نصاب ۽ درسي ڪتابن جي تياريءَ ۾ امداد حسينيءَ جو ڪردار
(Imdad Hussaini's role in curriculum and textbooks)

ادريس جتوئي

Abstract:

The primary source for language learning is the textbook in schools, which contains the right usage of words, phrases, and sentences. As children are required to study textbooks, there is no question that a child who talks, reads, and writes the language at home and school will develop a mature pattern and right use of language as he grows Therefore, curriculum and textbook language is of enormous importance. During pre-partition times, Deevan Kory Mal, Chandan Mal, Tara Chand Shoki Ram, Preetam Otram Jhangiani, Dr. Umer Bin Muhammad Daudpoto, Muhamamd Siddique Musafir, Bheero Mal Mahar Chand Advani, Parmanand Meva Ram, Mirza Kaleech Baig and other played a vital role in composing prose and poetry. Muhamamd Ibrahim Joyo, Imdad Hussaini, and other Sindhi linguists and scholars were instrumental in gathering, producing, and correcting Sindhi textbooks after the partition. Imdad Hussaini is a scholar of the highest calibre and a renowned author, editor, and reviewer. He was a skilful editor of Sindhi language textbooks. Additionally, he composed Sindhi poetry and prose for textbooks based on the intellectual aptitude, age, and interests of children. Imdad Hussaini diligently advocated for the correct use of Sindhi in Sindhi language textbooks and other subjects. This article examines and emphasizes Imdad Hussain's roles as a writer, editor, and reviewer.

Keywords: textbooks, prose, poems, poetry, pre-partition, post-partition

 

سنڌي ٻوليءَ جي نامور عالم ۽ اديب ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ درسي ڪتابن ۾ استعمال ٿيندڙ ٻوليءَ بابت لکيو آھي ته:

”درسي ڪتاب، اصولي طور تي ٻوليءَ جي لفظن ۽ اُچارن، اصطلاحن ۽ عبارتن جا معياري دستاويز آھن. جيئن ته شاگردن کي درسي ڪتاب لازمي طور تي پڙھايا وڃن ٿا، انهيءَ ڪري درسي ڪتابن جي لکائيندڙ صاحبن توڙي داناءَ لکندڙن تي اھا ذميداري آھي ته ھو درسي ڪتابن ۾ صحيح ٻوليءَ جي استعمال تي خاص ڌيان ڏين ۽ ڪتابن کي صحيح صورت ۾ ڇاپائين. ڄاڻڻ گهرجي ته درسي ڪتابن ۾ غلطين جي گهڻائي ٻوليءَ جي بگاڙ لاءِ راھه ھموار ڪري ٿي“. (1)

انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ ڪونهي ته ٻار، جيڪا ٻولي ننڍي ھوندي پنھنجي گهر ۽ اسڪول ۾ ڳالهائيندو، پڙھندو ۽ لکندو، اُھا ئي اڳتي ھلي پختي نموني اختيار ڪندو. ان سلسلي ۾ درسي ڪتابن ۾ ڪتب ايندڙ ٻولي وڏي اھميت رکي ٿي. نصاب ۽ درسي ڪتاب تيار ڪندڙ، ليکڪ، نظرثاني ڪندڙ  ۽ ڇپائيندڙ جيترو دُرست ٻوليءَ جي استعمال کان باخبر ھوندا، ذميدار ۽ لاڳاپيل ھوندا، اوتروئي درسي ڪتابن ۽ نصاب جي ٻولي بھتر ۽ معياري ٿيندي ۽ انهيءَ جو سڌو اثر ٻولي سکندڙ ٻارڙن تي به پوندو.

امداد حُسيني، پنھنجي پوري زندگي سنڌي ٻوليءَ جي درست واهپي ڏانھن ذميوار ۽ باخبر رھيو. ھن ادب، شاعري، ڪھاڻي، ڊرامن، مضمون نويسي ۽ خاص طور تي نصاب ۽ درسي ڪتابن ۾ دُرست ٻوليءَ جي استعمال کي يقيني بڻايو ۽ پنھنجي ٻوليءَ سان خوب نڀايو.

سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن جي تياريءَ ۾ ورھاڱي کان اڳ، ديوان ڪوڙي مل چندن مل، تارا چند شوقيرام، پريتم آوترام جهانگياڻيءَ، ڊاڪٽرعمر بن محمد دائود پوٽي، محمد صديق مسافر، ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ، پرمانند ميوارام، مرزا قليچ بيگ، فتح محمد سيوھاڻيءَ، ڪشنچند بيوس، مرزا صادق بيگ، ديوان ننديرام اُڌارام، ديوان اڌارام ٿانور داس، ميران محمد شاھه، بولچند ڪوڏومل، محمد رمضان آخوند، غلام علي قاضي، پرڀداس قسمتراءِ ۽ ٻين ڪيترن ئي ليکڪن، سنڌي درسي، رياضي، سائنس، تاريخ، جاگرافي، ڊرائنگ ۽ ٻين مضمونن جا نصابي ڪتاب سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا، سڌاريا، سنواريا ۽ تيار ڪرايا.

انهيءَ حوالي سان سنڌي ادب جي تاريخ لکندڙ تعليمدان ۽ اديب خانبھادر محمد صديق ميمڻ لکيو آھي ته:

”بمبئي پريزيڊنسيءَ جي تعليم کاتي مسٽر ڪارنٽن جي صدارت ھيٺ ويھين صديءَ جي پھرين ڏھاڪي ۾ ’ٽيڪسٽ بڪ بورڊ رِويزن ڪاميٽي‘ جوڙي ھئي، جنھن جو مقصد ھو ته پرڳڻي جي ٻولين سيکارڻ لاءِ جيڪي درسي ڪتاب ھلندڙ آھن، انهن تي نظرثاني ڪري، ضروري سڌارا ۽ واڌارا ڪيا وڃن. اُن بعد نوان درسي ڪتاب ڇپائي پڌرا ڪجن. انھيءَ سلسلي ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن لاءِ سنڌ مان تعليم کاتي جو ھڪ عالم ديوان پريمچند بمبئيءَ ويو. ھن ٻين سنڌي ٻوليءَ جي ماھرن ۽ تعليمدانن جھڙوڪ مرزا قليچ بيگ، ديوان ڪوڙي مل کِلناڻيءَ ۽ ڀيرومل مھر چند آڏواڻيءَ جي مدد ۽ صلاح سان نوان سبق لِکائي تيار ڪيا. اُنھيءَ ۾ ھن لفظن جي ھجيئُن تي به گهڻو ڌيان ڏنو ۽ زيرن زبرن ڏيڻ جو ھڪ مقرر سِرشتو عمل ۾ آندو. انھيءَ مطابق نوان سڌاريل سنڌي درسي ڪتاب سال 1905ع ۾ ڇپائي پڌرا  ڪيا ويا، جيڪي پنجٽيھه کن سال لڳاتار ھلندا رھيا. انهن ڪتابن ۾ گهڻائي بيت ۽ سبق ڀيرومل مھرچند آڏواڻيءَ جا لکيل آھن“.(2)

حقيقت ۾ درسي ڪتابن جي تياري، ڇپائي، نظرثاني ۽ سنڌي ٻوليءَ جي سُڌارن ۽ مسودن جي منظوريءَ جي شروعات، ’ورنيڪيولر لٽريچر ڪاميٽي‘ جي قيام سان 1868ع ۾ ٿي. اھا ڪاميٽي تعليم کاتي سنڌ جي ايجوڪيشنل انسپيڪٽر قائم ڪئي، جنھن جو سربراھه ٽيچرس ٽريننگ ڪاليج فارمين، حيدرآباد جو پرنسپال ھو ۽ ٻيا اٺ ميمبر ھئا. ڪاميٽيءَ درسي ڪتابن تي نظرثاني، سنڌي ٻوليءَ جي لپين جي ھڪجھڙي صورتخطي مقرر ڪرڻ ۽ مسودن جي منظوري ڏيڻ جي شروعات ڪئي.

سنڌي ٻوليءَ جي نوجوان محقق مختيار احمد ملاح لکيو آھي ته:

”ھن دؤر جي نثري ادب ۾ پھريون دفعو سنڌي زبان ۾ سائنسي علمن کي باقاعدي ھر اسڪول ۾ پڙھائڻ جو سلسلو شروع ٿيو. ھر سائنسي علم جا ڪتاب شايع ٿيڻ لڳا. ان سلسلي ۾ فطري سائنس، سماجي سائنس، معاشي سائنس، آرٽ وغيره سنڌي زبان ۾ لکجڻ شروع ٿيا“. (3)

آزاديءَ کان پوءِ جن شخصيتن، ليکڪن، عالمن، ۽ استادن سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن سُڌارڻ ۽ سنوارڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو آھي. انهن ۾ محمد ابراھيم جويو، ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ، ڊاڪٽر عبدالڪريم سنديلو، پير حُسام الدين راشدي، علامه غلام مصطفيٰ قاسمي، غلام رضا ڀٽو، ڊاڪٽر الھداد ٻوھيو، ڊاڪٽر غلام علي الانا، غلام محمد گرامي ۽ ٻيا ليکڪ شامل آھن.

1970ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ جو وجود عمل ۾ آيو ته انهيءَ دؤر ۾ محمد ابراھيم جويي، سيد غلام مصطفيٰ شاهه، ڊاڪٽر صالح محمد شاھه، امداد حُسيني، اسدالله شاھه حُسينيءَ، محمد بچل ميمڻ، سُکيي خان چني، غلام رسول چني، لعل بخش کوکر، غلام قادر سومري ۽ ٻين بھتر ڪردار ادا ڪيو.

امداد حُسينيءَ 1973ع ۾ سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ سبجيڪٽ اسپيشلسٽ (سنڌي) مقرر ٿيو ۽ 2000ع ۾ رِٽائرمينٽ ورتائين. ھو ستاويھه سال سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۾ درست ٻوليءَ جي استعمال لاءِ جاکوڙيندو رهيو. 2000ع ۾ رِٽائرمينٽ کان پوءِ به هو سنڌ جي تعليم کاتي پاران مقرر ڪيل سنڌي ٻوليءَ جي نصاب، درسي ڪتابن جي صوبائي نظرثاني ڪاميٽيءَ جي ميمبر، ايڊيٽر ۽ ليکڪ طور زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين پاڻ پتوڙيندو رھيو.

امداد حُسيني، درسي ڪتابن جو بھترين سھيڙيندڙ، ليکڪ، نظرثاني ڪندڙ ۽ سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل ايڊيٽر رھيو آھي. ھن، درسي ڪتابن لاءِ ٻارن جي ذھني صلاحيت، عمر ۽ دلچسپيءَ موجب نثر ۾ آسان سبق ۽ نظم به لکيا. امداد حُسينيءَ جي شاعري ۽ لکيل سبق سنڌي لازمي ۽ آسان سنڌيءَ جي ڪتابن ۾ ھن وقت به شامل آھن. ھو پھرئين کان ٻارھين درجي جي سنڌي ڪتابن جو ايڊيٽر به رھيو. نصاب جي گهرجن موجب ڪنھن به ڏنل موضوع تي جيڪڏھن موجود شاعرن جي شاعريءَ ۾ ڪو عنوان موجود نه به ھوندو ھو ته امداد حُسيني موضوع جي مناسبت سان نظم تخليق ڪري وٺندو ھو.

ورھاڱي کان اڳ درسي ڪتابن لاءِ ٻارن جي شاعري ڪشنچند بيوس، محمد صديق مسافر، مرزا قليچ بيگ، ڀيرومل مھر چند آڏواڻي وغيره تخليق ڪئي ته ورھاڱي کان پوءِ امداد حُسيني پڻ ٻارن لاءِ درسي ڪتابن جي ضرورتن مطابق بھترين شاعري ڪئي.

آءٌ جڏھن 1970ع ڌاري پرائمري پڙھندو ھوس ته مون درسي ڪتابن ۾ امداد حُسنيءَ جا نظم پڻ پڙھيا. منھنجو ڳوٺ ٺوڙھا، بنيادي طور تي ھارين ۽ پورھيتن جو ڳوٺ آھي. اسان جڏھن ٻنين ۾ کيڏڻ ويندا ھئاسين ته ھاري ھر پيا ڪاھيندا ھئا ته آءٌ امداد حُسينيءَ جو شعر پيو پڙھندو ھوس، جنھن جون ڪجهه سِٽون مون کي اڄ ڏينھن تائين ياد آھن:

اوڙ سڌي ڄڻ سينڌ سڄڻ جي،

اُن ۾ ھاري ٻج ڇٽي ٿو.

امداد کان سواءِ درسي ڪتابن لاءِ عبدالله ’اثر‘، جمعي خان ’غريب‘، محمد اسماعيل ’فدا‘ عرساڻي، سليم ڳاڙھوي، احمد خان آصف، عبدالحليم جوش، استاد بخاريءَ ۽ ٻين شاعرن پڻ شاعري تخليق ڪئي آھي. جيڪا پرائمري درسي ڪتابن ۾ موجود آھي.

آءٌ 2000ع کان وٺي سنڌي ٻوليءَ جي ٺھندڙ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي سوڌسنوار ۾ پھرئين درجي کان ٻارھين درجي تائين جي تعليم کاتي جي وفاقي توڙي صوبائي ڪاميٽين ۾ مختلف حيثيتن ۾ ڪم ڪندو رھيو آھيان، ڊاڪٽر غلام علي الانا، امداد حُسيني ۽ تاج جويي خاص طور سنڌي ٻوليءَ جي 2003ع ۽ 2009ع جي نصاب ٺاھڻ ۾ اسان سان گڏ نمايان ڪردار ادا ڪيو.

امداد حُسينيءَ پنھنجي نوڪريءَ جو پورو عرصو سنڌ ٽيڪسٽ بُڪ بورڊ ۾ ڪنھن عاليشان آفيس ٺاھڻ بدران سادگيءَ سان  ھر وقت سنڌي ٻوليءَ جي درسي ڪتابن ۽ ٻين مضمونن ۾ سنڌي ٻوليءَ جي درست استعمال لاءِ سنجيدگيءَ سان ڪم ڪندو رھيو، سندس اُھي ڪوششون واکاڻ جوڳيون آھن. 2007ع جي وفاقي وزارت تعليم ۽ يونيسڪو جي سھڪار سان تيار ٿيندڙ خواندگيءَ جي نصاب، سنڌ جي غيررسمي تعليم جي سنڌي ٻوليءَ جي مختلف سطحن لاءِ تيار ڪيل ڪتابن جي ايڊيٽنگ، مختلف سنڌ ريڊنگ پروجيڪٽ جي پڙھڻ جي مھارتن بابت ٺھندڙ ڪتابن ۾ به امداد حُسينيءَ اسان سان گڏجي ڪم ڪيو.

امداد حُسيني، درسي ڪتابن جي مواد تي نظرثانيءَ سان گڏ ٻوليءَ جي وياڪرڻي بيھڪ، لھجن، جوڙجڪ جي نشانين، صورتخطيءَ ۽ اعرابن جي دُرست استعمال جو خاص خيال رکندو ھو. گڏجاڻين ۾ وڏي احترام سان سينئرن سان اختلاف ڪرڻ کان به نه ڪيٻائيندو ھو. نون ساٿين ۽ استادن جي ھمت افزائي ڪندو ھو. بھتر ۽ دليل سان ڪيل ڳالهه کي مڃڻ ۾ دير نه ڪندو ھو. پاڻ نصاب ۽ درسي ڪتابن جي گڏجاڻين ۾ جيترو به وقت ھوندو ھو، سنڌي ٻوليءَ جي سوڌ سنوار پيو ڪندو ھو. لُغتون ۽ شاھه جي رسالي جا مختلف ڇاپا گھرائي ٻوليءَ جي لفظن جي ڳولا ڪندو ھو ۽ ٻوليءَ جي جديد گهرجن کي آڏو رکندو ھو. لکڻ وقت سنڌي ٻوليءَ جا سادا ۽ ننڍا جملا استعمال ڪندو ھو ته جيئن اُھي ٻار سولائيءَ سان سمجهي سگهن.

امداد حُسيني درسي ڪتابن ۾ نه رڳو ٻوليءَ جو خيال رکندو ھو، پر ڪتابن جي لي آئوٽ، فونٽ سائيز، سُٺي ڪاغذ جي استعمال، رنگن، خوبصورت ٽائٽلن ۽ تصويرن ۽ مشقن ڏيڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺندو ھو. نصاب ٺھڻ کانوٺي ڪتابن جي ڇپائيءَ تائين درسي ڪتاب ڪيترن ئي مرحلن منجهان گذرندا آھن، انهن سڀني مرحلن ۾ امداد حُسينيءَ جي قابليت ۽ ڪمٽمينٽ مثالي رھي آھي. انهن سڀني مرحلن منجهان گذرندي امداد حُسيني درسي ڪتابن بابت لکيو آھي ته:

”انهيءَ ۾ ڪوبه شڪ نه آھي، ته لکڻ ھڪ ڏکيو عمل آھي، پوءِ اھا تخليق ھجي يا تحقيق، تنقيد ھجي يا ترجمو، پر سڀني کان ڏکيو عمل درسي ڪتاب لکڻ جو آهي. اھو عمل جيڪڏھن سچ ڪري پُڇو ته پُلصراط تان اُڪرڻ وارو عمل آھي.“ (4)

امداد حُسينيءَ، ٻوليءَ سان پيار ۽ اُتساھه عام ماڻهن منجهان ئي حاصل ڪيو. پاڻ ھڪ انٽرويوءَ ۾ چيو اٿس ته: ”مون عام ماڻهن کان اُتساھه ورتو آھي، انهن کان سِکيو آھي، ڇاڪاڻ ته عام ماڻهوءَ وٽ ئي اسان جي ٻولي آھي. شاھه عبداللطيف منھنجو روحاني اڳواڻ رھيو آھي، ڇاڪاڻ ته ھن عام ماڻهن جي ٻوليءَ، سنڌيءَ ۾ ان وقت لکڻ شروع ڪئي، جڏھن سرڪاري ٻولي فارسي ھئي. شاھه جو رسالو، اھڙو دستاويز آھي، جيڪو اسان جي ھر دور ۾ رھنمائي ڪندو رھندو.“ (5)

عام ماڻهن ۽ شاھه عبداللطيف وٽان اھا ٻولي سِکي. امداد حُسيني سنڌي ٻوليءَ جو مڃيل عالم، اديب، شاعر ۽ ايڊيٽر بڻيو ۽ انهيءَ ناتي ھن درسي ڪتابن جي ٻوليءَ کي به بھتر بڻايو ۽ اُھا امانت پنھنجي ايندڙ نسل تائين پھچائي.  ۽ آخر تائين چوندو رھيو ته:

جيئنداسين ته صدائون ھن ۾،

مرنداسين ته دعائون ھن ۾،

جَڳ جڳاندر تائين سائين!

سنڌي ٻولي امر رھي!

(امداد حُسيني)

حوالا

  1. لغاري، امين محمد، ايڊيٽر: ٽماهي ’سنڌي ٻولي‘ حيدرآباد، 1992ع، سنڌي لئنگويج اٿارٽي، حيدرآباد.
  2. محمد صديق ميمڻ، ’سنڌ جي ادبي تاريخ‘ مھراڻ اڪيڊمي 2005ع، شڪارپور، صفحو 36.
  3. مختيار احمد ملاح، ’سنڌي ٻوليءَ جو سرڪاري ۽ دفتري ڪارج‘، سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو، حيدرآباد، سنڌ، 2022ع، صفحو 159.
  4. جويو تاج، مُرتب، ’سنڌي ٻوليءَ جو درست استعمال‘، ڇاپو پھريون، جنوري 2009ع، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد.
  5. http://sindhprofiles.blogspak.com/2010/04imdadhussaini.html
227 ڀيرا پڙهيو ويو