي ته ”اردو اور علاقائي زبانوں کو قريب تر لانے کے لئے مرکزي اردو بورڈ ايک اور منصوبے پر عمل پيرا هے جس کے تحت پاکستان کي علاقائي زبانوں کے ايسے الفاظ کا انتخاب کيا جا رها هے جو پهلے سے اردو ميں موجود نهيں هيں اور جو همارے مختلف علاقوں کي جغرافيائي ماحول اور ثقافتي احساسات کي ترجماني کرتي هيں... اس سلسلے ميں عموماً ايسے الفاظ کا انتخاب کيا گيا هے جو اپني مخصوص نوعيت اور جامع معنويت کے اعتبار سے اردو بول چال ميں رچنے بسنے کي صلاحيت رکھتے هيں۔ هر منتخب لفظ کے ساتھ اس کي تشريح شامل هے تاکه اس کا مفهوم بخوبي واضح هو جائے۔“

اهو عالم آشڪار آهي ته جڏهن به ٻه ٻوليون هڪٻئي سان ويجهڙائيءَ واري ڳانڍاپي ۾ اينديون آهن، خاص طور تي هڪ ئي ڌرتيءَ تي ثقافتي طور گڏوگڏ وڌنديون ويجهنديون آهن، ته هڪٻئي تي گھرا اثر ڇڏينديون آهن. اردو ۽ سنڌي ٻولين جو، سنڌ ۾ پڻ خاص ڪري، اهڙو ئي گھرو تعلق آهي، ان ڪري ٻنهي ٻولين جي اهڙن لفظن جي نشاندهي ۽ صحيح واهپو بيحد لازمي بڻجي پوي ٿو جيڪي ٻنهي ٻولين جا ڳالهائيندڙ هڪٻئي سان ڳالهائن ٿا، ته جيئن لفظ پنھنجي حقيقي مفهوم ۽ معنى موجب ئي ڪتب آندا وڃن. ان ڪتاب جي وڌيڪ خصوصيت کي نروار ڪندي، نياز همايوني
”ابتدائيه“ ۾ لکي ٿو: ”اس (کتاب) کے مطالعه سے مجلسي اور ثقافتي تعارف کے ساتھ ساتھ علمي اور لساني اعتبار سے بھي استفاده کيا جا سکتا هے۔“(ص ز)

سنڌي ٻوليءَ جي آوازن جي نمائندگيءَ لاءِ ته سنڌي آئيويٽا ۾ اکر شامل آهن جن کان سنڌي ڳالهائيندڙ چڱيءَ پر سڃاڻو آهن، پر انهن آوازن مان ڪجهه آوازن، جھڙوڪ ”ٻ، ڃ، ڏ“ وغيره کي اردو اکرن ذريعي لکت ۾ آڻي نه ٿو سگهجي، ڇاڪاڻ ته اردو ٻولي انهن آوازن ۽ انهن جي نمائندگي ڪندڙ اکرن کان وانجهيل آهي. ان ڪري اهڙن آوازن وارن لفظن کي اردو اچارن ۾ پيش ڪرڻ هڪ اهم مسئلو رهندو آيو آهي. ان مسئلي کي نبيريندي، نياز همايوني صاحب ”ابتدائيه“ ۾ وضاحت ڪئي آهي ته: ”يه بات توجه طلب هے که سندھي زبان کے بعض الفاظ اتنے دقيق هيں که انهيں دوسري زبان بولنے والے اصحاب آساني سے ادا نهيں کر سکتے، اس ليے اردو رسم الخط کي مدد سے ان کا قريب ترين تلفظ دينے کي کوشش کي گئي هے مگر صوتي اعتبار سے سندھي الفاظ کو اردو ميں هم آهنگ کرنے کي ليے جو دشوارياں در پيش رهيں، وه خاميوں کي شکل اختيار کر گئيں۔ اس بارے ميں معذرت کے سوائے اور کوئي چاره نهيں۔“(ص ز-ح) اهڙن ڪجهه سنڌي لفظن ۽ انهن جي ’خامين وارن اچارن‘ کي، ”شادي بياه کي رسميں“ واري ذيلي عنوان منجهان، هيٺ پيش ڪجي ٿو:

              سنڌي لفظ                                   اردوءَ ۾ اچار/لکت

مڱڻو                                                 منگنو (ص 3)

ٻڪي                                               بکي (ص 4)

ڄڃ                                                    جنج (ص 7)

لاڏو                                                    لاڈو (ص 7)

ڳانو                                                   گانو (ص 8)

ڏنڊ جو سڱ*                                ڈنڈ جو سنگ (ص 10)

ڀاڃ ڀڃائڻ                                     بھانج بھنجائن (ص 11)

ڄانڃي·                                          جانجي (ص 12)

”سندھي نامه“ ۾ ترتيب جي لحاظ کان، ڪتاب ۾ شامل سنڌي لفظن کي، اردو رسم الخط ۾ لکڻ کان پوءِ ننڍين ڏنگين ۾ سنڌي لپيءَ ۾ لکيو ويو آهي، پر اردو رسم الخط ۾ جيڪڏهن لفظن تي ضروري هنڌن تي اعرابون ڏنيون وڃن ها ته وڌيڪ سٺيءَ طرح سنڌي لفظن کي پڙهي سگهجي ها. مٿي ڏنل اردو اچارن ۾ ان مونجهاري کي چڱيءَ ريت ڏِسي سگهجي ٿو. لفظ جي اندراج کان پوءِ نئين سٽ تي تشريح، مترادف لفظ ۽ معنى لکي وئي آهي.

”سندھي نامه“ ۾ هنن موضوعن تي مشتمل چونڊ لفظن ۽ انهن جي تشريح ۽ سمجهاڻي شامل آهي: ”سماجيات، تفريحات، قدرتيات، حيوانيات، زمينداري، خانه داري، لسانيات، انسانيات ۽ متفرقات“. جڏهن ته هر هڪ عنوان کي گهڻن ئي ذيلي عنوانن ۾ پڻ ورڇيو ويو آهي، جھڙوڪ لسانيات جي ذيلي عنوانن ۾ ”سندھي مصادر، اسمائے صوت، اسمائے جمع اور مصدر جيسے اسم “ شامل آهن. البت انهن موضوعن هيٺ آندل لفظن کي آئيويٽا جي ڪُلي ترتيب سان درج نه ڪيو ويو آهي: ڪٿي اها ترتيب موجود آهي، ته ڪٿي موجود ناهي.

هيٺ ”سندھي مصادر“ جي ذيلي عنوان منجهان ٽي عدد داخلائون مثال خاطر پيش ڪجن ٿيون:

آبن (آبڻ) کپڑوں پر استري پھيرنے سے پهلے پاني چھڑکنا۔

آبوهن (آٻوهڻ) تلنے والي چيزوں ميں خشک يا تر مصالحه بھرنا۔

آبوسن(آٻوسڻ) زور سے بھرنا، کسي چيز کو تيل يا گھي ميں تَر کرنا۔(ص 192)

هن ڪتاب ۾ ڪي داخلائون اهڙيون به آهن جن ۾ مونجهارا به محسوس ٿين ٿا ته ڪجهه هنڌن تي صحيح معنى لکيل به نه ٿي لڳي. جھڙوڪ ”ڄڃ“ جون گڏوگڏ ٻه داخلائون هن ريت لکيون ويون آهن:

جنج (ڄڃ) : برات جو دور و نزديک سے آ کر دولھا والوں کے گھر ميں جمع هو جاتي هے۔

جنج (ڄڃ): دعوت وليمه جس ميں عزيز و اقارب کے علاوه دولھا والوں کے دوست احباب بھي شريک هوتے هيں۔ (ص 7)

جڏهن ته ”ڄڃ“ جي معنى ”جامع سنڌي لغات“ ۾ هن ريت ڏني وئي آهي:
”شاديءَ ۾ گهوٽ جي طرف گڏ ٿيل ماڻهو. گهوٽيتا - ڄاڃي. شاديءَ جي موقعي تي گڏ ٿيل ماڻهو - برات گڏ ٿيل ماڻهو - برات.“(3)

 نياز همايوني صاحب پاران ڏنل ٻه داخلائون هڪ ته الڳ الڳ نه ڏيڻ گهرجن ها، ٻيو ته ٻيءَ داخلا ۾ ڏنل لفظ ”دعوتِ وليمه“ ڪنھن به ريت ”ڄڃ“ جي مفهوم سان ٺھڪن نه ٿا. ”دعوتِ وليمه“ بابت ”فيروز اللغات اردو جامع“ ۾ هن ريت معنى ڏني وئي آهي: ”وه ضيافت جو مسلمانوں ميں نکاح کے دو ايک دن بعد هوتي هے۔“ (4)

بھرحال، متن ۽ مواد جي لحاظ کان ”سندھي نامه“ هڪ اهم ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو نئون ڇاپو واڌارن، سڌارن ۽ اعرابن سان ضرور ڇپجڻ گهرجي. نئين ڇاپي ۾ ”ڏسڻي“ (Index) کي ضرور شامل ڪجي، ته جيئن ڪنھن به داخل ڪيل لفظ کي سولائيءَ سان ڳولي سگهجي. ان سان ان ڪتاب جو ڪارج گهڻو وڌي ويندو.

  1. علمي سندھي-اردو لغت (2011ع):

1959ع ۾ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جي گڏيل طور مرتب ڪيل ”سندھي-اردو لغت“ کي اڌ صديءَ کان به وڌيڪ گذرڻ کان پوءِ لغت جي لفظ سان ٻِي سنڌي-اردو لغت، ”علمي سندھي-اردو لغت“ نالي سان ڇپجي پڌري ٿي، جيڪا نامور محقق ۽ اديب ڊاڪٽر بدر ڌامراهي جي مرتب ڪيل آهي. ان لغت جو پھريون ڇاپو آڪٽوبر 2011ع ۾، ڊبل ڪرائون سائز ۾، مجلد، 398 صفحن تي مشتمل، 1000 جي تعداد ۾، نيو ڪاٺياواڙ اسٽور ڪراچيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.

هن لغت جي ٽائيٽل تي مؤلف جو نالو غلطيءَ سان ”بدر دھامراھو”لکجي ويو آهي، البت اندرئين ٽائيٽل تي درست نالو ”بدر دھامراہو“ لکيل آهي.

هِن لغت ۾ ”فھرست“ شامل آهي، جنھن سان ڪنھن به اکر سان شروع ٿيندڙ لفظن کي وڌيڪ سولائيءَ سان ڳولي سگهجي ٿو. فھرست ۾ ڪجهه سنڌي اکرن سان ٽيڏي ليڪ ( / ) ذريعي اردو اکر پڻ لکيا ويا آهن، جھڙوڪ: ”ڀ/بھ“، ”ٿ/تھ“،
”ٽ/ٹ“، ”ڇ/چھ“، ”ڌ/دھ“، ”ڍ/ڈھ“، ”ڙ/ڑ“، ”ڦ/پھ“، ”ڪ/ک“، ”ڻ/نط“ ۽ ”ي/ي/يے“. ان منجهان پڌرو ٿو ٿئي ته انهن اکرن جا اردو متبادل سنڌي اکرن سان گڏ لکيل اکر آهن، پر فھرست ۾ ”ٺ/ٹھ“ رهجي ويو آهي. ان کان سواءِ ڇھن اکرن ”ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ ۽ ڱ“ کي، ”سندھي-اردو لغت“ (1959ع) وانگر، ساڳيءَ صورت ۾ لکيو ويو آهي. ”ڻ/نط“ پڻ بلوچ صا حب جي ڏنل لکت وانگر ڏنل آهي. پڌرو هجي، ته اهڙن اکرن ۾ لکيل لفظن کي اردو ٻوليءَ وارا پڙهي نه سگهندا، ڇاڪاڻ ته انهن کي، اهڙن آوازن جي پوريءَ طرح خبر ئي نه هوندي.

ان لغت ۾ مؤلف پاران اردو ٻوليءَ ۾ ساڍن اٺن صفحن تي مشتمل ”پيش لفظ“ لکيل آهي، جنھن ۾ هُن ٻنهي ٻولين اردو ۽ سنڌي جي رسم الخط جو مختصر طور جائزو ورتو آهي، سنڌي ٻوليءَ جي خاص اکرن جھڙوڪ ”ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ ۽ ڻ“ بابت لکيو آهي ۽ ٻنهي ٻولين جي گرامر تي بحث به ڪيو آهي. مثال طور ”ٻ“ بابت هن ريت لکيو ويو آهي:

”يه حرف ’ب‘ کا هم آواز هے، ليکن فرق يه هے که ’ب‘ کي آواز هونٹ ملا کر باهر نکالي جاتي هے۔ جبکه ’ٻ‘ کوادا کرنے ميں هونٹ ملا کر آواز اندر لے جاتے هيں۔“( ص 9)

ڊاڪٽر غلام علي الانا موجب، ”ب“ (وينجن، consonant) جو آوازُ ٻِچپئون (bilibial)، ڳرو (voiced)، اَوِسرڳ (unaspirated) ۽ ڌُوڪڻو (plosive/explosive) آهي ۽ ”ٻ“ (وينجن) جو آوازُ ٻِچپئون، ڳرو، اوسرڳ ۽ چُوسڻو (implosive) آهي(5)، يعني ٻنهي جي آوازن ۾ صرف هوا جي ’ڌُوڪ‘ ۽ ’چُوس‘ جو فرق آهي. [ب] ۾ هوا ٻاهر ڪڍجي ٿي ۽ [ٻ] ۾ هوا اندر چُوسجي ٿي. جڏهن ته ٻنهي آوازن جي ادائگيءَ ۾ مليل چپن کي کولڻو پوندو آهي. ان لحاظ کان [ب] ۽ [ٻ] بابت ڊاڪٽر ڌامراهي جي مٿي لکيل ادائگيءَ ۾ اها درستگي ڪرڻي پوندي، ته ”...جبکه ’ٻ‘ کوادا کرنے ميں باهم ملے هوئے هونٹوں کو کھول کر هوا کو  اندر لے جاتے هيں۔“ جڏهن ته ”سندھي-اردو لغت“ (1959ع) ۾ ڊاڪٽر بلوچ جي ڏنل ۽ مٿي ڄاڻايل [ٻ] بابت پئراگراف ۾، [ب] جي ادائگيءَ بابت ڏسيل طريقيڪار سان به اختلاف رکڻو پوندو.

هِن ”علمي سندھي-اردو لغت“ ۾ به، ”سندھي-اردو لغت“ (1959ع) جي ابتڙ سڀني لفظن کي اردوءَ رسم الخط ۾ لکيو ويو آهي، نه ته جن لفظن جي صورتخطي هڪجھڙي آهي، ته انهن کي لکڻ جي گهرج نه هئي، جھڙوڪ: ”آب، آباد، آبدار، آبيس، آتر، آتو، آپتِ، آپو، آجام، آجپو“ (ص 16). البت انهيءَ ئي صفحي تي ”آبرو“ کي اردو لکت ۾ لکيو نه ويو آهي.

مؤلف لکي ٿو ته ”اس لغت ميں اختصار کے پيش نظر ايسے الفاظ جو املا اور ادائگي ميں سندھي اور اردو دونوں زبانوں ميں مستعمل هيں، حذف کر ديے گئے هيں۔“(ص 14) پر اهڙا ڪھڙا لفظ آهن، تن جي ڪا به نشاندهي ڪيل نه آهي. ان کان سواءِ اهو ممڪن نه آهي ته اهڙن ”املا ۽ ادائگيءَ“ وارن مستعمل لفظن جون معنائون به سڀني عام پڙهندڙن ۽ شاگردن کي اينديون هجن. ان ڪري انهن لفظن کي لغت جو حصو بڻائڻ پڻ ضروري هو.

هِن لغت ۾ به واهپيدارن خاص ڪري عام ماڻهن ۽ شاگردن جي ضرورت کي خيال ۾ رکندي، مؤلف پاران سنڌي ٻوليءَ جي منتخب لفظن جو ذخيرو شامل ڪيو آهي. ان بابت ڊاڪٽر ڌامراهو لکي ٿو: ” سندھي زبان کے الفاظ کا وه ضروري ذخيره ديا گيا هے جو ايک اردو بولنے والے کے لئے يا ايک سندھي بولنے والے کے لئے ضروري هے۔۔۔يه لغت ثانوي و اعلىٰ ثانوي مدارج کے طلبه اور عام قارئين کے لئے کارآمد لغت کي صورت ميں پيش کي جا رهے هے، اس لئے اميد هے که طلبه اور عام قارئين اردو اور سندھي ميں اس کي پذيرائي هوگي۔“(ص 14) ان طرح ان لغت جو ڪارج عام ماڻهن ۽ شاگردن لاءِ وڌيڪ آهي.

هِن لغت ۾ اٽڪل 19 هزار سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جون داخلائون شامل آهن، جيتوڻيڪ ان بابت ڪا آگاهي ”پيش لفظ“ ۾ ڏني ناهي وئي. داخل لفظن جي اصل ٻوليءَ بابت ڪا ڄاڻ شامل ناهي، جڏهن ته وياڪرڻي مخففن کي استعمال ڪرڻ بدران مڪمل لفظ لکيا ويا آهن جن جي گهرج نه هئي، ڇاڪاڻ ته لغتن ۾ مخففن جو واهپو سادگي، سھولت ۽ جڳھه بچائڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي. هن لغت ۾ اردو معنائن ۽ مترادف لفظن کي نستعليق خط ۾ لکيو ويو آهي جيڪا سٺي ڳالهه آهي.

هن لغت ۾ ڏنل سنڌي لفظن جي اردو لکت ۾  سنڌي ”ھ“ کي اردو ”ھ“ وانگر لکيو ويو آهي، جيڪو نه ڪرڻ گهرجي ها، ڇاڪاڻ ته اردوءَ ۾ وسرڳي ۽ اَوسرڳي کي ٻن طريقن سان لکيو ويندو آهي يعني ”ھ“ ۽ ”هہ“. ان سان سنڌي لفظن جا تلفظ بگاڙ جو شڪار ٿيا آهن، مثال طور ”آڪَهِه“ کي ”آکھه“ ۽ ”آگاهي“ کي ”آگاھي“ ڪري اچار ۾ لکيو ويو آهي (ص 19)، جيڪو غلط آهي. ٻنهي لفظن کي ترتيب وار ”آکهه“ ۽ ”آگاهي“ ڪري لکڻ گهرجي ها. اهڙيءَ طرح ”۽“ کي به درست طرح سان لکڻ جي گهرج آهي.(ص 397)

”علمي سندھي-اردو لغت“ ۾، ٻن ڪالمن ۾ لفظ ۽ معنائون ڏنيون ويون آهن. ٻنهي ڪالمن جي وچ تي چٽي اُڀي ليڪ ڇپي وئي آهي، جڏهن ته هر هڪ ڪالم به ٻن حصن ۾ ورڇيل آهي، جن مان پھرئين حصي ۾ سنڌي لفظ ۽ ٻئي حصي ۾ اردو مترادف ۽ معنى ڏنل آهي. هتي ان لغت مان ٽي عدد اندراج، خيال خاطر، پيش ڪجن ٿا:

ڦاسي (پھاسي - مؤنث) پھانسي۔ پھنده۔

ڦاڪ (پھاک -  مؤنث) بلد۔ خطه زمين۔

ڦان(پھاں - صفت) چُور۔ تھکا هوا۔ مانده۔(ص 247)

هن لغت جي بئڪ ٽائيٽل تي مشھور اديب احمد علي صابر چانڊيي جو رايو ڏنل آهي. هو لکي ٿو: ”آپ نے اب سندھي اردو لغت کو ترتيب دے کے ايک نئي شمع روشن کي هے۔“

هن ”علمي سندھي-اردو لغت“ کي، وڌيڪ ’علمي ۽ جامع‘ بڻائڻ جي گهرج آهي، ڇاڪاڻ ته ان لغت نئين سر سنڌي-اردو لغت نويسيءَ کي اڳتي وڌائڻ ۾ هڪ ڪردار ۽ ڪارج ادا ڪيو.

  1. سندھيکا سندھي اردو لغت (2016ع):

سنڌيءَ کان اردو ٻوليءَ ۾ جوڙيل ”ڌسندھيکا سندھي اردو لغت“ جو مرتب سينئر استادُ محمد عثمان عباسي آهي. ان لغت تي نظرثاني مشھور اديب عبدالستار بلوچ جي ڪيل آهي. ان لغت جو پھريون ڇاپو آڪٽوبر 2016ع ۾، ڊيمي سائز ۾، مُجلد، 247 صفحن تي مشتمل، ذڪي سنز پرنٽرز ڪراچيءَ مان ڇپجي، سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ پاران پڌرو ٿيو.

هِن لغت ۾ عبدالستار بلوچ پاران اردو ٻوليءَ ۾ ٽن صفحن تي مشتمل ”مقدمو“
شامل آهي، جنھن ۾ بنھه اختصار سان، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ خان جن جي مرتب ڪيل لغتن ”سندھي-اردو لغت“ (1959ع) ۽ ” اردو-سندھي لغت“
(1960ع) جي مختصر ذڪر کان پوءِ پنھنجي مرتب ڪيل ”اردو سندھي لغت“ (2003ع) کان سواءِ ٻئي لغت جي ڪم نه ٿيڻ بابت ويچار ونڊيا آهن. شايد سندس ڄاڻ ۾ ڊاڪٽر ڌامراهي جي مرتب ڪيل ”علمي سندھي-اردو لغت“ (2011ع) ناهي، جنھن ڪري ان بابت ”مقدمي“ ۾ لکيل ناهي. هُو موجوده ”سندھيکا سندھي اردو لغت“ جي نوعيت ۽ حيثيت بابت ۽ ان لغت تي پنھنجي ڪيل نظرثانيءَ جي حوالي سان لکي ٿو ته ”يه ايک محدود اسکول سطح کي ’سندھي اردو لغت‘ هے۔ وه محمد عثمان عباسي صاحب نے مرتب کي هے، تاهم ميں نے کچھ ضروري الفاظ کا اس ميں اضافه کيا هے اور پورے مسودے کو ايڈٹ کيا هے۔ پھر بھي يه ايک محدود لغت هے اور کسي بھي طرح ايک حواله جاتي لغت کے طور پر استعمال ميں نهيں آ سکتي۔ هم اس لغت کو ’اسکول ايڈيشن‘ کهه سکتے هيں۔“(ص 4) ان لحاظ کان هيءَ هڪ روايتي ٻه-ٻوليائي سنڌي-اردو لغت جي حيثيت رکي ٿي.

هِن ”ڌسندھيکا سندھي اردو لغت“ ۾ هڪ صفحي تي سنڌي ۽ اردو ٻولين جي ”آئيويٽا“ ٽيبل جي صورت ۾ ڏني وئي آهي، جنھن ۾ خاص سنڌي آوازن جي نمائندگي ڪندڙ اکرن ”ٻ، ڄ، ڃ، ڏ، ڳ، ڱ ۽ ڻ“ جي سامهون ڪو به اردو اکر لکيو نه ويو آهي ۽ ٽيبل جي هيٺان لکيو ويو آهي ته انهن اکرن جو نعم البدل اردوءَ ۾ ناهي، جڏهن ته انهن لاءِ اهو اکر ضرور ڄاڻائڻ گهرجي ها جيڪو لغت ۾ متبادل طور ڪتب آندو ويو آهي. هن لغت ۾ انهن اکرن جي بدران ترتيب وار هن ريت اکر ڪتب آندا ويا آهن: ”ٻ“ لاءِ ”ب ۽ ٻ“، ”ڄ“ لاءِ ”ڄ ۽ ج“، ”ڃ“ لاءِ ”ج ۽ نج“، ”ڏ“ لاءِ ”ڈ“، ”ڳ“
لاءِ ”گ“، ”ڱ“ لاءِ ”ڳ ۽ گ“ ۽ ”ڻ“ لاءِ ”ن، ڻ، ڑ ۽ ٹ“. ٻن ٻن اکرن جو اهڙو واهپو ڪنھن به ريت صحيح نه آهي. بھتر هو ته ڪو هڪ اکر متبادل طور ڪتب آندو وڃي ها. مقدمي“ ۾ به ان بابت هي ٻئي ڳالهيون لکيون ويون آهن: ”مندرجه بالا سات حروف کا اردو ميں تلفظ نه هونے کے باعث ان کو جوں کا توں رکھا گيا هے۔ البت کوشش کر کے ان کو اردو حروف تهجي کے قريبي حروف ميں دکھايا گيا هے۔“(ص 5) ان منجهان پڌرو ٿو ٿئي ته مقدمي نگار به انهن متبادل اکرن بابت واضح نه آهي. لغت تي ”نظرثاني“ ڪندڙ طور سندس فرض هو ته هُو ڪنھن هڪ طريقي کي اختيار ڪري ها يا اهڙي تجويز مرتب اڳيان رکي ها.

هن لغت ۾ داخلائن جي شروعات ستين صفحي کان ڪيل آهي. هر اکر سان شروع ٿيندڙ لفظ نئين صفحي کان شروع ڪيا ويا آهن. حيرت جي ڳالهه آهي، ته لغت ۾ ”ڃ“، ”ڙ“، ”ڱ“، ”ڻ“ ۽ ”ء“ بابت، پنھنجيءَ پنھنجيءَ جڳھه بابت داخلا رکي ناهي وئي، نه ئي ڄاڻ ڏني وئي آهي، ته انهن اکرن سان سنڌي ٻوليءَ جو ڪو به لفظ شروع نه ٿو ٿئي. جڏهن ته ”ء“ اکر هيٺ ”۽“ لفظ شامل ڪرڻ گهرجي ها.

”ڌسندھيکا سندھي اردو لغت“ ۾ هر هڪ صفحي تي ٻن ڪالمن جي صورت ۾ مواد ڏنو ويو آهي. پھرئين ڪالم ۾ سنڌي لفظ لکيو ويو آهي، جنھن پٺيان ڪولون/دم (: ) جي نشاني ڏني وئي آهي، جڏهن ته ٻئي ڪالم ۾ ننڍي ڏنگيءَ ۾ سنڌي لفظ جي اردو املا ۽ وياڪرڻي حيثيت جو قسم، جھڙوڪ: صفت، مصدر، متعدي (فعل)، ظرف، فعل وغيره  يا مذڪر/مؤنث/جمع مؤنث وغيره لکيو ويو آهي، جنھن کان پوءِ مترادف لفظ ۽ معنى لکي وئي آهي، جنھن لاءِ نستعليق خط ڪتب آندو ويو آهي. شايد اسڪولي لغت هئڻ جي ڪري وياڪرڻي لفظن جا مخفف استعمال ناهن ڪيا ويا، نه ته انهن جو استعمال بھتر ٿئي ها. لغت ۾ اصطلاح جي صورت ۾ محاوري جي نشاندهي پڻ ڪيل آهي. لغت ۾، لڳ ڀڳ 5000 سنڌي لفظن ۽ اصطلاحن جا اردو متبادل ڏنل آهن.

هِن لغت ۾ به، ”علمي سندھي-اردو لغت“ وانگر، سنڌي لفظن جي اردو لکت ۾  سنڌي ”ھ“ کي اردو ”ھ“ وانگر لکيو ويو آهي، جيڪو صحيح نه آهي، ڇاڪاڻ ته اردوءَ ۾ وسرڳي ۽ اَوسرڳي کي ٻن طريقن سان لکيو ويندو آهي يعني ”ھ“ ۽ ”هہ“، جنھن سان سنڌي لفظن جا تلفظ بگاڙ جو شڪار ٿيا آهن، مثال طور ”ٻُھارڻ“ کي ”بُھارن“،
”ٻَھَر“ کي ”بهر“، ”ٻَھراڙي“ کي ”بھراڑي“ ۽ ”ٻَھڪڻو“ کي ”بهکڑو“ ڪري اچار ۾ لکيو ويو آهي.(ص 39) يعني ٻٽو طريقو لکت جو نظر اچي ٿو.

هن لغت منجهان مثال خاطر ٽي عدد داخلائون پيش ڪجن ٿيون:

ڀاڄ          (بھاج - مؤنث) بھگدڑ۔ بد انتظامي۔

ڀاڄائي          (بھاجائي- مؤنث) بھابهي۔ بھاوج۔

ڀاڄوڪڙ    (بھاجوکڑ- صفت) بھگوڑا۔ بھاگ جانے والا۔ بزدل۔ ڈرپوک۔ کم همت۔ (ص 40)

لفظن جي چونڊ، ترتيب، سٽاءَ، معنائن وغيره جي لحاظ کان هيءَ ”ڌسندھيکا سندھي اردو لغت“ هڪ عام لغت جي حيثيت رکي ٿي.

  1. رحمٰن سندھي اردو لغت (2018ع):

سنڌيءَ کان اردو ٻوليءَ جي هن لغت ”ڌرحمن سندھي اردو لغت“ جو مرتب علي شير قريشي آهي. ان لغت جو پھريون ڇاپو 2018ع ۾، ڊبل ڪرائون سائز ۾، مُجلد، 500 جي تعداد ۾، 360 صفحن تي مشتمل، رحمٰن بڪ هائوس ڪراچيءَ پاران ڇپجي پڌرو ٿيو.

هِن لغت ۾ ٻن صفحن تي مشتمل فھرست ڏنل آهي جنھن ۾ سنڌي الف-بي ڏني وئي آهي. اتي متبادل اردو اکر ڏنا نه ويا آهن، نه ئي اندر جتي ڪنھن به سنڌي اکر سان داخلائون شروع ٿين ٿيون، اتي متبادل اردو اکر ڏنو ويو آهي، جيڪو ضرور ڄاڻائڻ گهرجي ها. لغت ۾ ڪو به ”پيش لفظ“ يا ”مقدمو“ لکيل ناهي، جنھن ڪري لغت جي ضابطن، اصولن ۽ طريقيڪار بابت ڪا معلومات نه ٿي ملي.

هِن لغت ۾ به ”علمي سندھي-اردو لغت“ وانگر ٻن ڪالمن ۾ لفظ ۽ معنائون ڏنيون ويون آهن، جن جي وچ تي چٽي اُڀي ليڪ ڇپي وئي آهي، جڏهن ته هر هڪ ڪالم به ٻن حصن ۾ ورڇيل آهي، جن مان پھرئين حصي ۾ سنڌي لفظ ۽ ٻئي حصي ۾ اردو
مترادف ۽ معنائون ڏنل آهي. لغت ۾ سنڌي لفظن جو اندراج اٽڪل 15500 ٿيندو، جن ۾ اعرابن جو استعمال مختلف لفظن تي ڪيل آهي. لفظن جي آئيويٽائي ترتيب ۾ ڪي گهٽ وڌايون نظر اچن ٿيون، جھڙوڪ ٻن ”آبھوا“ کي ”آبڪلاڻي“ کان اڳ لکيو ويو آهي (ص 5) يا ”آتش“ کي ”آتر“ کان اڳ ۾ درج ڪيو ويو آهي (ص 5). ان کان سواءِ ”آبرو“ جون ٻه داخلائون درج ڪري، انهن جي وچ تي ”آبھوا“ جي داخلا رکي وئي آهي (ص 5). اردو حصي جي جائزي مان معلوم ٿئي ٿو ته سنڌي لفظن جا اچار اردو ۾ لکيا نه ويا آهن، لفظن جي ڪا به وياڪرڻي معلومات ڏنل ناهي، اصطلاحن جي نشاندهي ڪيل به نه آهي، عام طور ٻه يا ٽي مترادف لفظ ڏنا ويا آهن. ڪن لفظن جي معنى کان پوءِ اضافي معلومات به ڏني وئي آهي. ڪيترين ئي معنائن تي نظرثانيءَ جي گهرج محسوس ٿئي ٿي، جھڙوڪ ”آبرو“ جي پھرين داخلا ۾ لکيو ويو آهي: ”موروثي، خانداني، خاندان سے متعلق، جو چيز بزرگوں سے چلي آ رهي هو۔“ جڏهن ته ٻيءَ داخلا ۾ لکيو ويو آهي: ”عزت، شرم، عصمت، فارسي زبان کے لفظ ’آب‘ کے ساتھ فارسي هي کا لفظ ’رو‘ بمعني چهره لگا اور مختلف معنوں ميں مستعمل هے۔“ (ص 5) اردو ٻوليءَ جي ٻن جلدن ۾ ڇپيل ”مختصر اردو لغت“ (جلد اول) ۾ ”آبرو“ جون معنائون هن طرح جامع نموني ڏنيون ويون آهن، جنھن سان پورو پورو مفهوم اڳيان اچي ٿو: ”1. چمک دمک، تاباني، درخشاني. 2. عصمت، عفت، ناموس، پاک دامني. 3. (i) عزت، اعزاز، قدر و منزلت، نام وري، شهرت. (ii) لاج، شرم. (iii) ساکھ، اعتبار، بھرم. 4. حيثيت، درجه، قدر و قيمت. 5. شان شوکت، ٹھاٹ باٹ.“(6)

هتي ان لغت مان ٻه عدد اندراج، مثال خاطر، پيش ڪجن ٿا:

چورسو  ايک قسم کي هتھوڑي جو سوناروں کے کام آتي هے۔ بيل گاڙڑي ميں کام آنے والي لکڑي کا نام، مربع، چوکور۔

چورمو  مليده، چورما، روٹي کو ريزه ريزه کر کے اس ميں گھي اور شکر ملا ليتے هيں۔ (ص 121)

هيءَ ”ڌرحمن سندھي اردو لغت“ هڪ سادي ۽ رواجي سنڌي-اردو لغت معلوم ٿئي ٿي، جيڪا اردو-سنڌي لغتن ۾ فقط هڪ واڌارو آهي.

نتيجو:

پاڪستان کي ٺھئي 75 ورھيه گذري چڪا آهن، پر سنڌي-اردو لغت نويسيءَ ۾ جيترو ڪم ٿيڻ گهرجي ها، اوترو نظر نه ٿو اچي. مقدار ۽ معيار جي لحاظ کي ٻنهي ٻولين جي هڪٻئي سان ٻه-ٻوليائي لغتن ۾ تمام ٿورو ڪم ٿيو آهي ۽ جيترو ڪم ٿيو آهي ان ۾ به اصلاح جي چڱي گنجائش آهي. مُني صديءَ جي مُدي دوران سنڌيءَ کان اردو ٻوليءَ ۾ صرف پنج لغتون ڇپيون آهن، جن مان به صرف ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ۽ ڊاڪٽر غلام مصطفى خان جي گڏيل طور جوڙيل ”سنڌي-اردو لغت“ ڌيان ڇڪائيندڙ آهي، پر ان کي به ڇپئي 60 سالن کان مٿي وقت گذري چڪو آهي ۽ ان جو ٻيھر ڇاپو به نه ڇپيو آهي، جنھن ڪري اها لغت، ان جي واهپيدارن ۽ چاهيندڙن لاءِ ڪتاب گهرن تي موجود نه آهي. آنلائن به ڪا معياري سنڌي-اردو لغت ۽ اردو-سنڌي لغت انٽرنيٽ تي موجود نه آهي. موبائيل ايپ طور ڪي ٻه چار اردو-سنڌي ٻه طرفيون لغتون موجود آهن پر انهن جو معيار گهڻو گهٽ آهي. ان ڪري نه صرف ڪتابي طور تي، پر آنلائين انٽرنيٽ تي ۽ موبائيل ايپ ۾ لغت نويسيءَ جي حوالي سان گهڻي ڪم ڪرڻ جي گهرج آهي.

 

حوالا:

  • بدوي، احسان: سچل سائينءَ جو اردو ڪلام (مضمون)، منصور ثاني سچل سرمست، مرتب: پروفيسر عطا محمد حامي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڇاپو ٻيو 2012ع، ص 104
  • بدوي، احسان: سچل سائينءَ جو اردو ڪلام (مضمون)، منصور ثاني سچل سرمست، مرتب: پروفيسر عطا محمد حامي، ثقافت کاتو، حڪومت سنڌ، ڇاپو ٻيو 2012ع، ص 104
  • بلوچ، نبي بخش خان، ڊاڪٽر: جامع سنڌي لغات (جلد 1)، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو حيدرآباد، ڇاپو ٻيو ڊسمبر 2017ع، ص 703
  • فيروزالدين، مولوي، الحاج: فيروز اللغات اردو جامع، فيروز سنز لميٹڈ لاهور-راولپنڈي-کراچي، ص 629
  • الانا، غلام علي، ڊاڪٽر: سنڌي صوتيات، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي حيدرآباد، ڇاپو ٻيو جنوري 2009ع، ص 83 ۽ 91
  • جعفري، عقيل عباس، سيد (مديرِ اعلىٰ): مختصر اردو لغت، جلد اول (الف تا ژ)، اردو لغت بورڈ کراچي، اشاعت اول 2019ء، ص 191

  • ٻيھر ’بے تاب هونا‘ نه لکڻ گهرجي ها.

*  اصل ۾ ”سَڱ چَٽِي“.

  • درست ”ڄاڃي“.
124 ڀيرا پڙهيو ويو