گوَني ۽ گُونِي، پرين پَٽائين گَج جنءَ [امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جون لساني خوبيون)
(Linguistic qualities of Imdad Hussaini's poetry)

ڊاڪٽر سحر امداد حسيني

Abstract:

Imdad Hussaini is an exceptional poet and writer in the Sindhi language, whose poetry and prose are rich in elements and adorned with a variety of facets. He was an avid reader who favored Sindh folk literature, classical literature, and contemporary global literature. Using a variety of literary expressions and genres, he authored and produced voluminous amounts of material. The poetry of Imdad Hussaini is the product of immense sacrifice and discipline. His experience and observation provided him with boundless expressional riches. Imdad's writing and all prevailing melodic forms of poetry reflect the elegance of his thoughts and the profundity of his observations. Imdad Hussaini's remarkable use of language and its profound meaning are intertwined like the seven colors in a rainbow, each of which reflects the power of nature. Imdad Hussaini has an exceptional command of the Sindhi language. He has tremendous linguistic ability. He utilized words creatively. By experimenting with the syntax structure of words, he created never-before-seen forms and meanings. In his poetry, such as his epic poem titled "roots," which exemplifies the beauty of juxtaposition, allegorical, and metaphorical language, he used numerous unique and forgotten terms. In this article, I highlight the linguistic elegance and richness of Imdad Hussaini's poetry.

Keywords: Classical poetry, poem, metaphorical language, melodic forms, linguistic power

 

امداد حسيني، سنڌي ٻوليءَ جو اهڙو شاعر آھي، جنھن پنھنجي شاعريءَ جي تڪلم سان لفظن کي ڇُھي سون ڪري ڇڏيو آھي. ھو جو پاڻ به سون آھي، پنھنجي ھڪ حَسين غزل ۾ چئي ٿو:

مان جو تنھنجو ٿي ويو آھيان

مرندي مرندي جي ويو آھيان

جو به وڻيئي سو ڳَھه ٺاھي

سون جيان پگهري ويو آھيان

ڪيڏو نه خوبصورت تصور ڏنو آھيس، هڪ يڪتا ۽ انوکو خيال، نئون نڪور خيال، ’جو به وڻيئي سو ڳھه ٺاھي‘. اڄ اسان وٽ اھو لفظ ’ڳھه‘ به ڪير ٿو استعمال ڪري. عام طرح لفظ ’زيور‘ ئي استعمال ڪيو ويندو آھي. شاعر سون جيان پگهرڻ جي ڳالهه ڪري- ھڪ بنھه انوکي ڳالهه ڪئي آھي. خود سپردگيءَ جي جذبي جو ان انداز ۾ اظھار يقيناً بنھه نئون ۽ انوکو آھي.

سنڌي ٻوليءَ جي ھن سھس روپي ۽ سھس رنگي ڪلاڪار، ذات ۽ صفات ۾ منفرد شاعر امداد حسينيءَ کي شاھه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي ھڪ بيحد خوبصورت ۽ گھري معنويت سان ڀريل سِٽ: ’گوَنِي ۽ گُوني، پرين پَٽائين گج جنءَ‘ارپيان ٿي، جنھن جي شاعري توڙي نثر قسمين قسمين رنگن سان سينگاريل آھي. ھڪ نئين آڪار ۽ انداز  سان سينگاريل پَٽائين گَج جيان آھي. ٻوليءَ جي حوالي سان لطيف سائين سدائين سندس سُونھون رھيو آھي. پاڻ پنھنجي ڊائريءَ ۾ لکي ويو آهي ته: ’لطيف سائين جيئن نج ۽ اصل جي کوج ڪئي آھي، سڄي سنڌ پيرين پنڌ رليو آھي. ماڻهن سان مليو آھي. انهن سان ڳجهه ڳرھيو آھيس. انهن سان گڏ رُنو کِليو آھي. ھن جي مشاھداتي اک ازل-ابد جي وسعتن کي ھڪ دائري ۾ آڻي ٿي، ان ڪري لطيف جي ٻولي وسيع ۽ لامحدود آھي.‘

جيئن لطيف سائينءَ جي ٻولي وسيع ۽ لامحدود آھي، ائين ئي امداد حسينيءَ جي ٻولي به وسيع ۽ لامحدود آھي. ھو پنھنجي ان شاعراڻي شعور ۽ آگھيءَ کي لفظن ۾ آڻي- پنھنجي ڪتاب ’ھوا جي سامھون‘جي ڊسٽ ڪوَر جي پوئين فلئپ تي لکي ٿو:

”لفظ (آواز/سُر) باھه کان اڳ انسان جي اعليٰ ترين دريافت آھي. شاعر لفظ کي معنيٰ عطا ڪري ٿو ۽ ان کي سڪئه رائج الوقت جيان رواج ۾ رکي ٿو ۽ ائين لفظ زندھ رھي ٿو ۽ ائين ئي شاعر پاڻ ۾ زندھ رھي ٿو.“  (1)

ھو اڳتي ھلي لکي ٿو:

”لفظ لفظ ٿي سِٽ جُڙي ٿي،

سنڌوءَ جي سير جھڙي سِٽ

سڄڻ جي سينڌ جھڙي سڌي سِٽ

۽ مون ھي لکين سِٽون، ان سِٽ کي

سرجڻ لاءِ لکيون آھن، جيڪا اتھاس

۾ امر ٿي وڃڻي آھي.“  (2)

۽ اڄ اسين امداد حسينيءَ جي انهن سِٽن تائين اوَس رسنداسين، جيڪي اڳ ۾ ئي اتھاس جي پنن تي امرتا ماڻي چڪيون آھن.

امداد حسيني انهن امر سٽن لکڻ لاءِ يقيناً وڏي تپسيا ۽ رياضت ڪئي. ھن گهڻو پڙھيو ۽ ڪڙھيو به- سنڌ جي لوڪ ادب، ڪلاسيڪي ادب کان ويندي جديد ادب تائين ۽ سموري دنيا جي بھترين ادب ۽ شاعريءَ کي ھن پڙھيو. سندس تجربي ۽ مشاھدي کيس اظھار جا اڻميا خزانا عطا ڪيا. ھن کي ته اھا نج سنڌي بلڪ لطيفي ٻولي سُتيءَ ۾ ملي ھئي، سندس ڏاڏيءَ ھٿان.

سندس ڏاڏي شھر بانو، سيد ميران محمد شاھه (اول) جي ننڍي ڌيءَ ھئي، جنھن ھن کي ننڍپڻ ۾ پينگهي ۾ لوليون ڏنيون. ٿورو وڏو ٿيو ته ڏاڏي کيس پنھنجي جوٽن تي سمهاري انيڪ ڪھاڻيون، امير حمزي جا داستان، يوسف زليخا جو قصو، گل بڪاؤليءَ ۽ گل صنوبر جھڙا قصا ۽ ديوين ۽ پرين جون آکاڻيون ٻڌائيندي ھئي. شاھه لطيف جا بيت وڏي ڍار سان ڏيندي ھئي. ڪئين نقل نظير، پروليون، ٽوٽڪا ۽ ڪوڏاڻا ڏيئي ڪوڏائيندي ھئي. اهي آکاڻيون ٻڌندي سندس معصوم ذھن، انهن پَرين جي پريزادن جو شھزادو بڻجي ويو:

”مون چيو:

”اي خيالن جي پري

تنھنجا کنڀ آھن ڪٿي؟“

ھن چيو:

”کنڀ کَسجي ويا اٿم!“

مون سوچيو:

مان به شايد ڪن پريزادن جي شھزادن مان ھوس!“  (3)

امداد صاحب جو ھيءُ نظم سندس ابتدائي دور جي نظمن مان ھڪ آھي. ان نظم جي تقريباً ويھن ٻاويھن سالن کان پوءِ ھن پنھنجي ڏاڏيءَ کي پنھنجي ھڪ نئين نظم ۾ ڀيٽا ڏني ھئي ”ڏاڏيءَ جي ياد ۾“. ان ۾ ھو ھڪ ڀيرو وري به پنھنجي ڏاڏيءَ کي اُھا ساڳي آکاڻي ٻڌائڻ لاءِ چئي ٿو، جنھن ۾ ”راجڪماري ۽ راجڪمار جي وچ ۾ ھئي، ڌُنڌ جي لمبي ديوار!“

جيتوڻيڪ ان ڏاڏيءَ جي ڏکن تي لکڻ لاءِ ھڪ الڳ باب درڪار آھي، پر به اُھا ڪھاڻي صرف اُھا ڏاڏي ئي ٻڌائي ٿي سگهي!

”جنھن ۾ ھڪ ديو ھو، جو سمنڊ به پي ويندو ھو، جنھن جي ھڪ ڦُوڪ سان طوفان اچي ويندو ھو...

۽ اھو ديو پھاڙن کي ڳھي ويندو ھو!“ (4)

شاعر پنھنجي استعارن کي ڪيئن نه اونهيون گھريون معنائون ڏيندو آھي- ۽ پڙھندڙن جي ذھن ۾ انيڪ سوال پوکي ويندو آھي- ۽ پنھنجي سوچ جو سلسلو پنھنجي پڙھندڙ تائين وڌائيندو آھي- جيئن سوچ جو سلسلو اڳتي... اڃا به اڳتي ھلندو رھي... سوالن جا جواب لھڻ لاءِ:

ڇا اھڙا ديو اڄ به ھن سماج ۾، ھن ديس ۾ نه آھن؟ جيڪي درياهه به پي ويندا آھن؟! جن جي ھڪ ڦوڪ سان طوفان اچي ويندا آھن!

شاعر پنھنجي شاعريءَ ۾ جن تصورن ۽ خيالن کي لفظن جو جامو پارائي، اسان آڏو پيش ڪري ٿو:

”شاعر ان ٻوليءَ جو خالق آھي. ھو پنھنجي شاعريءَ ۾ ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي نه رڳو استعمال ڪري ٿو، پر نوان لفظ به گهڙي ٿو.“ (5)

سندس ھڪ نظم آھي: ”سھڻا سائين“، ان نظم جو خيال، ان ۾ سمايل فڪر پڙھندڙ کي گهڻو ڪجهه سوچڻ تي مجبور ڪري ٿو. ان نظم جو انوکو سٽاءُ ۽ ان ۾ ٻوليءَ جو تز استعمال، ٻوليءَ جي شبيھه سان گڏ ان ۾ سنڌي اصطلاحي ٻوليءَ جو حسين امتزاج نظم جي معنويت کي ٻيڻو ٽيڻو نه، پر سئوڻو ڪري ٿو:

”سھڻا سائين

ائين سدائين

مون سان ئي ڇو ٿيندو آھي؟

ڊوھه ڪيو، جنھن ودروھه ڪيو،

ڏوھه اھوئي ڏيندو آھي!

ديس دروھي ڪوڙو ڪانئر

اُلري، اُڀري، ايندو آھي

جنھن کي سونھون سمڌو ھوندم

سو ته نھوڙي نيندو آھي.“  (6)

انهيءَ بند ۾ ”ڊوھه ڪرڻ“، ”ڏوھه ڏيڻ“، ”نھوڙي نيڻ“ جھڙا نج سنڌي اصطلاح ڪتب آندا ويا آھن- جيڪي معنيٰ کي وسعت ۽ گھرائي عطا ڪن ٿا. اھڙيءَ طرح
”سمڌو“ جھڙو نِج عوامي لھجي جو استعمال امداد حسينيءَ جي شاعريءَ کي ھڪ فطري احساس عطا ڪري ٿو ۽ عوام سان جوڙي ٿو.

ان نظم جو ٻيو بند آھي:

”جنھن جي ٿوھر ھٿ ۾ خنجر

سول موت ڏانھن سڃيندو آھي

جنھن کي امرت پياريو ھوندم

زھر اھو آڇيندو آھي!

سؤٿورن مان ھڪڙو ٿورو

پَٽي ڪين مڃيندو آھي!

ان بند ۾ ”ٿوھر ھٿ“ جي تشبيھه ڪيڏي نئين نڪوري آھي ۽ امداد حسينيءَ گهڙي آھي.  ۽ خود ٺيٺ سنڌي لفظ ”سڃيندو“ جو استعمال امداد حسينيءَ جي منفرد ڊڪشن کي ظاھر ڪري ٿو ۽ آءٌ سمجهان ٿي ته خود اھو لفظ به شاھه لطيف کان پوءِ امداد حسيني ئي ايڏي فطري انداز ۾ پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪيو آھي، يا وري ”امرت آڇڻ“ ۽ ”زھر پيارڻ“ جھڙن تصورن اصطلاحن جو استعمال شاعريءَ جي معنويت کي وڌائي ٿو ۽ گھرائي عطا ڪري ٿو يا وري ”سؤ ٿورن“ مان ھڪڙي ”ٿوري“ کي به نه مڃڻ- ۽ ان لاءِ نج سنڌي لفظ ”پَٽي“ (يعني صفا نه- بنھه نه!) ڪين مڃڻ- ٺيٺ لاڙي لھجي جو لفظ آھي- ان کي به آڻي ھو ان سٽ کي وڌيڪ مستند ۽ معتبر authoritative بڻائي ھٺ ۽ ھوڏ ڀري ٿو. ان لھجي جو استعمال سندس ٻوليءَ جي وسعت پذيري آھي.

ٻئي بند جون پڄاڻيءَ جون ٻه سٽون آھن:

”جنھن کي پاکر پھرايو سو

کاڻو کل کليندو آھي!“

ھاڻي ھتي ”پاکر پارائڻ“ (لاڙي لھجي ۾ ’پھرائڻ‘) جو استعمال ڏسو، يعني جنھن کي عزت ڏيون سو ئي ڳچيءَ ۾ پوندو آھي. پر ان خيال کي امداد حسيني ڪيڏي نه منفرد نموني بيان ڪيو آھي:

سو، کاڻو کَلَ کليندو آھي!

مون گهٽ ۾ گهٽ سنڌي شاعريءَ جي اتھاس ۾ اھڙي سِٽ نه پڙھي آھي. اھڙي سِٽ صرف امداد حسيني ئي لکي سگهي ٿو، جنھن جو مشاھدو ۽ تجربو وسيع آھي، گوناگون آھي. ”کَلَ کَلڻ“ ٺيٺ لاڙي اصطلاح آھي. ۽ ”کاڻو“ يعني سڙيل ڪاراٽيل ان لفظ کي امداد مخاطب طور استعمال ڪيو آھي ۽ ڪمال ڪيو آھي! اھي سڀ اسان جي ٻوليءَ جا بامعنيٰ لفظ آھن، جن کي اسين وساريندا پيا وڃون- ۽ اھي اسان جي استعمال نه ڪرڻ جي ڪري گم ٿي رھيا آھن. ان ڪري ئي ھڪ سُچيت شاعر جي بنيادي ذميواري پنھنجي ٻوليءَ سان آھي، ڇو ته هڪ ٻولي سَکڻن لفظن جو جهڳٽو ناهي، اها هڪ پوري سڀيتا آهي، روايت آهي، هڪ جاتي هئڻ جي پوري تاريخ آهي. جيئن اڄ جي دؤر جي هڪ مھا ڏاهي نام چومسڪي ٻوليءَ جي حوالي سان ليک لکيا آهن، هو هڪ هنڌ لکي ٿو ته: ”

“A Language is not just words, it’s a culture, a tradition, a unification of a community, a whole history that creats what a community is. Its’s all embodied in a language.”  (7)

لفظ آھن ته ٻولي آھي. ٻولي لفظن سان ئي ٺھندي آھي ۽ لفظ ان کي مفهوم عطا ڪندا آھن. ٻوليءَ جا لفظ زندھ رھندا آھن، تڏھن، جڏھن استعمال ٿيندا آھن.

”امداد حسيني لفظن جي نحوي بناوت ۾ تجربا ڪري انهن ۾“ نيون صورتون پيدا ڪري ٿو، جيڪي اڳ ڪڏھن به مستعمل نه رھيون آھن. ڪيترن ئي غير مروج ۽ وساريل لفظن کي پنھنجي شاعريءَ ۾ استعمال ڪري ٿو ۽ انهن کي مروج ڪرڻ لاءِ جتن ڪري ٿو. تشبيھاتي، تلميحاتي ۽ استعاراتي سطح تي ٻوليءَ کي خوبصورتيون ۽ رنگينيون عطا ڪري ٿو.“ (8)

مٿي مون اھڙا مثال ڏنا آھن ۽ اڃا ڪيترائي مثال ڏيڻا آھن.

امداد حسيني پنھنجي شھرهءِ آفاق رزميه نظم (Epic) ”رُوٽس“ ۾ جيڪي تشبيھاتي، تلميحاتي ۽ استعاراتي ٻوليءَ جون حُسناڪيون سمايون آھن، سي ان نظم جي خيال تصور ۽ تخيل، لئي ۽ نغمگي ۽ خود ٻوليءَ تي شاعر جي قدرت/دسترس کي ظاھر ڪن ٿيون. طويل نظم لکندي شاعر جو ساھه ٽُٽي پوي ٿو. ھو ھُڦجي وڃي ٿو. امداد حسيني سٺ جي ڏھاڪي کان وٺي طويل نظم لکيا آھن- جھڙوڪ: حملو، بدلو، فرياد ۽ ٻيا- ان ريت سندس ٻين مجموعن ۾ ڪيترائي طويل نظم موجود آھن ”اپيل“، سندس شھرِ آشوب ”شھر“ جيڪو صرف ھڪ شھر جي تباھي نه، پر ھڪ پوري سڀيتا ۽ تاريخ جي تباھيءَ تي لکيل شاندار، شھرهءِ آفاق ايپڪ آھي. سو ھڪ رزميه (Epic) لکندي امداد حسيني شروع کان آخر تائين نظم جي فڪري، تخيلاتي، تصوراتي تازگيءَ کي تُز ٻوليءَ سان جوڙي رکڻ جو ڪرشمو ڪري ٿو. سندس نظم ”روٽس“ جي ابتدا ئي ھو ڏُک سان ڪري ٿو. ڏکن (sorrows) جي لفظن ۾ اُکيل شاعريءَ جو سڀ کان ڏکيو مرحلو آھي. ان ڪري ئي ”ٽرئجڊي“ (tragedy) جو ادب ۾ اعليٰ مرتبو آھي.

ڏک ته آھي پارس ڪوئي

جنھن سان ماڻهو سون ٿئي ٿو!

”ڏک“ کي ”پارس“ سان تشبيھه سنڌي شاعريءَ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو پڙهڻ لاءِ ملي آھي. ان ”ڏک جي پارس“ سَڃَڻ سان ماڻهو جي سون ٿيڻ جو تصور ڪيڏو نه انوکو ۽ خوبصورت آھي.

شاھه سائينءَ چيو آھي ته:

”ڏک سکن جي سونھن

گهورئا سُک ڏکن ريءَ!“

سو ڏکن کيس سَڃَي سچو سون ڪري ڇڏيو- ۽ ھو:

”حق سچ لاءِ ويڙھاند ڪري ٿو

۽ پڙ تي پُرزا ٿي پئي ٿو

سر ۽ ڌڙ کي ڌار ڌري ٿو

ڄاڻي ڄَيري منجهه ڄَري ٿو!

ھن بند ۾ ”حق لاءِ وڙھڻ“ ”پِڙ تي پُرزا ٿيڻ“ سر ڌڙ ڌار ڌرڻ“ (ڄاڻي ٻجهي) ”ڄيري منجهه ڄرڻ“ جي اصطلاحن ۽ نج سنڌي لفظ جوڙڻ جو استعمال ڪرڻ، سندس ٻوليءَ جي مھارت جو چِٽو ثبوت آھي.

ان ايپڪ ۾ ھو ھڪڙي اڃا به وڏي ڳالهه ڪري ٿو:

”روٽس ڏسي محسوس ٿئي ٿو

ھر ماڻهو ڄڻ ڪو وڻ آھي

جنھن جي اونهي پاڙ وڃي ٿي

جنھن جا ڏار آڪاس ڇُھن ٿا

جن تي ڦُل ۽ ڦَل ٿين ٿا

پرھه پکيئڙا لات لَنون ٿا

دين ڌرم جا ڀيد ڀُلائي

ذات پات جا فرق مِٽائي

سڀني کي ھڪ جھڙو ڀانئي

پانڌيئڙن کي ڇانوَ ڏين ٿا!“ (9)

”روٽس“ نظم جي ھن بند ۾ ماڻهوءَ کي ”وڻ“ سان تشبيھه ڏني وئي آھي، جيڪا ھڪ بنھه نئين تشبيھه آھي ۽ ڳالهه رڳو ماڻهوءَ جي ’وڻ‘ ٿيڻ تي پوري نٿي ٿئي، بلڪ اھا اڳتي وڌي ٿي ۽ ”ڌرتيءَ جي پاتالن“ تائين، ان جي ”اونهي پاڙ وڃي ٿي ۽ جنھن جا ڏار آڪاس ڇُھن ٿا ۽ ان ”وڻ“ تي ڦَل ۽ ڦُل“ ٿين ٿا ۽ ان وڻ تي ”پرھه پکيئڙا“ ”لاتيون لَنوَن“ ٿا- ۽ قِصو اتي ختم نٿو ٿئي اھي ”وڻ-ماڻهو“ پکي پکڻ، ڦُلن ۽ ڦلن سان جنجهڻ کان پوءِ اڃا به اعليٰ ڪم لاءِ پاڻ کي وقف ڪن ٿا:

”دين ڌرم جا ڀيد ڀُلائي

ذات پات جا فرق مِٽائي

پانڌيئڙن کي ڇانوَ ڏين ٿا!“

اھي وڻ سمان-ماڻهو ته ڪوبه ڀيد ڀاوُ نٿا رکن ۽ سڀني پانڌين کي ڇانوَ ڏين ٿا. ان ھڪڙي بند ۾ ٻوليءَ جو نج ھئڻ سان گڏ ڪيئي حسناڪيون به آھن. جھڙوڪ: خيال جي خوبصورتي، فڪر جو اَڇُتو پَڻ“ ته انسانيت (humanism) جو اعليٰ ترين پيغام به آھي. ته آفاقيت (universalism) جو اَنُڀؤ به آھي ته: ’انسان ھن دنيا ۾ خير لاءِ آيو آھي.‘

امن، چڱائي ۽ ڀائپيءَ جي اعليٰ مقصدن جي پورائي لاءِ آيو آھي، روٽس (Roots) ھڪ ارفع و اعليٰ ايپڪ آھي. شھرِ آشوب: ”شھر“ وانگي ھڪ شھرهءِ آفاق نظم. انهن نظمن تي ته سنڌ، سنڌ جي سڀيتا ۽ بين الاقواميت جي تناظر ۾ ايم فل/پي ايڇ ڊي جو مقالو لکڻ گهرجي.

ان ڏس ۾ ڊاڪٽر غلام علي الانا ”ڪينجهر“ ۾ ڇپيل پنھنجي طويل تحقيقي مقالي: ”امداد حسيني ھڪ قداور اديب ۽ قد آور شاعر“ ۾ لکي ٿو:

”يقيناً! امداد جي شاعريءَ ۾ اھي مڙيئي لسانياتي خوبيون نظر اچن ٿيون، جن جو ذڪر محترمه سحر ڪيو آھي. امداد ھزارن جي تعداد ۾ نوان لفظ، اصطلاح ۽ نيون ترڪيبون تخليق ڪيون آھن.“  (10)

اھا ھڪ حقيقت آھي ته:

”شاعريءَ ۾ ٻولي جي باريڪين، ان جي نزاڪتن، معنيٰ جي انيڪ خوبصورتين ۽ نفاستن کي فقط اھو ئي شاعر تخليقي سطح تي استعمال ڪري سگهندو، جنھن وٽ ٻوليءَ جو اڻميو خزانو ھوندو ۽ جو ان کي استعمال ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت پڻ رکندو ھوندو.“  (11)

۽ يقيناً امداد حسينيءَ کي ٻوليءَ تي وڏي دسترس حاصل آھي. ھن وٽ ٻوليءَ جو اڻميو خزانو آھي. ھو ٻوليءَ کي تخليقي سطح تي استعمال ڪري ٿو. ان ڏس ۾ ھو ھڪ Perfectionist آھي. ڊاڪٽر الانا، امداد حسينيءَ جي ھڪ مصرع کي ڪوٽ (Quote) ڪري، جيڪي ڪجهه لکي ٿو، اھو نه رڳو پڙھڻ جھڙو آھي، پر ھنئين سان ھنڊائڻ جھڙو آھي:

”اھا تنھنجي ڏات، سڀ ساڻيھه سُڪاريو امداد جي فقط ھن مصرع ۾ ڪم آندل صفت وياڪرڻي لفظن ۽ لفظن جي گهاڙيٽن ۽ رچنائن وارين خصوصيتن تي علم صَرف جي روشنيءَ ۾ ھڪ طويل مقالو لکي سگهجي ٿو، ڇاڪاڻ ته امدادَ جو ذھن حسنِ بياني، ٻوليءَ جي رنگينيءَ، صنعتن جي استعمال ۽ خاص ڪري تشبيھن ۽ تجنيس جي استعمال جي لحاظ کان ھڪ بي پايان بحر آھي.“ (12)

 امداد حسينيءَ جي ٻوليءَ جون حسناڪيون ۽ سندس شاعري ۾ سمايل گھري معنويت ھڪ ٻئي سان ائين سلهاڙيل آھن، جيئن انڊلٺ ۾ ست رنگ! آءٌ جيڪو پني تي سندس شاعري اُتاريندي وڃان ۽ ان کي ڍار سان، ترنگ سان پڙھندي وڃان ته، لفظ جو لفظ سان تال ميل، ان ۾ ڳتيل ڳوڙھيون معنائون ان شاعر کي ڪنھن منتر جي رتبي تي رسائينديون.

امداد حسيني پاڻ ئي چيو آھي ۽ ڪٿي لکيو آھي ته: ”مون سنڌي شاعريءَ کي ٻن ھٿن جي ڏھن آڱرين کان وڌيڪ صنفون ڏنيون آھن، جن ۾ ھن جا يڪتا نظم به آھن: ”ڪورو پنو، لفظ نه آھن کيڏوڻا، نِما شام، اُماس کان پوءِ، ماحول، مون ۽ لاٽ، بغداد تھران، اولانڀو، جاڙيون قبرون، اي ڪراچيءَ جا نگر، حيدرآباد، ملوڪان موت مِروئان شڪار، جنگ، جوالا، جيئڻ نه مرڻ، رات ڪا برسات جي، بِلو شھيد تي سلام، تون به ڪنائين ته سھي، چھرو، موسم، نديءَ، زخم جي نظم به آھي، فرياد، اُداس نيڻن جي نانءِ، زندگي ايش-ٽري جيان آھي، رھبرو رھزنو، ڏيئو، پاڻي، ساڻيھه جو سندوم، چيئھ، ھوءَ، شعر، ڪيئن ڪڏھن، فنڪشن، تند ٻُري ٿي، اي سنڌ امان، سُور، ڪيتري پياري لڳين ٿي، شال، ھٿ ڌريل آھي سيني تي، وراڻي، واپسي، ويساھه، ماٺار، جيڏي، باک جي ساک“ ۽ ٻيا انيڪ نظم انهن نظمن کي پڙھڻ ۽ ڪڙھڻ کان پھرين جيڪڏھن محض انهن نظمن جي عنوانن تي ئي غور ڪجي ته سنڌي ٻوليءَ جي انيڪ اڪيلن لفظن ۾ لڪيل معنائن جا جھان کلندا ويندا. شاعر انهن عنوانن تحت ڪھڙين ۽ ڪيترين ئي ڪيفيتن کي، خيالن ۽ تصورن ۾ پنھنجي تخيل جا رنگ ڀريا آھن. نظم جي سٽن کي ڪيترن نرمل لفظن ۾ سَت سَريءَ ۾ پويو آھي- اچو ته ڪجهه چونڊ نظمن جا ٽڪرا پڙھون:

روشنيءَ جي اُجهايو متان پياس کي

اکڙين جي وِسايو متان آس کي

پڪ پرھه جا پکي لات لنوندا ضرور

سوجهري کي ڀليڪار چوندا ضرور

ساکَ سان ٿو چوان باک ڦٽندي ضرور. (13)

ھاڻي ھتي سؤ سال پراڻي نظم توڙي بي قافيھ نظمن جي وصف توڙي ”بيوس“ جي نظمن تي، ان جي موضوع ۽ ان جي ٻوليءَ بابت لکڻ ۽ ڳالهائڻ جي ضرورت ناھي، ڇو ته امداد حسينيءَ پنھنجي لامحدود تجربي، اونهي تصور، انوکن خيالن ۽ تخليقي نواڻ جي آڌار تي گهڻو اڳتي نڪري چڪو آھي. وٽس تجربن جو ھڪ جهان آھي. سو نئين دور جي نئين تقاضائن جي آڌار تي ھن جديد شاعريءَ کي ھڪ نئون رنگ ۽ آھنگ ڏنو. ھن 1962ع ڌاري پنھنجي جديد نظمن کي بين الاقواميت جي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو. 1962ع ۾ لکيل سندس نظم ”الحمرا“ ۽ ان کان پوءِ ”حملو“ ”شرط“ ۽ ٻيا، انيڪ نظم ان جو چِٽو پِٽو ثبوت آھي.

ائين ئي سٺ جي ڏھاڪي ۾ ھن شاندار آزاد نظم لکيا، جن ۾ ھن پنھنجي طويل ترين سٽن لکڻ جي ھنر کي ڪاميابيءَ سان استعمال ڪيو. انهن نظمن ۾ نئين دور جي سختين ۽ بندشن جي ڪري شاعر وڌيڪ گھرو ٿي ويو، ھن اھڃاڻن جو تُز استعمال ڪيو ۽ ڪڏھن ڪڏھن جديديت جي ان سٽاءَ جا ڇيڙا absurdity سان وڃي ٿي مليا. شخص جي اڪيلائي، انسانن تي جبر جون ڪيئي صورتون نڪري نروار ٿيون، جن کي شاعرن پنھنجي تخيل جي اُڏام، فڪري گھرائي، بيان جي انوکائيءَ سان ڀري ڇڏيو ۽ شاعر وڌيڪ گھرائيءَ ۾ لھي ويو. اھڙي گھرائي جنھن جو ٿاھه جيڪو تيڪو لھي نه سگهي. امداد حسينيءَ جي انهن آزاد نظمن ۾ ھو absurdity جي اونهائيءَ ۾ لھي ٿو. اھائي شيءِ ھن کي پنھنجي دور ۾ سڀني کان منفرد بڻائي ٿي. امداد حسينيءَ جي ٻاھٺ، ٽيھٺ، چوھٺ ۽ پنجھٺ کان وٺي ھڪ تسلسل سان لکيل نظمن، بي قافيه نظمن ۽ آزاد نظمن سان ’پُراڻ پڻي‘  جو دور ختم ٿئي ٿو ۽ ھڪ نئين دور جي ابتدا ٿئي ٿي. جنھن کي اسين سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب ۾ ھڪ ’نئون انقلاب‘ چئي سگهون ٿا. نواڻ جي ان راھه ۾ امداد حسيني سنڌي ٻوليءَ کي ھڪ نئون expression ۽ نئون اظھار ڏنو.

آسمانن تي مٿي ڏاڍو مٿي ويھي رھين

ھيٺ ڌرتيءَ تي ايندين به ته ڪافر سڏبين

مارئي چنڊ جي ھر رات جو قيدي پسندين

۽ عمر ڏينھن جو آزاديءَ سان

ننگي تلوار سان بازار ۾ گهمندا ڏسندين

 

دل جي سسئي پئي ڪنھن چوڪ تي ٿيندي نيلام

پنھنجي خوابن جا پنهون راھه ۾ رُلندا ڏسندين

 

ھاڻ نوري جي نگاھن جي سُنھري ڪينجهر

لک اتر واءُ لڳي پر نه ھندورو ٿيندي

۽ اسين ڄام تماچي اھو سوچيون ويٺا

تخت ۽ بخت کي گهوريون به ته ڪنھن تان گهوريون

ھاڻ ڪينجهر جي ڪنڌيءَ تي ٿا رڙن ڪنگ ئي ڪنگ

حال احوال جي اوريون به ته ڪنھن سان اوريون (14)

ان ڏس ۾ سندس ڪيترن ئي شاندار آزاد نظمن جا مثال ڏيئي سگهجن ٿا. جيئن: روشنيءَ جو سفر، ٽياس، خوشبو، ڌرتيءَ تي مرد ۽ عورت جو پھريون گيت، ڪارنھن جو ٽِڪو، لطيف تنھنجو نانءُ، وَڙ-ڪُوڙ گيت ماري نه سگهندا، سنگتراش وقت ته آھي مھراڻ، رسوا جي آھيون ته ڇاھي، ڇڏي ڏي انهن کي، مون توکي ڪٿي ڏٺو آھي، اھا باھه، ترياق، ھي فقيرن جا ھجوم، گئس چيمبر، ڄام شوري جون ھوائون ۽ ٻيا گهڻا.

... رُسوا جي آھيون ته ڇاھي،

اوھان کي ته ھٿ ھٿ ۾ ڏيئي ھلڻ وارا ھر موڙ تي

دوست ملندا ئي رھندا!

اسين زندگيءَ جي حسين ۽ جوان شاھراھن تي تنھا

جي آھيون ته ڇاھي!

اوھان جي اڳيان سربسجده رھيون عزتون زندگيءَ جون

خوشيون نيڪ ناميون!

اسين بيوفا اکڙين جا ڪُٺل ھن زماني ۾ رسوا

جي آھيون ته ڇاھي!

اوھان جي گلابي بَدن جي وڳي جا سوين روپ آھن

سوين رنگ آھن!

اسان جي مٿي ۾ مِٽي آھه ڪپڙا به ڦاٽل ۽ ميرا

جي آھن ته ڇاھي!

... رسوا جي آھيون ته ڇاھي!  (15)

روشنيءَ جو سفر

وري پاڳل ھوائون بند دروازن کي کولينديون

زبردستيءَ سان ڪمري ۾ گهڙي آيون

ڪيلنڊر پنھنجي تاريخن ۾ گُم مُنھن ڀر پيو آھي

۽ شيلف ۾ اداس ۽ پاڻ ۾ گم سم ڪتاب آزاد آھن

باغ ۾ اڄ رنگ ۽ خوشبو جو وصل آھي.

وري ڪو دل جي ڀرسان گذريو وارن ۾ نرمل آڱرين جي جوت جرڪائي

وري سورج ٿو آئيني ۾ شرمائي

وري فٽ پاٿ جي شوڪيسن جا

رانديڪا سڀ جاڳي پيا آھن

وري اونداھه انهن غارن ڏي واپس ٿي وئي آھي

جتي بس ننڊ آھي، ننڊ جيڪا موت وانگر

زندگانيءَ جي پھاڄ آھي!  (16)

”جديديت“ ھڪ ”بين الاقوامي تحريڪ“ ھئي، جنھن کي پنھنجا مکيه تصور
۽ پنھنجا فارم ۽ پنھنجا قدر (Values) ھئا. (اسان جو مسئلو اھو آھي ته اسان جديد
کي محض ”اڄ“ جي معنيٰ ۾ کڻون ٿا.) پر جديديت جي Values ۾ اھو به آھي ته
”Artist is futurist“ ان حساب سان امداد حسيني اھو شاعر آھي، جيڪو Futurist آھي. ھو محض ”اڄ جي ڳالهه اڄ جي پيرائي ۾ نٿو ڪري“ ھو اڄ جي ڳالهه ايندڙ وقت لاءِ پڻ ڪري ٿو. ان ريت سندس تصورات ”سڀاڻ“ جو احاطو ڪن ٿا. امداد حسينيءَ وٽ تجربيت جون انيڪ صورتون ھڪيون آھن. تجربيت جو جمالياتي پھلو پڻ  ’جديديت‘ آھي. جديديت جو تڪڙو وڌندڙ شعوريت جو پھلو پڻ جديديت آھي. ائين ئي نج شھري دنيا جي تصور کي امداد حسينيءَ جھڙي شاعر گھرائيءَ ۽ شدت سان پنھنجي شاعريءَ ۾ پيش ڪيو آھي.

امداد حسينيءَ جي مختصر نظم لکڻ جي مھارت مثالي آهي. مختصر نظم ۾ موضوع جي اھميت سان گڏ، تُز لفظ، درست وقت جي اھميت تمام گهڻي آھي. شاعر ٿورن لفظن ۾ گهڻي ۽ وڏي ڳالهه ڪرڻ جي صلاحيت رکندو ھجي. جا امداد حسينيءَ جي خاصيت ھئي، ھن وٽ اھم ترين مختصر نظمن جو ھڪ خزانو آھي، سندس شاعريءَ ۾. مثال طور سندس نظم ”نئين لولي“:

”منھنجا ٻچڙا جُڳ جُڳ جيءُ

کير جي عيوض ڳوڙھا پيءُ

ماني بدلي گولي کاءُ

تو تان صدقي تنھنجي ماءُ! (17)

يا سندس نظم ”رڃ“

”ڊَڀ مُھري ويا نِرڙ تي

اکين منجهه ٿوھر ڦُٽا

رڳي رڃ ئي رڃ ڪوري پني تي!  (18)

يا ”پڄاڻي“

منھنجا رستا

رُلي

ڀٽڪي

ٿَڪِي

ٽٽِي

تنھنجي در تاءِ اچي

ڇيھه ٿي ويا!  (19)

يا وري ھيءُ مختصر نظم، جنھن جي لکڻ لاءِ گهڻو ڪرڻ جي ۽ وڏي نعريبازيءَ ڪرڻ جي شاعر کي ضرورت ئي نه پئي! ھن ٿورن لفظن ۾ ھڪ وڏي ۽ گھري ڳالهه ڪري ڇڏي. ائين شاعر جي سوچ جو سفر جتي پورو ٿئي ٿو، اُتان کان پڙھندڙ/ٻڌندڙ جي سوچ جو سفر شروع ٿئي ٿو:

مون ۽ لاٽ

ڪاٽي رات سڙي سڙي

اونداھيءَ سان لڙي لڙي

مون ۽ مور

ٿوري ماٺ رڙي رڙي

سناٽي سان لڙي لڙي! (20)

يا سندس سٺ جي ڏھاڪي جو ”روح رھاڻ“ ۾ ڇپيل ھيءُ مشھور نظم جيڪو وڃي 2000 ع جي پُکي پيو ۽ ”ھوا جي سامهون“ ۾ شايع ٿيو:

پنڻي

ھيءُ جستي وٽو ڦُري توکان

آرزوءَ جا نوان گُلاب ڏئي

جي ڪڏھن ڪونه ٿي سگهن پورا

تنھنجي اکڙين کي اھڙا خواب ڏئي

دل چئي ٿي ته ماٺ ماٺ ڪري

تنھنجي ھٿ ۾ ٿلھا ڪتاب ڏئي

توکي ڪاليج موڪلي ڇڏيان.

 

تنھنجي آڏو

تنھنجي آڏو ڪڏھن ڪُڇي سگهندي!

ڇا ڪڏھن دل زبان ٿي سگهندي؟

ڪانه ٿيندي ته ڪيئن جي سگهندي! (21)

 

يا ھوءَ چي ٿي

ھوءَ چي ٿي ته ٿا چون ماڻهو

”آءٌ ھن تي مرڻ لڳو آھيان“

آءٌ مُرڪي چوانس ٿو: ”پياري:

سچ پڇين ڪُوڙ ٿا بڪن ماڻهو

آءٌ توتي مرڻ لڳو ناھيان

آءٌ توتي جيڻ لڳو آھيان!) (22)

غزل نيڻ

رئڻ سان سجل نيڻ ٿي ويا سندءِ

ڪجل ئي ڪجل نيڻ ٿي ويا سندءِ

کلڻ سان ڪنول نيڻ ٿي ويا سندءِ

غزل ئي غزل نيڻ ٿي ويا سندءِ (23)

ان ھيٺ ڏنل نظم ”ويساھه“ ۾ نعريبازيءَ جي ڪيتري گنجائش ھئي ۽ ڪيڏي لفاظيءَ سان ڀرپور ميل کن سِٽن لکڻ جو وجهه ھو، پر امداد حسيني محض ارڙھن لفظن سان، ڇھن سِٽن ۾ ايڏو وڏو ۽ گهرو نظم لکي ڇڏيو آھي:

ويساھه

رُکي سُکي کائي

سمهي رھو ھاڻي

سڀاڻ جو لولو

ليار لامن تي

ٽنگيو پيو ھوندو! (24)

ان نظم ۾ امداد حسينيءَ جي لفظيات ۽ تصورات ان ۾ موجود سنڌ ۽ ان ۾ ڳوھيل سنڌيت جي احساس کي انيڪ لفظن ۾ اُکيلي سگهجي ٿو، پر آءٌ اوھان جو ڌيان ”رکي سُکي“ ڏانھن ڇڪائينديس- جيڪو اسان جي سنڌي ماڻهو جي اڻھوند ۽ بُک کي اظھاري ٿو- ان لاءِ گهڻي لکڻ جي شايد ضرورت به ناھي. ان ريت ”سڀاڻ ڏسنداسين!“ نج سنڌي ويساھه جو احساس آھي ۽ ان کان پوءِ ”سج جو لولو“، اسين ان کي ھڪ نئين ۽ خوبصورت تشبيھه چئي پنھنجي دل کي دلاسو ڏيون يا اسان جي بيوس ۽ بي پھچ، مسڪين ۽ لاچار ماڻهوءَ جي بُک جي آخري حد چئي، پنھنجي اکين ۾ ان نميءَ کي محسوس ڪريون!

”ليار لامن“، سنڌ جي فطري سونھن کي پسي ٿو. ”ليار“ سادو ۽ سستو سنڌي ميوو آھي، جيڪو بنا ڪنھن ڪوشش جي پاڻ ڄاڻ صحرائن ۾ ۽ ميدانن ۾ ڦٽي پوندو آھي ۽ سنڌ جي سونھن به آھي- ته سنڌين جي قُوت به آھي، ان سان اسان جي اکين آڏو سنڌ جي ٻھراڙيءَ جو منظر چٽو ٿي وڃي ٿو. اھوئي شاعر جو ڪمال آھي ته ھو بنھه ٿورڙن لفظن ۾ سنڌ جي بک ۽ ھتي جي ماڻهو جي وڏي ۾ وڏي صفت ”ويساھه“ کي ڪيڏي نه سچيتائيءَ سان چٽي ٿو.

اھڙين ئي ڪيفيتن جو ھڪ ٻيو ان کان به وڌيڪ پيڙيندڙ نظم آھي:

جيئن پوءِ تيئن

اُڃ ۾ سُڙد، چَپَ ڪاراٽيل

نِڌڻڪ ۽ نِست ۽ ھڙٻاٽيل

آھه لاڪاس ڪا رُکي نه سُکي

سنڌڙيءَ وانگيان وڃي ٿيندي

جندڙي جيئن پوءِ تيئن ڏکي!  (25)

۽ بنھه ان ريت ئي سَٺ جي ڏھاڪي ۾ ”روح رھاڻ“ م ڇپيل سندس ھڪ ننڍڙو، پر گهڻو اھم ۽ مشھور نظم، جيڪو 2012ع ۾ ”ڪرڻي جھڙو پل“ جي پکي پيو (ڇو ته ”امداد آھه رول“ کي جھڙيءَ ريت روليو ويو، گم ڪيو ويو، پورو اسڪرپٽ- منھنجي لکيل مھاڳ سوڌو!) پوءِ اھي گم ڪيل شيون ھوريان ھوريان ظاھر ٿينديون ويون ۽ ڇپجنديون ويون. سو اھو ”بنان عنوان“ نظم پڙھو:

صدين کان پوءِ

اسيمبليءَ ۾

ڀوتار به آخر ڳالهايو

پھريون ڀيرو

ھڪ کدڙي کي پُٽ ڄائو

سورج اولھه کان اُڀريو

آڌيءَ آڌيءَ ڀيڄ ڀني

مادي ڪُڪُڙ ٻانگ ڏني! (26)

امداد حسينيءَ وٽ اھڙن پرفيڪٽ، تُز، شاندار مختصر نظمن جو ھڪ خزانو آھي، جنھن تي الڳ سان تحقيق وقت جي اھم ضرورت آھي.

امداد حسيني اونهي ۾ اوھري جيڪي وسيع، گھرا، لامحدود اننت اونها ۽ طويل نظم ۽ شھرهءِ آفاق ايپڪ لکيا آھن، جن ۾ حملو، ڌرتي توتي دانھيندي، طلوع، ماحول، روشنيءَ جو سفر، فرياد، سنگسار، جاڙيون قبرون، اوڦٽو، پُرشور سناٽو، جنگ، ڄام شوري جون ھوائون، لطيف تنھنجو نانءُ، شال، قيدي، واپسي ۽ سندس طويل ايپڪ نظم جھڙوڪ ”شھر“، ”اپيل“، ”روٽس“، ”قاتل“، اھي نظم سنڌ جي تاريخ جي ظلم، جبر جي داستانن کي تاريخي سچائي سميت پنھنجي تخليقيت جي پيڙاتمڪ انداز سان معنويت جي تيز تکي سِراڻ تي چاڙھي اندر چيريندڙ انداز سان بيان ڪيا ويا آھن ۽ ”نھايت ناھ ڪا“ جي منزل تي وڃي رسيا آھن.

”اونهي ۾ اُوھري، جَڏھ جي وئا،

سانداري سَمُونڊَ جي، نھوڙي نئا،

وَڃِي تِتِ پئا، جت نھايت ناھ ڪا. (27)

امداد حسينيءَ جو ايپڪ ”شھر“ سنڌ جي سونھري اتھاس جو آئينو آھي.

اُو ديس پوپٽن جو ڀنڀورين جو ديس آ

سھه روپ رنگ رنگ جي ڀورين جو ديس آ

اھڙو ئي ديس رُوءِ زمين تي اگر ھيو

اتھاس جي پنن تي اھو سنڌ ئي سڏبو

 

جو تُوريئي، ڪپھه ۽ اناجن جي ديس ھو

نيتي نيات، رسم رواجن جو ديس ھو

اتھاس ۾ سو سون ۽ چانديءَ جو ديس ھو

گهوڙن، رٿن ۽ کير ۽ ماکيءَ جو ديس ھو

اجرا جي کير کان تنين ماڻهن جو ديس هو

جو ماکيان مِٺا تنين ماڻهن جو ديس ھو

(ھاڻي اھو ئي ديس ڪُماڻهن جو ديس ھو!) (28)

 

ھي شھر امن خير چڱائيءَ جو شھر ھو

ھي شھر سونھن سڪ سچائيءَ جو شھر ھو

ماڻهو ڀلا ھئا ته ڀلائيءَ جو شھر ھو!

۽ ان کان پوءِ تصوير جو ٻيو بنھه پيڙاتمڪ رُخ ڏسو:

ھن شھر مان اڏامي ڪبوتر ھليا ويا

جيڪي رھي پيا اھي سوگها جهليا ويا

۽ جيئري ئي کنڀ پٽي کل کليا ويا

سنگين ۾ ڦسي سي اُلن تي ڇڏيا ويا

۽ اڌ ڪچا ۽ اڌ پڪا ڪُرٽيا ويا

۽ کنڀ ٽوپلن ۾ پليتن سجائيا

 

پوءِ مروءِ جي جي وار ۾ مڪروھه مُرڪ سان

ڪچڙيون ھڏيون بچيون ته ڳچيءَ جو ڪيائون ھار

 

مشھور جن کان شھر ھو پرڏيھه ڏيھه ۾

ھٻڪار ھاڻيون سي ھوائون ڪٿي رُڪيون

جن جي ٻڌڻ سان سيني ۾ ڌڙڪي پئي ٿي دل

رُپيون سُريليون سي صدائون ڪٿي رُڪيون

 

ھي منھنجو شھر آهي يا دشمن شھر آ (29)

انهن مڙني شھره آفاق Universal نظمن تي سنجيده تحقيق جي اشد ضرورت آھي- ۽ يقين اٿم ته سنڌ ۾ اھڙا ذھين نوجوان ضرور ھوندا يا پيدا ٿيندا، جيڪي انهيءَ پيار جي پورھيي جو قدر ڪندا ۽ انهن تي اعليٰ تحقيق وسيلي انهن جي اھميت ۽ افاديت کي ظاھر ڪندا.

امداد حسيني پنھنجي خيال ۽ فڪر ۾ ماڊرن آھي ۽ ھن ماڊرنٽي فيشن طور اختيار نه ڪئي آھي. ھن پنھنجي ٻوليءَ سان محبت جو اظھار انيڪ انداز ۽ ڀن ڀن رنگن ۾ ڪيو آھي. ھن نين صنفن کي به ساڳئي پيار ۽ پاٻوھه سان اپنايو آھي، جيئن ھن بيت، وائي، ڪافي ۽ گيت، گاج ۽ سھرن کي پنھنجو ڪيو آھي. امداد حسينيءَ جاپاني صنف ”ھائيڪو“ کي نج سنڌي نالو ”ٽيڙو“ ڏنو، جيڪو مروج ٿيو ۽ پسند ڪيو ويو. ھن ”ترائيل ۽ ٽيڙو“ کي نج سنڌي فطرت جو شاھڪار بڻائي ڇڏيو.  سندس ”ٽيڙو“
1973ع ۾ ”سوجهري“ جي سونھن بڻيا:

”اڱڻ اُداس اڪيلي نِم

اکين ۾ لھي آئي-

ٽيڙو جي ٽِم ٽِم! (30)

 

چِمڪيو پئي چوڏينھنءَ جو چنڊُ

ڪنجهي جي وَٽي ۾ ڏنئي

مُرڪي کير ملائي کنڊُ! (31)

 

اوندھه جو وِھه ڪنھن پيتو

ٽِمڪندو ٿي ويو،

کُڙ کُٻيتو! (32)

 

ڪيڏو مون سان پيار؟

ٻانھن جي پکيڙ

انبر جو ڦھلاءُ! (33)

 

رکي وينءَ مون لاءِ،

نيري نيري شام جو

ڪولهڻ رنگ جي چاءِ! (34)

 

پرھه پکيئڙن پَکَ پَکيڙيا،

گُرگالن پئي گيت چيا،

وَل وَل دُود ڦلا پئي ٽڙيا! (35)

 

لفظ زبرون زيروُن

پني تي پکڙي ڇڏيم،

ست رنگا پيرون! (36)

 

۽ ھي لک لاکيڻو ”ٽيڙو“:

امداد چُپُ آھي

ته انهيءَ جي معنيٰ

تون سچو آھين-ناھي! (37)

ان ريت ھن ترائيل جي صنف کي ڇُھيو ته نج پج پنھنجي رنگ ۾ رڱي ڇڏيو، جنھن کي اسين  Imdadism به چئي سگهون ٿا. سو ان رنگ کي ھن ترائيل ۾ ڏسو:

”وري ملون نه ملون، زندگي رھي نه رھي

چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون

اکين ۾ پوءِ اھا روشني رھي نه رھي

 

الاءِ ڪھڙي خبر دوستي رھي نه رھي

کلي ملي ته وٺون، جي ڀري ڏسي ته وٺون

وري ملون نه ملون زندگي رھي نه رھي

چپن کي ٿورڙو ويجهو ڪري ڏسي ته وٺون.“  (38)

امداد حسينيءَ جو ھي ترائيل فطرت جو حسين شاھڪار آھي. ان ۾ ٻولي، خيال، فڪر، فن ۽ تصور جي حسن ان کي باڪمال نج سنڌي ترائيل جو روپ عطا ڪيو آھي.

اھا اسان جي اولين ذميواري آھي ته اسان پنھنجن اھڙن باڪمال شاعرن، جن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب لاءِ پنھنجو نور نچويو، جن پنھنجي زندگيءَ جا اَملهه سال پنھنجي شعر و سخن سان سينگاريا آھن ۽ بنا ڪنھن لوڀ ۽ لالچ جي لکيو آھي ۽ دل سان لکيو آھي، ڇو ته انهن بس اھوئي سکيو آھي!

ان ڪري اھو اسان جو فرض آھي ته اسين پنھنجي روايتي ”ناڪاريت“ جي دائري مان نڪرون ۽ وڌ ۾ وڌ حسينيءَ جھڙن شاعرن جي ڪيل ڪارنامن کي واکاڻيون ۽ ان تي لکون. ڇو ته اھا محض انهن جي ساراھه ۽ وڏائي ناھي، اھا اسان جي ادب ۽ شاعريءَ جي ساراھه ۽ وڏائي آھي.

وٽس شاندار غزلن جو ھڪ اڻميو خزانو آھي. سندس غزل جا موضوع، خيال، ٻولي، بحر وزن، ڇند ۽ ان ۾ سندس ڪيل تجربن تي ھڪ ضخيم تحقيقي مقالي- پي ايڇ ڊي جي سطح جي مقالي لکڻ جي ضرورت آهي. سندس سٺ جي ڏھاڪي کان لکيل مقبول ترين غزلن کان وٺي اڄ جي خوبصورت غزلن تائين: ’عيد جو چنڊ ته ناھيان جو نھارين مون کي‘، ’اسان روئي روئي کلايو ٿي جن کي‘، ’موتي ائين نه رول‘، ’اھو پيار ئي ڪھڙو‘، ’اي ڳوٺاڻا اھو ئي شھر آھي‘، ’اُجرا اُجرا ٻار‘، ’پٿر تي شيشو اڇلايو‘، ’تون نه ڳالهائين ته ڇا ڳالهائجي‘، ’سنڌوءَ تي لامارا آھن‘، ’اکڙيون ڳڙکين جان‘، ’شھر: زھر لھجا سُور ڪجهه سوايو آ!‘، ’لڙڪ کي لفظ ڪرڻ‘، ’سنڌڙي سُر سنگيت سُڳنڌ‘، ’تنھنجو ھجڻ‘، ’شاعري ٿيندي رھي‘، ’دين دنيا نه ملي‘،
’ڪرڻي جھڙو پل‘.

ھونئن ته ساري جندڙي، مايا ڇايا ڇَلُ،

اَجهل اَمُل مھارڻ جو، امرت ڌارا جَلُ

 

لُڙڪ ھجي ته رکي ڇڏيان ٽِشو پيپر منجهه

مُٺ ۾ ڪئن پڪڙي سگهان، ڪرڻي جھڙو پل.  (39)

۽ اڃا به سوين سھڻا غزل آھن، جن جي ٻولي، فني خوبين، تشبيھن، استعارن، غزلن جي فن ۾ انهن جي يڪتائيت تي لکڻو آهي. ان ريت امداد حسينيءَ بي قافيا دوھا، سورٺا، وايون، بيت، ڪافيون، گيت، ڳاچ ۽ سھرا به لکيا آھن، جيڪي سندس شاعريءَ جي نغمگي، لئي، رس ۽ ميٺاج جو مثال آھن.

عام طرح امداد حسينيءَ بابت ھڪ نِج شھري شخص ۽ شاعر جو تصور عام آھي. پر ھن جون جڙون پنھنجي مٽيءَ سان جُڙيل آھن، جنھن کي شھر جي ”ڪؤڙاڻ ۽ ڪُوڙ“
شاعري جي صورت ھڪ انوکو موضوع ڏنو ۽ ائين ”شھر“ ھن جي شاعري ۾ ھڪ ”ڪُوڙ، دوکي ۽ فراڊ“ جو استعارو بڻجي اُڀريو. ھن شھر جي ان ڪوڙي، مصنوعي ۽ فريبي تصور کي پنھنجي شاعري ۾ چٽائيءَ سان چٽيو.

ھو شھر جو رُوپ-ڪروپ چٽيندي مابعد جديديت جي رنگ ۾ رڱجي ٿو، جنھن ۾ ھر چھري تي نقاب پاتل آھي ۽ شاعر جو ڪم انهن نقابن کي روڙي لاھڻ آھي- ۽ پنھنجا ڳاتل اڻ ڳاتل گيت ڳائڻا آھنس:

شھر: زھر لھجا، نقاب ھر چھري تي پاتل،

ڳوٺ: گهٽيون واقف، ماڻهو ڄاتل ڏيک سُڃاتل

اُٿي کاڌل ڪپڙي وانگر، تُن تُن سڀ تَن

ڀڳل آنھري من، ٽُڪرا چھرا ڄاتل اڻڄاتل

آءٌ نه ڀٽ ڌڻي، نه ڪپل وستو جو شھزادو

ڪٺور رشتن جون زنجيرون، پيرن ۾ پاتل

کليل گهٽيءَ ۾، بند درين دروازن آڏو،

ڦُٽل چپن تي ڳيت اُھيئي ڳاتل اڻ ڄاتل

مانيءَ ڀور ۾ ڪپڙي ٽُڪرو ناھي سڀ جيون

جيون ڳل ڳرھاٽيون، جيون ڳوڙھا ڳل لاتل. (40)

امداد حسيني غزل جو لھجو ئي بدلائي ڇڏيو. سندس ٻولي، تشبيھون، استعارا، تلميحون، بحر وزن، ڇند ۾ سندس ڪيل تجربا ۽ سنڌ جي رڱ ۾ رڱيل سندس غزل تفصيلي تحقيق جا گهرجائو آھن.

ھاڻي پڇاڙيءَ ۾ آءٌ امداد حسينيءَ جي روح جي گھراين تائين رڱيل ان ڳوٺاڻي نينگر جي ڳالهه ڪندس، جنھن پنھنجي ھونگڙين ڏيڻ جي عمر ۾ رس ڀرين ڪافين جون سُريليون تانون ٻڌيون ھيون. لطيف سائينءَ جي ڏوھيڙن جي آواز سندس من جي اونهاين ۾ سُريلي سنڌي ٻوليءَ جو جادو جاڳايو ھو. تڏھن ته ھن جڏھن به وائي ۽ ڪافي ۽ بيت لکيا ته ڳڻن ڀريا لکيا. ھو پاڻ چوندو ھو ته: ”بيت منھنجي پسنديده صنف آھي، پر ساڳئي وقت بيت ھڪ ڏکي صنف آھي“ ۽ ڪنن جي پاپڙين کي ڇُھي چوندو ھو: ”شاھه لطيف جھڙي عظيم شاعر جي ڀرسان رھي، بنھه مختلف ۽ يڪتا بيت لکڻ سج آڏو ڏيئو ٻارڻو آھي.“

امداد حسينيءَ جي، منفرد ٻولي ۽ لھجي جو اسين ذڪر ڪريون ۽ سندس وايُن (توڙي ڪافين) ۽ بيتن کي بنا ڇھڻ جي گذري وڃون، اھو ڪيئن ممڪن آھي؟! ھن انهن شُڌ سنڌي صنفن کي پڻ پوري شرڌا سان لکيو آھي ۽ انهن کي بنھه انفراديت عطا ڪئي آھي ۽ انهن صنفن ۾ شاھه لطيف جھڙي عظيم شاعر جي ڀرسان رھي، بلڪل مختلف ۽ منفرد انداز تڪلم ڏيڻ جو ڪارنامو به اسان جي گڻونتي شاعر امداد حسيني ادا ڪيو آھي. امداد حسينيءَ شاعريءَ ۾ مروج سمورين سُريلين صنفن ۾ لئي، نغمگي، ٻوليءَ جي جڙاءَ خيال جي حسن ۽ فڪر جي گھرائيءَ کي ساڻ کڻي ھلي ٿو. وٽس سموريون حسناڪيون ھڪ ئي وقت پَرگهٽ ٿين  ٿيون. ٻولي ھن جي گولي آھي. ٻوليءَ جا لفظ جھڙوڪر ھن آڏو ھٿ ٻڌيو بيٺا ھوندا آھن ته اسان کي استعمال ڪر ۽ ائين ھو سٽن ۾ بامعنيٰ تز خيالن ۽ خوابن سان برميچيندڙ لفظ لاشعوري طور تي استعمال ڪندو ويندو آھي. ھو ڪڏھن به ڪوبه لفظ اجايو، بي مطلب، بي مقصد استعمال نه ڪندو آھي. ھونءَ ته سموري شاعريءَ لاءِ اھو ضروري آھي، پر خاص ڪري وائي ۽ بيت ۾ ڪو اَجوڳو لفظ استعمال ڪرڻ ڪار نه آھي. سڀني پارين سھڻو بيت لکڻ، وائي لکڻ يا گيت يا ڪافي جهونگاري لکڻ، مَکڻ جھڙي سِٽ سِکڻي آھي.

ھونئن ته سندس ڪيتريون ئي وايون آھن، جيڪي پنھنجي خيال (Thought) ۾ ماڊرن پڻ آھن. ”ڪرڻي جھڙو پل“ جي پھرين ئي وائي مارئيءَ واتان چوايل آھي:

ڪوٽ، ڪڙا زنجيريون، اينديس بند ڀڃي

پانڌي چئج وڃي،

آءُ اوھان جي آھيان!

مارُن ڪارڻ مون سِسِي، سُوريءَ ڏانھن سڃي

پانڌي چئج وڃي،

آءٌ اوھان جي آھيان! (41)

ان ئي مجموعي جي ٻي وائي ”تارُونءَ ۾ تلوارون“

درد ته دل جو دارون، وو ميان،

ڪوھه ڪرينديس ڪارُون!

چِت ۾ چاقوءَ جا چُڀڪا، تارونءَ ۾ تلوارون،

وو ميان، ڪوھه ڪرينديس ڪارون!

وجود ويئڙو واسجي، ورھه ڪيون وڻڪارون

بيراڳين جون بَرَ ۾، برھه لڳيون بازارون

سچن موتين جون لَڙيون، ھي جي لُڙڪنُ لارون

جيڪا سا مون ڏي مڙئي، ماروءَ تي نه ميارون.

وو ميان، ڪوهه . . .   (42)

ھڪ سڀني وصفين سھڻي وائي آھي، جنھن ۾ ٻولي، خيال، فڪر، سُر تال ۽ لئي جي حسين آميزش آھي. مون پنھنجي مقالي جي طوالت کي نظر ۾ رکندي، لفظن کي انڊر لائين ڪرڻ تي اڪتفا ڪئي آھي، نه ته جيڪر ھن ھڪڙي وائيءَ جي فني ۽ ٻوليءَ جي خوبين تي ھڪ پورو مقالو لکي سگهجي ٿو. ان جون ايتريون ئي مصرعون پڻ مون ھتي نه ڏنيون آھن ۽ انهن کي ڪنھن ٻئي گُني لکندڙ لاءِ ڇڏي ڏنو آھي.

امداد حسينيءَ جي ھيٺين وائي منھنجي پسنديده واين مان ھڪ آھي، جيڪا پاڻ اسي (80) جي ڏھاڪي ۾ لکي ھئي، پراها 2012ع ۾ سندس مجموعي ”ڪرڻي جھڙو پل“ ۾ ڇپي ھئي. ان وائيءَ جي ٺيٺ ٻولي، ان ۾ پوتل گھريون معنائون ۽ ان سان گڏوگڏ ان وائيءَ جي لئي ۽ نغمگي اسان جي اشانت من کي شانت ڪرڻ لاءِ ڪافي آھي:

جيري ڄَرَ ڄراٽَ، ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

اندر جھڙو کُورو کامي، مٿان وسي ٿي ماٽ!

ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

منھنجي من ۾ مَچ مچن ٿا، ڇڻي وڻن مان ڇاٽ

ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

سپنا سانوڻ جي سنڌُوءَ جا، ڪُن ڪن ۾ ڪڙڪاٽ

ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

سوچن جي سنگين چڀي ٿي، لڇي لوچ جي لاٽ،

ٻھران آءٌ اُجهاڻل!

ڀَرُ ڪري ڪو ھڻي ويو آ، لوڻي ڀر لپاٽ،

ٻھران آءٌ اُجهاڻل! (43)

ھن وائيءَ ۾ جيڪي لفظن جا موتي جَڙيل آهن. اھي محض بي معنويت جو ڀنڊار ناھن. ان جي لفظ لفظ جي جُڙڻ سان ٺھيل سِٽن جي سنگهر ۾ تخيل، تصور، خيال ۽ فڪر جي گھرائي معنائن جي ڀنڊار سان ڀريل آھي. شاعر جي من ۾ کورو ٿو کامي ۽ مٿان وسي ٿي ماٽ!، شاعر جي من ۾ مچ مچن ٿا ۽ وڻن مان ڇڻي ٿي ڇاٽ! انهن سِٽن ۾ تجنيس حرفيءَ جو پڻ ڪمال ڏسو، جيڪا سِٽ کي وڌيڪ پُراثر ٿي ڪري. ان ۾ شاعر باھه ۽ پاڻي، گرماڻ ۽ ٿڌاڻ جي Paradox وسيلي پنھنجي ڳالهه کي گھرائي عطا ڪري ٿو،. سون تي سھاڳو ان جي وراڻي آھي: ”ٻھران آءٌ اجهاڻل!“ وائيءَ جي اھا وراڻي وائيءَ جي ھر نئين مصرع سان پوريءَ ريت ٺھڪي ٿي اچي. ان جي معنيٰ ۽ مفهوم کي ھڪ منطق (logic) ٿي ڏئي. ھن وائيءَ جي اھا وراڻي زندگيءَ جي تضادن کي وڌيڪ اُڀاري ٿي. خود ان وراڻيءَ ۾ لفظ ”ٻھران“ جيڪو اصل لفظ ”ٻاھران“ جو ٺيٺ لاڙي-عوامي لھجي جو لفظ آھي- ۽ جيڪو ان سٽ جي سونھن کي سوايو ٿو ڪري، ان وائيءَ جي اڳين سِٽ کي پڙھنداسين ڄاڻنداسين ته شاعر سُڪي ٺوٺ ٿي ويل ’سنڌوءَ‘ کي ڏسي اُن ڪناتار وھندڙ ’سنڌوءَ‘ جا سُپنا ٿو ڏسي. اُھا ’سنڌو‘ جنھن جون ڇوليون آڪاس ڇھنديون ھيون ۽ جنھن جي ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽ ھوندا ھئا. ان پوري سِٽ ۾ ”سين“ اکر/آواز جي تجنيس ان کي ھڪ سُندر منتر ۾ بدلائي ٿي ڇڏي ۽ ٻئي چرڻ ۾ ٽي ڀيرا ”ڪ“ جي تجنيس: ان ”ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽ“ کي وڌيڪ شدت عطا ڪري ٿي:

”سُپنا سانوڻ جي سنڌوءَ جا، ڪُن ڪُن ۾ ڪڙڪاٽ!“

۽ سنڌوءَ جي شان ۾ لکيل اشلوڪ منتر بڻجي ٿا وڃن، خود ان ھڪڙي سِٽ ۾ شاعر پنھنجي ”ڏسڻ ۽ ٻڌڻ“ جي حواسن جو جنھن قابليت سان استعمال ڪيو آھي، سو ساراھه جوڳو آھي.

شاعر سوچي ٿو، تڏھن ئي شاعريءَ جو نزول ٿئي ٿو. شاعريءَ جو نزول ائين ئي نٿو ٿئي. شاعر پھرن جا پھر، ڏينھن جا ڏينھن، راتين جون راتيون انهن سٽن کي پنھنجي سوچ ۾ سرجي ٿو، سنواري ٿو. ڪڏھن ڪڏھن ته ھڪ اڪيلي سٽ تي نظم ٿيڻ لاءِ شاعر کي سالن جا سال به لڳندا آھن. بلڪ شاعريءَ جي ٻوليءَ ۾ صديون...

”مون وٽ ھڪڙي سِٽ لکي پئي آھي صدين کان

تنھا آھيان، ملين ته جيڪر دوھو بڻجان مان!“

امداد حسينيءَ جي شاعريءَ جي ڊائريءَ ۾ ڪيتريون ئي اڪيليون ۽ اڻپوريون سِٽون لکيل ھونديون آھن. اھي سِٽون شاعر جي دماغ ۾ ھُرنديون رھنديون آھن ۽ ھر ڀيري نئين سال جي ڊائريءَ تي لکجي وينديون آهن. اھي سِٽون شاعر جي سوچ کي ھڪ لوڇ ۾ تبديل ڪنديون آھن ۽ ڪڏھن ڪڏھن سنگين بڻجي چڀنديون آھن:

”سوچن جي سنگينَ چُڀي ٿي، لُڇي لوچ جي لاٽ،

ٻھران آءٌ اُجهاڻل!“

شاعر جن حالتن ۾ رھي ٿو، جنھن درد مان گذري ٿو، ان کي سمجهائڻ، ۽ محسوس ڪرائڻ لاءِ ھو ’سنگينَ چڀڻ‘ کي استعارو بڻائي ٿو ته: ’سوچ جي سنگين‘ شاعر جي تصور کي ڪيڏي درد ۽ پيڙ مان گذاري ٿي. تڏھن ئي سندس ”سوچ لوچ جي لاٽ“
اُجاگر ٿئي ٿي، ڇو ته ھڪ شاعر کان وڌ ٻيو ڪير اھو ڄاڻي سگهي ٿو ته:

”لُڙڪ کي لفظ ڪرڻ ايترو سولو ناھي

باھه جو سمنڊ ترڻ ايترو سولو ناھي

چوٽ کان شمع جيان روز سڄي رات ٻرڻ

۽ لڳاتار ڳرڻ، ايترو سولو ناھي! (44)

شاعريءَ ۾ صرف شاعر جي ٻولي نه، پر ان جي Tone ۽ لھجي جي به اھميت آھي. شاعر پنھنجي موضوع ۽ ان جي ٿيم (Theme) کي ڪھڙيءَ ريت، ڪھڙي اعليٰ تصوريت سان استعمال ڪيو آھي. پڙھندڙ کي شاعر جي ڪيفيتن تائين پھچڻ لاءِ خود پنھنجي ذاتي ڪيفيت کي پڻ محسوس ڪرڻو پوندو ۽ ان لاءِ شاعريءَ کي گهڻي ڌيان ۽ گيان سان پڙھڻو پئي ٿو. مٿي ڏنل وائيءَ ۾ يارنھن مصراعون آھن ۽ انهن يارنھن مصراعن ۾ يارنھن بيحد خوبصورت ۽ نج سنڌي لفظن تي آڌارڪ ”قافيه“ آھن- جيڪي خود به امداد حسينيءَ جي ٻوليءَ جي وسعت کي اظھارين ٿا. پنھنجي ھن مقالي ۾ ان وائيءَ کي خاص طور سان کڻڻ جو مقصد به ان جا نرالا Unique قافيه آھن، جن جو وچور ھيٺ ڏيان ٿو:

ماٽ

ڇاٽ

کڙڪاٽ

لاٽ

لپاٽ

ڪٻاٽ

اُساٽ

واٽ

ٻاٽ

ڪرڙاٽ

وراٽ

اھي سڀئي سنڌي ٻوليءَ جا ٺيٺ ۽ نج لفظ آھن، جيڪي معنوي احساس ۽ تصور رکن ٿا. ان وائيءَ جي اھميت اھا به آھي ته ھڪ سنڌي شاعر پنھنجي سنڌي شاعريءَ ۾ انهن کي موتين وانگي جَڙيو آھي. سو به ستارن سمان قافين جي صورت ۾- ان ڏس ۾ ھڪ انگريزي نقاد X.J.Kennedy چٽائيءَ سان چئي ٿو ته ڪڏھن ڪڏھن خيال ايڏو موھيندڙ نه ھوندو آھي، جيستائين ان ۾ لفظن جو استعمال تُز، من موھيندڙ ۽ آرٽسٽڪ نه ھجي.

“Poems state Idea in the world will not make a poem unless its words are selected and arranged with Loving art. Some poet take great pains to find the right word.” (45)

ان چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ ناھي ته امداد حسيني لفظن کي سِڪي جيان وڄائي کڻي ٿو ۽ تز لفظن لاءِ سُور سھي ٿو. ھو جڏھن ھن وائيءَ جي سِٽ سرجي ٿو ته:

”ڀَرُ ڪري ڪو ھڻي ويو آ، لوڻي ڀر لپاٽ!“

ته ھو اھا ”لوڻي ڀر لپاٽ“ سيکت لاءِ، سمجهاڻي لاءِ، اسان سڀني کي ھڻي ڪڍي ٿو!

امداد حسيني پنھنجي ٻوليءَ جي معاملي ۾ ڏاڍو سُچيت آھي. ھونئن ته ھن پنھنجي سموري ادبي پورھئي ۾ ٻوليءَ کي پرکي پروڙي، پوري معنويت، سُرت ساڃھه ۽ سچائيءَ سان استعمال ڪيو آھي.  ۽ اھا حقيقت آھي ته ھو ٻوليءَ جو بادشاھه آھي.

آءٌ ھن مختصر وقت ۾ سندس سموري شاعريءَ مان ته مثال نٿي ڏيئي سگهان. ان ڪري ئي چونڊ مثال ٿي کڻان پئي: پڇاڙيءَ آءٌ سندس سڀني پارين سھڻن بيتن- جيڪي ھن شاھه سائينءَ جي ڀران رھندي به بنھه مختلف، منفرد ۽ تخليقيت سان پُر چيا آھن. مان صرف ھڪ بيت مثال طور کڻنديس. بيت ھڪ ڏکي صنف آھي ۽ سنڌي ٻوليءَ جي مزاج وٽان آھي. (بيت محض ٽي قافيه ناھي!) ۽ امداد سائينءَ جي پسنديده صنفن مان ھڪ آھي. امداد حسيني جيڪو شاھه عبداللطيف کان ٽي سئو سال پوءِ متعلوي ساداتن جي جراڙ پوٽا نُک جو، ايڪويھين صديءَ جو نامور ۽ شھره آفاق (Universal) شاعر آھي، سو پنھنجي ٻاويھن سٽن جي طويل ترين بيت ۾ شاھه سائينءَ جي آفاقي سٽن کي تضمين طور آڻي پنھنجو بيت مڪمل ڪري ٿو. اھا ھن پاران شاھه سائينءَ کي شرڌانجلي آھي:

”ھي جو نِيرُ نينھن جو، چنگن جي چُونگار

جهونجهڪڙيءَ جي جِيءَ ۾ جهيڻي جنھن جهنڪارَ

ڪاري رات ڪَراڙ تي، ڪونجن جي ڪُڻڪارَ

ٻاٻاڻن تي ٻوليو، ٻاٻيھي ٻيھارَ

ايڏو اوري ٿي ٻڌان، ٽلين جي ٽڻڪارَ

بوندون برسيون بُٺ تي، ڇڻ ڇڻ ڇڻ ڇڻڪارَ

ڊاھي وئي ديوار کي، تاڙي جي ته تنوارَ

اچي عمرڪوٽ ۾، ڳيري ڪئي ڳٽڪار،

نڱيا ھڪل ھونگ سان، ڪاھي ڌڻ ڌڻارَ

منھنجي ملڪ ملير تي، اُٺا ميگهه ملهارَ

واڄا ٽاڄا وڄڙيون، کنوڻين جي کلڪارَ

گوڙيون ۽ گجگوڙيون، دھلن جي ڌڌڪارَ

سارنگيون سارنگ جون، ٻُرن پار اَپارَ

کيانتل آندي کير مان کاسِي کبر چارَ

واڄو وڄي وجود ۾، جيئن چڙي جي لارَ،

ھير ڪري وئي ھيج مان، ڀيڄ ڀنيءَ ڀڻڪارَ

سُرت سري ساڻيھه کي، لٿا عمر آزارَ،

ڏاڏاڻن جي ڏيھه تان، ٽرئا ڏرت ڏڪارَ،

ڀٽ ڌڻي ڇيڙي ڇڏي، تنبوري جي تارَ

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سُڪارَ

دوست مٺا دلدار، عالمَ سڀ آباد ڪرينَ. (46)

امداد حسينيءَ جي ان بيت جي ٻولي، ان ۾ ڪيل تجربا، ان ۾ سمايل فڪر، ان ۾ اڻيل تصور، ان جا قافيا، ان ۾ استعمال ٿيل ڇند جو پيمانو، ان بيت ۾ ٻاٻاڻن جي ٻولي: ان ۾ ٻاٻيھي جو ٻولڻ، چنگن جي چونگار، ڪا جهيڻي جهڻڪار، ڪونجن جي ڪُڻڪار، ڳيرن جي ڳٽڪار، تاڙي جي تنوار، ٽلين جي ٽڻڪار، کنوڻين جي کلڪار، دھلن جي ڌڌڪار ۽ ”کيانتل جي آندل کاسي کبر چار“ ان بيت ۾ جيئري جاڳندي زندگيءَ جا عڪس آھن، آواز آھن، رنگ ۽ روشنيون آھن. اھي سمورا عڪس ملي ان بيت کي سنڌي ٻوليءَ جي ھڪ زندھ جاويد ميوزيم ۾ بدلائي ڇڏيو آھي!

امداد حسيني سنڌي شعر ۽ ادب کي جيڪي ناياب موتي آڇيا آھن، اھي اسان جي فخر جو حصو آھن ۽ سنڌي ادب جي تاريخ جا سدا جرڪندڙ ستارا آھن. انهن جي روشني ايندڙ صدين تائين سنڌي ادب جي تاريخ ۾ جرڪندي- ۽ اسين دنيا جي آڏو پنھنجي اھڙن بي بھا شاعرن ۽ سندن ڪارنامن ذريعي سرخرو ٿينداسين ۽ سنڌي شعر ۽ ادب آڪاس تي روشن کير ڌارا جيان چمڪندو رھندو. امداد حسيني ان کيرڌارا جي سڀ کان روشن ستارن ۾ شامل آھي ۽ جيئن محمد ابراھيم جويي لکيو آھي:

”امداد حسيني سنڌي شعر و ادب ۾ ھڪ ناياب سُوکڙي آھي. امداد حسينيءَ جا نظم، آزاد نظم شاعريءَ جا املهه موتي آھن. سندس طويل ۽ شھرهءِ آفاق نظمن ۾ سنڌ جو روح سمايل آھي. ھو ھڪ سدا جرڪندڙ ستارو آھي، جنھن کي نسل در نسل اسان جا شاعر Follow ڪندا. سنڌ جا سيبتا ماڻهو ۽ سموري دنيا ۾ رھندڙ سنڌي  سندس شاعري پڙھندا، کيس ڳائيندا ۽ سندس ڪَوِتا کي پوڄيندا،
(adore him) ۽ سندس شاعريءَ کي پنھنجي ھانءُ سان ھنڊائيندا ۽ جيءَ ۾ جايون ڏيندا.“

 

 

حوالا

  1. حسيني، امداد ’ھوا جي سامھون‘: (ڊسٽ ڪوَر)، روشني پبيليڪيشن ڪنڊيارو،  2000ع
  2. ساڳيو ڪتاب (بئڪ فليپ تي نوٽ)
  3. حسيني، امداد ’امداد آھه رول‘: نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، 2020، ص: 35
  4. (حسيني، امداد ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 137)
  5. سحر امداد، ڊاڪٽر (مھاڳ)’ ھوا جي سامهون‘:روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص:40
  6. حسيني، امداد ’زرد مٽي‘: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2022ع، ص: 89
  7. Naam Chomsky, THE "Essential Chomsky”, Edited by: Anthony Arnove, The Bodley Head, London
  8. سحر امداد، ڊاڪٽر (مھاڳ)، ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 40
  9. ماهوار ’ادب‘، امداد حسيني نمبر، مارچ 2023ع ادب اشاعت گهر، حيدرآباد، ص 79
  10. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (مقالو) ’امداد حسيني هڪ قد آور اديب ۽ شاعري‘ ڇهه ماهي
    ’ڪينجهر 10‘: تحقيقي جرنل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي 2004، ص: 16
  11. سحر امداد (مھاڳ)، ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 43
  12. الانا، غلام علي، ڊاڪٽر (مقالو) ’امداد حسيني هڪ قد آور اديب ۽ شاعري‘ ڇهه ماهي
    ’ڪينجهر 10‘: تحقيقي جرنل، سنڌي شعبو، سنڌ يونيورسٽي 2004، ص: 16
  13. حسيني، امداد ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 332
  14. حسيني، امداد ’امداد آھه رول‘: نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، 2020، ص: 98 ۽ 99
  15. ساڳيو، ص: 52
  16. ساڳيو، ص: 81
  17. ساڳيو، ص: 112
  18. ساڳيو، ص: 133
  19. ساڳيو، ص: 143
  20. حسيني، امداد ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 158
  21. ساڳيو، ص: 190
  22. ساڳيو، ص: 274
  23. ساڳيو، ص: 292
  24. حسيني، امداد ’ڪرڻي جھڙو پل‘: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2012ع، ص: 129
  25. ساڳيو، ص: 141
  26. ساڳيو ، ص: 208
  27. شھواڻي، غلام محمد، ’شاهه جو رسالو‘: آر. ايڇ احمد ائنڊ برادرس. 61-1960ع، ص: 246-245
  28. حسيني، امداد ’شھر‘: سج پبليڪيشن، حيدرآباد 2000ع، ص: 10
  29. ساڳيو، ص: 15
  30. حسيني، امداد ’امداد آھه رول‘: نئون نياپو پبليڪيشن ڪراچي، 2020، ص: 58
  31. ساڳيو، ص: 59
  32. ساڳيو، ص: 60
  33. ساڳيو، ص: 60
  34. ساڳيو، ص: 60
  35. ساڳيو، ص: 60
  36. ساڳيو، ص: 62
  37. ساڳيو، ص: 62
  38. حسيني، امداد ’ڪرڻي جھڙو پل‘: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2012ع، ص: 347
  39. حسيني، امداد ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 313
  40. حسيني، امداد ’ڪرڻي جھڙو پل‘: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2012ع، ص: 47
  41. ساڳيو، ص: 40
  42. ساڳيو ص: 81
  43. ساڳيو ص: 348
  44. حسيني، امداد ’ھوا جي سامھون‘: روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو، 2000ع، ص: 335
  45. (X.J. Kennedy, Literature-An Introduction Boston-Toronto, 1987, P:546)
  46. حسيني، امداد ’ڪرڻي جھڙو پل‘: سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو 2012ع، ص: 3
128 ڀيرا پڙهيو ويو