سنڌي نثر ۾ رومانوي جي رجحانن جو مختصر جائزو
(A brief review of romantic trends in Sindhi literature. )

سڪينہ ويسر

Abstract:

When the civilizations were changed from agricultural to industrialization and several scientific inventions were done on daily basis. By this, human was losing his worth and this created restlessness inside human. The people started giving importance to heart more than mind. People were sick of urban life and they started to think of their simple basic life and they were considering themselves as controlled by machines thence they tried to get rid of such artificial life. Such restlessness of human played pivotal role in human life which at last resulted in romantic movement. This movement left high impact of the overall history of human nature and every kind of human creation like art, literature and culture has been changed miraculously.

Likewise, sindhi literature took deep impact of this movement and sindhi literature get rid of foreign sayings, metaphors as well as fake stories and our own indigenous stories, folk tales as well as novels were written in which there was praise of our own grass, worth of our own flowers and fragrance of our own dust. In such literature, there were not Persian warriors like suhrab and rustam but our sindhi soormas, dodo, sodho and baghal mai. Our songs, sahras, geech, dialogues as well as narratives were decorated by the praise of our local heroes and heroines.

Many of sindhi writers, poets and artists started writing progressive stories, novels and poetry and no doubt they had tendency towards this romantic movement. The division of subcontinent left remarkable impact on soft hearts of writers and a lot of master piece literature was written after this painful incident.

During this period, many romantic poets and writers of Sindhi literature became famous. Among whom the name of Kichan chand bewas comes first, besides him, there are numerous well known writers like Sheikh Ayaz, Tanveer Abbasi, Narayan Shyam, Siraj, Rashid Bhatti, Agha Salim, Manak, Niaz Humayun, Ali Baba, Siraj , Tariq Alam Abaro, Mohan Kalpana, Amar Jalil, Noorul Hudi Shah and many other important names.

Keywords: romantic movement, tendencies, progressive, social reforming, folk wisdom, 

 

 تبديليءَ جي خواهش انساني فطرت جو اهم جز آهي. تاريخ انسان گواهه آهي، انسان هميشه تبديليءَ جو خواهشمند رهيو آهي. تبديليءَ جي خواهش ۾ هن جمود جي منفي اثرن کي ڌڪي ڌار ڪيو آهي. جيڪڏهن تبديلي وڏي پيماني تي اچي، پنهنجو اثر زندگيءَ جي هر پھلو مٿان ظاهر ڪري ۽ سياسي، سماجي، معاشي، معاشرتي معاملن سان گڏ سڀني لطيف فنن مٿان اثر انداز ٿئي ته پوءِ تحريڪون جنم وٺن ٿيون. اسان کي يورپ جي سياسي سماجي ۽ ادبي تاريخ مٿان ڪيترن ئي تحريڪن اثر نظر اچن ٿا جن ۾ ارڙھين صديءَ ۾ اڀرندڙ رومانويت جي تحريڪ کي خاص اهميت حاصل آهي. هن تحريڪ جي پيدا ٿيڻ جي سببن، جزن ۽ هن تحريڪ جي سنڌي ادب مٿان اثر کي مختصرن هن مقالي ۾ پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي .

ڏسجي ته هر انسان رومان پسند آهي، هو تخيل ۽ تصوراتي دنيا ۾ رهڻ پسند ڪري ٿو. انسان جو ذهن کيس سخت گير حالتن کان منھن موڙي طلسماتي دنيا جي رنگينين طرف مائل ڪري ٿو. ان سحر انگيزي ۽ فطرت پرستيءَ جي اثر هيٺ سترهين ۽ ارڙهين صدي جي ڪجهه فلسفين، اديبن ۽ فنڪارن سائنسي ترقي، صنعتي انقلاب ۽ شھري زندگيءَ کان بيزاري جو اظھار ڪندي، فطرتي زندگي، شخصي آزادي، داخليت پسندي، عشق محبت جي قصن، تخيل پرستي، رنگ آميزي ۽ مبالغه آرائيءَ جي حمايت ۾ ٿي بيٺا ۽ انهن رومانويت جي تحريڪ جو بنياد رکيو. جنھن تاريخي ثقافتي ۽ تھذيبي طور تي  مغرب جي فن ۽ ادب تي گهرا اثر ڇڏيا.

 ھيءَ تحريڪ ڪلاسيڪل ۽ نيو ڪلاسيڪل روايتن ۽ روين  جي جمود  خلاف بغاوت جو اعلان ھئي. هيءَ تحريڪ ھر لطيف فن جھڙوڪ مصوريءَ، شاعريءَ، مصنفيءَ، عمارت سازيءَ، موسيقيءَ کان سواءِ سياست، فلسفي، تاريخ ۽ سماج سڌارڪ علمن تي پڻ اثر انداز ٿي.

 رومان لفظ جي وصف:

رومان لفظ جي معني کي ڪلاسيڪل وانگر ڪنھن پڃري ۾ قيد نه ٿو ڪري سگهي ھن لفظ جون ھزارين معنائون آھن. The Decline and fall of romantic Ideal
F.L.Lucas ۾ رومانويت جون 11،3،96 معنائون لکيون آھن.

  آڪسفورڊ ايڊوانس ڊڪشنريءَ ۾ رومانس جي معني ڪجهه ھن ريت لکيل آھي:

Communitier, Idealistic, unrealistic, fanciful, heat in cloud, story eyes, optimistic, hopeful, visionary, utopian, fairy tell, sentimental and un realistic.

رومان هڪ  لاطيني ٻوليءَ جو لفظ ھو. رومين جي حملي بعد هي لفظ فرانس پھتو. مقامي ٻولين سان ملي، لاطيني زبان نئين Vernacular language  زبانن رومانو لينگوا جي صورت اختيار ڪئي، جنھن ۾ فرانس جي نئين زبان کي رومان Romance ٻولي ڪري سڏيو ويو.  ٻارھين صديءَ بعد ھي لفظ ھڪ ڀيرو ٻيھر رزميه داستانن لاءِ استعمال ٿيڻ لڳو. ٻارھين صديءَ کان ارڙھين صديءَ تائين پھچندي پھچندي ھڪ ادبي تحريڪ جي صورت اختيار ڪري ويو. ڊاڪٽر محمد حسين پنھنجي ڪتاب ”اردو ادب روماني رجحانات“ ۾ لکيو آھي ته:

’’ادبیات کے سلسلے میں سب سے پہلے 1781ء میں وارٹن اور ہرڈز نے یہ لفظ استعمال کیا٬ اس کے بعد گونٹے اور شلر نے 1802ء میں ادبیات کے سلسلی میں اس کا اطلاق کرنا شروع کیا۔ مادام ڈ ی اسٹیل اور شلیگل نے اسے ایک اصطلاح کی شکل میں رائج کیا۔ اس طرح یہ لفظ رومانس جو پہلے زبان کا نام تھا اس کے بعد اسی زبان کے مخصوص ادبیات اور داستانوں کا لقب بنا٬ پھر ادب میں ماورائیو آراستگی٬ عہد و سطی کی قدروں کی نمائش کرنے لگا اور آہستہ آہستہ ادب کے ایک مخصوص مزاج کا مظہر بن گیا۔ (1)

اھڙيءَ طرح لفظ رومان- رومانويت ۽ رومانويت جي تحريڪ طور مشھور ٿيو. جنھن کي تاريخي، تھذيبي ۽ ثقافتي سطح تي تمام گهڻي اھميت حاصل آھي.

رومانويت جي وصف  ۽ عنصر:

زندگي ۽ زندگيءَ جي معاملن کي پرکڻ لاءِ ڪيترائي معيار مقرر ڪيا وڃن ٿا. اهڙن معيارن مان رومانويت به ھڪ آھي. عشق، محبت جي جذبن کان وٺي مافوق الفطرت عنصرن جي سحر انگيز بيانن تائين ڪيترن ئي ڪيفيتن، جذبن ۽ تصورن کي رومانويت  چئي سگهجي ٿو.

انسائيڪلوپيڊيا آف اميريڪانا ۾ رومانويت کي ڪجهه هن طرح بيان ڪيو ويو آھي ته :  

Romanticisms are reactions against forms and rules, against classicism and neo classicism, against rationlism and fixed genres, and that they are new modes of imagination and vision, which especially value freedom of forms, spontaneity, self-expression and subjectivity.(2)

ترجمو: رومانويت هيئت ۽ ضابطن جي خلاف، ڪلاسيڪيزم ۽ نيو ڪلاسيزم جي خلاف، عقليت پسندي ۽ مقرر صنفن جي خلاف رد عمل آھي ۽ هي تخيل ۽ تصور جو نئون طريقو آهن، جيڪي خاص طور تي هيئت جي آزاديءَ، خودمختاري، خود اظھاريءَ ۽ موضوعيت کي اهميت ڏ ئي ٿو.

رومانويت جي روين يا دانشورانه رخن 18 صدي جي آخر کان 19 صدي جي آخر تائين مغربي تھذيب اندر ادب، مصوري، موسيقي، فن تعمير، تنقيد ۽ تاريخ نگاري جي ڪيترن ئي شعبن مٿان نمايان اثر ڇڏيا. ادب ۽ فن لاءِ رومانويت کي ڪيترن ئي معنائن لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿو. پر ان جي ڪا به ھڪ معنيٰ نه آھي. جذباتي، تخيلاتي، انفرادي، متضاد، مبھم خيالن جي فڪرن، احساسن ۽ روين کي رومانويت سڏي سگھجي ٿو.

ادب جي حوالي سان رومانويت جي فڪر کي تخيل پرستي، طلسماتي، تصوراتي روين سان ڳنڍيو وڃي ٿو. وڪٽر ھيوگو جي مطابق: ”Liberalism in literature is romanticism.“
ادب ۾ آزادي کي رومانويت چئجي ٿو.

رومانويت ڪيترن ئي عنصرن جو هڪ مرڪب فلسفو آهي. جن ۾ خودمختاري Spontaneity، انفراديت  Individualism)، داخليت Subjectivity، سماجي زندگيءَ کان ڪٽجڻ Solitary is better than society، حڪمرانن کان بغاوت Freedom from rulers، حقيقت کي تصورن تي فوقيت ڏيڻ Imagination is superior to reason، خوبصورتيءَ لاءِ وقف ٿيڻ Devotion to beauty، ماضيءَ جي  محبت  Love to past، بندگيءَ جي حد تائين فطرت سان لڳاءُ Love of worship with nature، ڏند ڪٿائن ۽ تصوف تي يقين رکڻ Belief in myths and mysticism، عقل تي احساس کي اهميت ڏيڻ Emotions are better than logic، انسان ۾ يقين Belief in human، تجسس Curiosity، وطن پرستي، Nationalism  شامل آهن. انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا ۾ رومانويت کي ٽن خاص مفھومن (عنصرن) سان لاڳاپيو ويو آھي.

  1. عشق ۽ محبت سان لاڳاپيل سمورا رويا.
  2. غير معمولي آراستگي، شان شوڪت ۽ محاڪاني تفصيل پسنديءَ وارا رويا.
  3. وچئين دور جا تمام رجحان جن ۾ قدامت پرستي، ماضي پرستي ۽ فطرت پرستيءَ سان لڳاءُ شامل آھن.(3)

روسو کي رومانويت جي فڪر جو باني چيو وڃي ٿو. ھن تحريڪ جو تعلق انسان جي تصورن ۽ تخيلن جي دنيا سان ھو. ھن جا اثر ھر لطيف فن جھڙوڪ مصوريءَ، شاعريءَ، عمارت سازيءَ، موسيقيءَ کان سواءِ سياست، فلسفي، تاريخ ۽ سماج سڌارڪ علمن تي پڻ نظر اچن ٿا.

رومانويت ڪنھن ڳوڙهي فلسفي جي ڳالهه نه آهي، پر هي ته انساني تخيل جي آزاد اُڏام آهي. فڪر جي آزادي، فطرت پرستي، ماضي جي محبت فرسوده نظام سان بغاوت ۽ ڪلاسيڪيت جي وڃايل مزي کي ڇڏي، نئين سوچ ۽ نون تصورن کي جنم ڏئي ٿي تاج بلوچ مطابق،

”رومانويت ھڪ ذھني ڪيفيت آھي ھڪ لاڙو آھي، باطني تجربن جي عادت آھي. ھڪ اھڙو خاص جذبو آھي جيڪو ڪل کي خاص شين جي صواد ۾ اچڻ لاءِ مدد مھيا ڪري ٿو. پاڻ مخصوص حالتن به رلي ملي وڃڻ جي باوجود به سڀني جذبن تي ڇانيل رھي ٿو.“ (4)

رومانويت اهڙي داخلي قوت آهي جا نامعلوم کي دريافت ڪري نئين سوچ کي جنم ڏئي ٿي. رومانوي فنڪار صداقت سچائي کي وجدان ۽ تخيل وسيلي ڳولين ٿا.

مختصر طور بيان ڪجي ته رومانويت اهڙي طرزِ احساس طور سامهون آئي، جنھن فطرت پرستي، ماضي پرستي، انقلاب، امن، آزادي، انسان دوستي جي رجحانن کي نوان رستا ڏيکاريا ۽ عقل جي جوت سان جذبن ۽ وجدان جي راهُن کي روشن ڪيو.

سنڌي ادب ۾ رومانويت جي رجحانن جو جائزو:

ارڙھين صديءَ ۾ آيل سموري دنيا جي فڪري تبديليءَ عام  ماڻهو  کي ضابطن، روايتن، ڀرمن ۽ وھمن جو مخالف ڪري ڇڏيو. هو اميد افزا ۽ تبديليءَ آڻيندڙ روين کي پسند ڪرڻ لڳو. هو فطرت جي حقيقت، عقل، دليل، جوش، آزاديءَ ۽ عقل سليم جا قائل ٿي پيا. هنن نيو ڪلاسيڪل روايتن ۽ روين خلاف تبديليءَ جو نعرو ھنيائون. ڊاڪٽر الھداد ٻوهيو ”ادب جي فڪري محرڪ“ ۾ لکي ٿو ته :

”سندن ڪاوشن جي نتيجي ۾ ارڙھين صديءَ جي انتھا تائين سوچ جي دنيا ۾ دماغ جي اصولن جي بجاءِ دل جي تقاضائن جو قبضو ٿيڻ شروع ٿيو. آخرڪار دنيا احساسن ۽ جذبن جي تقاضائن کي اھميت ڏيڻ لڳي ۽ نيٺ اسان کي اھو نظريو مليو جنھن کي رومانويت چيو وڃي ٿو.“(5)

سنڌي ادب ۾ قديم رومانويت جا رجحان:

سنڌي ادب ۾ رومانوي رويا هر دؤر ۾ پوري آب و تاب سان نظر اچن ٿا. قصن، داستانن، ڳالهين ۽ ڳاهن کان وٺي لوڪ ادب ۽ لوڪ ڏاهپ جي تخليق اندر سنڌي ادب جي تاريخ رومانويت جي روين جي طلسم سان سجيل نظر اچي ٿي. (رومانوي عشق، محبت جي روين کي سڏيو وڃي ٿو، جڏهن ته رومانويت فن، ادب، فڪر ۽ سماجي روين اندر تبديليءَ جو رجحان آهي. رومانوي انداز ۽ اظھار رومانويت جو هڪ اهم عنصر آهي . جنهن ۾ عشق محبت جي قصن ۽ داستانن کي سحر انگيز طرح بيان ڪيو ويندو آهي. جيئن ته سنڌي ادب جي قديم لوڪ روايتون سينه بسينه اسان تائين پھتيون آهن. صدين جو سفر ڪري انهن جا راوي، سگهڙ ۽ ڀٽ چارڻ قصن کي سحر انگيزي ۽ طلسماتي ڪري بيان ڪن ٿا، جن ۾ ڪيتريون ئي غير فطرتي شيون شامل ٿي وڃن ٿيون. دودي چنيسر واري قصي ۾ چنيسر کي بي حد طاقتور ڏيکاريو ويو آهي ۽ سومرن جي بھاديءَ جا داستان هنڌن ماڳين مشھور آهن، جو آدم خور به سندن دهشت کان واقف آهي. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ دودو چنيسر - 2  ۾ حيدرآباد تر جي ميراثين واري روايت ۾ ڄاڻايو ته :

”ساري حضرت شاھ کي ديو وڌا دستا

ڀڏريون ڀورا ڪيئينس ڪرنگي ڪيس ٺڪاء

آدمخور ڪڙڪيو، ڪڙڪي ڪيئن ڳالهاء

ڊوها! ماريئي ڊوھ سان، ڏنئي ڪونه سماء

جان آهين دودو سومرو، جان سندو دودي ڀاءُ“(6)

ساڳيءَ طرح مومل راڻي جي قصي ۾ جادوئي محلات جو اڏجڻ، سوئر جي ڏند ۾ خزاني جو راز لڪل هجڻ، موکي ۽ متارن جي قصن ۾ متارن جو سال کان پوءِ زهر جي اثر سبب مري وڃڻ يا ليلا چنيسر جو هڪ ئي وقت موت واقع ٿيڻ جھڙا غير فطري منظر رومانويت جي طرز تي نظر اچن ٿا جن ۾ سحرانگيزي به آهي ته وطن پرستي به ۽ لوڪ روايتن ۽ قدرن سان محبت به. اهڙن غير فطري ۽ غير سائنسي حقيقتن کان پري ٿيندڙ واقعا به هنن قصن جي مقبوليت ۾ ڪو فرق نه آڻي سگهيا تان جو انهن روايتن سنڌ جي ڪلاسيڪل ادب  اندر به پنھنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ورتي.

سنڌي ادب جا ڪيترائي تاريخي ۽ نيم تاريخي قصا، آکاڻيون، داستان، ايستائين جو رزميه داستان به رومانويت جي اثر هيٺ رچيا ويا آهن. هنن داستانن جا موضوع مذهبي، روحاني، عشقيه (مجازي، حقيقي)، سماجي، سياسي، خانداني، معاشي ۽ معاشرتي مطلب زندگيءَ جي هر رخ جي عڪاسي ڪن ٿا. رومانويت جي طرز عمل مطابق هر مسئلي، هر معاملي کي تخيل جي بلندين تي رکي هڪ حسين دنيا جي تخليق ڪئي وڃي ٿي جيڪا سحر انگيزي ۽ تصورن تي ٻڌل آهي. لوڪ قصن ۽ آکاڻين جي رومانويت پسند لاڙن بابت ڊاڪٽر بلوچ لکي ٿو ته :

”لوڪ ڪھاڻين جا ان جي تخليق ڪندڙ گروهه وٽ وهمن، وسوسن، رسمن، ريتن، نفسياتي لاڙن ۽ سماجي رجحانن جا آڳاٽي ۾ آڳاٽا آثار ملن ٿا. اهي قديم ڪھاڻيون ڄڻ آڳاٽا کنڊر ۽ ڀڙا، دنت ۽ دڙا آهن؛ جن جي پھڻ ۽ پچارڻ سان ان گروهه جي ذهني نشونما جا نشان نظر اچن ٿا.“(7)

سنڌ جي لوڪ ادب ۾ يورپ جي رومانويت جي  رجحان وانگر مافوق الفطرت ڳالهيون، مبالغه آرائي ۽ غير فطري عمل نظر اچن ٿا. هتان جي داستانن ۾ پڻ اڪثر پلاٽ رنگ آميزيءَ تي بيٺل، جن ۾ غير فطري ڳالهيون، عشق ۽ طاقت جي جادوگري، المياتي ۽ مزاحيه واقعن جو غلبو نظر اچي ٿو، پر انهن جي اندر نصيحت اصلاح، عقل ۽ دانش جا جوهر به نظر اچن ٿا. هنن قصن ۾ واقعا حقيقت کان وڌيڪ تخيلاتي ۽ خيالي هوندا آهن. هنن داستانن جو مفھوم نھايت وسيع آهي، پر مضبوط پلاٽ نه هجڻ ڪري هي غير محسوس طريقي سان حادثاتي ۽ مھماتي بڻجي ويندا آهن. هي داستان تصوراتي دنيا جا رنگ محل اڏين ٿا.

سنڌي ادب جي تاريخ ۾ رومانويت جو لاڙو گهڻو آڳاٽو آهي، پر اهو لاڙو ڪلاسيڪل ادب جي خلاف بغاوت جي نتيجي ۾ ناهي پيدا ٿيو. سنڌي ادب جي  ابتدا رومانويت جي طرز جي قصن ۽ ڪھاڻين سان ٿئي ٿي،  جن ۾ بغاوت جو عنصر ۽ تبديليءَ جي خواهش ادبي لاڙن خلاف نه بلڪ سماجي اصولن، ڌارين حڪمرانن ۽ طاقتور ظالم قوتن خلاف نظر اچي ٿو.

لوڪ روايتن ۾ تاريخي ڪردارسازي ۽ رومانوي لاڙا گڏوگڏ ملن ٿا. هاريءَ جي پُٽ کي هميشه حسين شھزادي پسند اچي ٿي، جنھن کي هو ديوَن جي چنبي مان ڇڏائي بادشاهه اڳيان مرتبي ۽ شھزاديءَ جو سڱ حاصل ڪرڻ جو خواب ڏسي ٿو. انداز بيان ۽ قصن ۾ طلسماتي وڌاءُ انهن قصن کي وڌيڪ دلڪش ۽ رومانويت پسند بڻائين ٿا. غير فطرتي عمل، عشق محبت، وطن پرستي، انساني احساس، قدر ۽ خواهشون جي پرچار سنڌ جي لوڪ ادب جي رومانويت پسند روين کي ظاهر ڪري ٿو. جنھن ڪري چئي سگهجي ٿو اهي رومانوي ۽ رزميا داستان سنڌي ادب جي ابتدائي رومانويت جي رجحانن جا واضح ثبوت آهن.

لوڪ ادبي رومانويت جي روايتن جو ڪلاسيڪل ادب جو حصو ٿيڻ:

ادب جي تاريخ جي هر دؤر ۾ ڪي نوان رجحان ڪي نيون گُهرجون ڪي نوان لاڙا ملن ٿا، جيڪي قديم سوچ، سمجهه، وهمن ۽ قدرن جي نشاندهي ڪن ٿا. سنڌي ادب جي تاريخ ۾ رومانويت ۽ ڪلاسيڪيت جو حسين امتزاج نظر اچي ٿو. لوڪ ادب جا قصا ۽ روايتون نيم تاريخي واقعن تي بيٺل آهن. انھن لوڪ روايتن ۽ قصن ئي اڳتي هلي ڪلاسيڪل ادب کي بنياد مھيا ڪن ٿا.

سنڌي لوڪ ادب جا رومانويت وارا رويا ڪنھن ناڪاري سوچ کي ظاهر نه ٿا ڪن. لوڪ روايت جيڪا ڌارين حڪمرانن، حملا آوارن خلاف بغاوت ۽ پنھنجي وطن ۽ ٻوليءَ سان محبت طور قائم ٿي، جنھن ۾  بغاوت سان گڏ لوڪ دانش، ثقافتي قدرن ۽ وطن پرستي جو رجحان سمايل هو، تنھن اڳتي وڌي سنڌي ادب جي ڪلاسيڪل شاعرن کي فڪري ۽ موضوعاتي بنياد فراهم ڪيو. لوڪ ادب جي صدين تي بيٺل وطن پرستي ۽ ٻوليءَ جي بچاءُ جي تحريڪ يورپ جي جاگرتا (Renassance) واري تحريڪ جھڙا اثر سنڌ جي ادب مٿان ڇڏيا. جن جو مقصد نه صرف قوم تشخص جو بچاءُ، صدين تي بيٺل عقل ودانش جي حفاظت ۽ ٻوليءَ جي بقا جي جدوجھد هو، پر جاڳرتا جي تحريڪ وانگر هي غير ارادي طور تي سيني بسيني ڏاهپ ڀرين روايتن کي منتقل ڪيو.  

هڪ مفروضي تحت سومرن ۽ سمن جي ابتدائي ادب کي بنياد لوڪ ادب جي قصن، ڳاهن ۽ داستانن سان ڀيٽي، جنھن هڪ نئين ادبي تحرُڪ کي جنم ڏنو يا کڻي ائين چئجي ته سومرن ۽ سمن جو دور سنڌي ادب ۾ رومانويت جو دؤر هو. جنھن آهستي آهستي ڪلاسيڪيت جو روپ اختيار ڪيو. ڊاڪٽر غفور ميمڻ ’سنڌي ادب جو فڪري پس منظر‘ ۾ لکيو آهي ته:

”سسئيءَ جو ڪردار پنهنجي داخلي جذبن سان بي پناھ لاڳاپيل آهي، جو هوءَ روايت ٽوڙي رڻ پٽن جبلن ۾ اڪيلي نڪري پوي ٿي. مارئي پنھنجي وطن سان بي انداز محبت ۾ عمر سومري جي هر سک ۽ سهولت کي ٺڪرائي پنھنجي جهوپڙين ۽ غريب ماروئڙن جي ڳالهه ڪري ٿي. مومل جو ڪاڪ محل رومانويت جو هوبھو مظهر آهي. سھڻي جو پنھنجي داخلي جذبن هٿان مجبور ٿي درياءَ ۾ گهڙي پوڻ وڏي رومانويت آهي.“( 8)

سمن جي دور جي پچاڙيءَ ۾ اسان کي پھريون ۽ ڪلاسيڪل شاعر قاضي قاضن ملي ٿو. هن دؤر جي سنڌي شاعري فني ۽ فڪري هر حوالي سان مضبوط آهي. ڪلاسيڪل دور کي شاھ عبداللطيف ڀٽائيءَ عروج تي پھچايو (شاھ صاحب جي شاعريءَ ڪلاسيڪل سان گڏو گڏ رومانويت جي سڀني عنصرن تي پوري لھي ٿي) ۽ هن ڪلاسيڪل دور جي عروج مان ئي سنڌي ادب جي رومانويت جنم ورتو.هن دؤر جي ڪلاسيڪل شاعري هڪ عرصي تائين سنڌي ادب کي پنھنجي سحر ۾ جڪڙي رکيو، نه صرف فن پر فڪر جي حوالن سان به سالن تائين سندن اثر قائم رهيو. اھڙو فڪري دهراءُ ٽالپرن جي دؤر تائين پھچي نيو ڪلاسيڪل  بڻجي ويو.

سنڌي ادب جي نيو ڪلاسيڪيت :

 ڊاڪٽر محمد عالم خان اردو افساني ۾ رومانوي رجحان ۾ لکي ٿو ته:

’’ادب میں جوش و جذبے اور تخیل کی جگہ صفائی اور بناوٹ نمایاں ہونے لگیں۔ اگرچہ بعض ادب کے ہاں اس دؤر میں بهی ادب کے اعلیٰ نمونے ملتے ہیں٬ مگر مجموعی صورت حال میں بناوٹ اور مصنوعیت ادب پر غالب نظر آتے ہیں۔ یوں کلاسیکل نے ایک خاص قسم کے توازن کی تلاش میں زندگی اور اس کے حس کو چند گنے چنے دائروں میں اسیر کر ڈالا۔ (9)

هر ڀيري ساڳي فڪر ۽ فن جو دهراءُ جيڪو انساني حالتن سان مطابقت نه رکندو هجي ان کي نيو ڪلاسيڪل سڏيو وڃي ٿو.

 

 

 

 

 

(نيو ڪلاسيڪل، جمود رومانويت ۽ ڪلاسيڪل جي وضاحت لاءِ هي نقشو ڏنو ويو آهي.)

 

نيو ڪلاسيڪل روين ڪري سنڌي ادب اندر جمود جو احساس وڌڻ لڳو. ڪجهه شاعرن هن جمود کي ٽوڙڻ لاءِ عربي فارسي شاعريءَ جي فن ۽ فڪر کي سنڌي ادب ۾ عام ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر ڪا خاطر خواهه تبديلي نه اچي سگهي. ڊاڪٽر عبدالجبار جوڻيجي مطابق:

”فرسوده پٽيل ڪٽيل موضوع، هيئت ۽ وڏيرن جي واکاڻ آهي ته اهو پراڻو ۽ فرسوده سڏبو. جيڪڏھن سنڌي ادب جي حوالي سان اڄ به  ڪير ائين سوچي ته ٽي سو سال اڳ جيڪي لکيو ويو سو معياري آهي ۽ هاڻي به اهو ئي لکبو ته هو بيوقوفن جي جنت ۾ رهي ٿو.“ (10)

شاعريءَ جي هيئت ته تبديلي ٿي وئي پر فڪر گهڻو تڻو ساڳيو رهيو. هن دؤر جي ادب ۾ انتھائي ٺھراءُ ۽ فرسودگي نظر اچي ٿي. شاعريءَ ۾ موضوعن جو ورجاءُ هو، ڪا به شعوري ارتقا نظر نه ٿي آئي. مٿان وري ڌارين ٻولين جي لفظن جي ڀرمار ۽ اردو ۽ فارسي ادب جي اثر سنڌي ادب کان سنڌيت کسي ورتي.

يورپ جي رومانويت ۽ سنڌ جي رومانويت ۾ فرق:

يورپ جي رومانوي تحريڪ هڪ تاريخي ۽ سماجي تحريڪ هئي، پر هتي(سنڌ) جي عام ماڻهو جو ذهن ۽ روحانيت پرست مزاج مغرب واري ماديت کي پوريءَ طرح قبول ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. پوءِ به رومانويت پسند شاعرن ۽ اديبن تصوف، وطن پرستي، ماضي پرستي، فطرت نگاري، مذهب ۾ روشن خيالي جھڙن موضوعن لاءِ رومانوي طرز عمل اختيار ڪيو. ڊاڪٽر نور افروز خواجه مطابق:

”زندگيءَ جي فلسفين يا انسان شناسيءَ جي ماهرن تخليق کي تحريڪ جي ضرورت ناهي هوندي. هر بھترين تخليق ئي نئين تحريڪ جو انديو هونديون آهن. سنڌ ۽ يورپ جي رومانياتي مزاج ۾ هڪ جھڙايون هجڻ سان گڏوگڏ ڪافي تبديليون پڻ آهن.“( 11)

جيڪڏهن يورپ جي تاريخ تي نظر وجهبي ته هر سماجي ۽ ادبي تحريڪ جو ڪو مقرر وقت نظر اچي ٿو. پر اسان جي معاشري ۽ علم و ادب مٿان يورپ جي سڀني تحريڪن جو اثر هڪ ئي وقت ۾ ظاهر ٿيو، جيڪي شاعر ۽ اديب ترقي پسند سوچ جا هئا ۽ ادبي علمي تحريڪن ۾ پيش پيش هئا، انهن جي لکڻين ۾ جدا جدا رجحانن جي جهلڪ ملي ٿي، ڪڏهن سوشلزم، ڪڏهن انسانيت، ڪڏهن قوم پرستي، ڪڏهن مذهب کان بغاوت ته ڪڏهن رومانويت سندن لکڻين تي اثر وڌو.

سنڌي ادب ۾ ڪن چند رومانوي رجحانن وارن اديبن ۽ شاعرن کي ڇڏي، گهڻو ڪري ترقي پسند ۽ سماج سڌارڪ اديبن ۽ شاعرن وٽ ئي رومانويت جي تحريڪ جا لاڙا نظر اچن ٿا.

جديد سنڌي ادب جا رومانويت جا لاڙا:

انگريزن جي دؤر حڪومت ۾ سياسي تبديلي سنڌي ادب تي تمام گهرا اثر ڇڏيا خاص ڪري سنڌي نثر ۾ تمام گهڻي جدت آئي، جنھن عام ماڻهوءَ ۾ قومي، سياسي ۽ مذهبي بيداريءَ ادب ۾ ڪافي نوان لاڙا ۽ رجحان پيدا ڪيا. ادبي نقادن مختلف نظرين تي سوچڻ شروع ڪيو. انهن نظرين، رجحانن، لاڙن ۽ تحريڪن مختلف سماجي قدرن ۽ ادب ۾ نون نظرين ۽ رجحانن کي جاءِ ڏني. ادب غير فطري ديو مالائي ۽ لوڪ ادب جي اثرن کي ڇڏي عوامي بيداري، انساني حقن، جذبن ۽ اُمنگن جي پرک جي دؤر ۾ داخل ٿي ويو. سماجي براين، وڏيرا شاهي ۽ قابض حڪمرانن سان مھاڏو اٽڪائڻ لاءِ ماحول تيار ٿيڻ لڳو. الھداد ٻوهيو هن تبديليءَ بابت ڪتاب ’سنڌي ادب جي فڪري محرڪ‘ ۾ لکي ٿو ته:

”ماڻهن جو اهو ٽولو اسان وٽ ترقي پسند اديبن جو ٽولو بنيو ۽ اهو سڄو سارو فيوڊلزم يا مڊيولزم جيڪو اسان جي دؤر ۾ موجود هو انهيءَ ٽولي جو مخالف بڻجي ويو. سڀاويڪ به اهو هو، ڇو ته مڊيول جو مخالف ۽ دشمن يا ضد به جدت پسندي ئي آهي.“ (12)

سنڌي ادب جي نثر جي ابتدا به ترجمن سان ٿي. ترجمن جي ئي ڪري هتان جي عام پڙهندڙ کي دنيا جي جديد علمن، نظرين، فلسفن، عالمي تحريڪن ۽ تاريخ بابت آگاهي ملي،جنھن هتي جي  پڙهيل ڳڙهيل عام ماڻهوءَ ۾ به جذبن جي اظھار ۽ خيالن جي پرچار جو شوق جاڳيو. جنھن بابت انور فگار هڪڙو لکي ٿو ته:

”انسان يا تخليقڪار جي اندر ۾ ڪا هورا کورا، ڪا تلاش، ڪو تجسس ۽ ڪا ڳولا آهي، جنھن جي پويان هو اهو رڻ جهاڳي ٿو. ان رڻ جهاڳڻ لاءِ سندس اندر جي حسناڪي ۽ سونھن ئي آمادگي ۽ قدرت پيدا ڪري ٿي. اها حسناڪي ان تخليقڪار جي وجود سان گڏ هن جي هانءَ ۾ يا سرشتي ۾ جنم وٺي ٿي؛ ۽ ان سان گڏ ئي ارتقا پذير ٿئي ٿي.“ (13)

انگريزن جي قبضي کان پوءِ سنڌ جي ادب ۽ سماج اندر هڪ نئين تھذيب، نئين سوچ جنم ورتو، فلسفي، تاريخ، سياست ۽ علم ادب جي نئين سوچن جنم ورتو، جنھن ننڍي کنڊ وانگر سنڌ اندر به آزاديءَ جي تحريڪن کي جنم ڏنو ۽ همٿايو. ورهاڱي کان پوءِ اُٿل پٿل جي نتيجن پرکڻ جو دؤر شروع ٿيو. اڳ نثر توڙي نظم، جوش، جذبي ۽ ولولي سان ڀرپور هو. آزاديءَ جي خوشي کي ورهاڱي ۽ لڏپلاڻ جي وڳوڙن خراب ڪري ڇڏيو هو. آزاديءَ جي هن رد عمل ادبي جدوجهد ۽ اُمنگن کي به ماٺو ڪري ڇڏيو. هن سياسي اُٿل پٿل سنڌي ادب ۾ انقلابي تبديليون آنديون. اديبن، دانشورن ۽ شاعرن عوامي بيداريءَ جو ذمو کنيو ۽ ادب کي سياسي سماجي حالتن جي منظر ڪشيءَ کان سواءِ عام ماڻهن جي سوچن، جذبن ۽ خواهشن جي عڪاسي سنڌي نثر توڙي نظم ۾ نظر اچڻ لڳي. هن انقلابي روين ادب کي بامقصد ۽ بااصول بڻائي ڇڏيو. ڊاڪٽر نور افروز خواجه مطابق:

”ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ماڻهن کي جيڪي مسئلا درپيش آيا، انهن کي منھن ڏيڻ کانپوءِ، انهن وري ادبي تبديلين ۽ ادبي فلسفي ۾ چاھ وٺڻ شروع ڪيو. انهيءَ ۾ پهرين تبديلي ترقي پسنديءَ واري هئي. ان کان پوءِ ادب ۾ نئون رجحان رومانويت جو داخل ٿيو. ترقي پسند ادب ۾ سماج جي مجموعي روپ کي اهميت ڏني ويندي هئي، اتي رومانويت فرد کي وڌيڪ اڀاري، انسان جي انفرادي جذبن ڪيفيتن، پيار ۽ رومانس وغيره بابت لکي پئي".(14)

ترجمن کانپوءِ طبع زاد ڪتاب به ڇپجڻ لڳا. نثر توڙي نظم ۾ نيون صنفون متعارف ٿيون. عبارت آرائي، حسن بيان،اسلوب ۽ موضوعن ۾ وسعت آئي.

سنڌي نثر ۾ ناول، مختصر ڪھاڻي، ڊراما، سفرناما، آتم ڪٿا، سوانح عمري، مضمون، خط، ڊائريون ۽ يادگيريون ڇپجڻ لڳيون. انهن کان سواءِ سائنس، حڪمت، فلسفي، تاريخ، لغت ۽ لسانيات، قانون، هنر، تعليم ۽ تربيت تحقيق ۽ معلومات جا تفصيل، يعني هر موضوع جا ڪتاب سنڌي زبان جو حصو بڻيا. جديد علمن سان گڏ ترقي يافته سوچ به پير پاتو. شاعر، اديب ۽ محقق سماجي معاملن کي ترقي يافته ملڪن جي علم ادب ۽ تحريڪن جي اثر جي تارازيءَ ۾ تورڻ لڳا. سماجي براين، معاشي ۽ معاشرتي مسئلن تي بحث ۽ نندا شروع ٿي. رسالن، اخبارن، ادبي انجمنن ۽ سماجي تحريڪن هتان جي پڙهي لکيي طبقي اندر اڌما پيدا ڪيا، جيڪي جدا جدا موضوعن تي لکڻين ۽ نئين سوچن ۽ جذبن جي اظھار جي صورت ۾ ظاهر ٿيڻ لڳا.

هن دؤر جي اديبن پنھنجي گھري سوچ، تيز فھم ۽ مشاهدي سان زندگيءَ جي هر پھلوءَ تي پنھنجي لکڻين ذريعي عڪاسي ڪئي. هر مسئلي، ڀلي اهو قومي هو يا معاشرتي، سماجي هو يا نفسياتي، مقامي هو يا بين الاقوامي، هر معاملي کي سڌارڻ ۽ سلجهائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن للڪار ۾ ترقي پسند اديبن رومانويت جي طرز کي به هٿ کان نه ڇڏيو. سنڌ جي اديبن ڌرتيءَ جي محبت کي انتھائي رومانويت طرز تي محبوبا سان تشبيھه ڏني، ان محبوبا جو تصور کي رومانويت جي اصولن تي بيھاريو. آغا سليم ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“ ۾ لکيو آهي ته:

”آرسيون سڀ ڪوڙيون ٿينديون آهن. سچي آرسي صرف بت تراش جي دل ٿيندي آهي، جنھن ۾ ٻرندڙ اولڙو پٿر ۾ پيھي سندر روپ وٺندو آهي. (15)

هن وقت جو ادب عوام جي ڏکن ۽ سورن جي ترجماني ڪرڻ سان گڏوگڏ نون موضوعن ۽ صنفن ۾ اضافي جو سبب بڻيو. نثر توڙي نظم ۾ نوان تجربا ٿيا، جنھن ادب جي سڪل وڻ کي ٻيھر سائو ڪري ڇڏيو. پٺتي پيل افسانوي صنفن کي نئين زندگي ملي. افسانوي ادب اصلاح سان گڏ نون رجحانن کي وڌائڻ ۽ ويجهائڻ لڳو. زميندارن جا ظلم، سرمائيدارن جا قھر، سرڪاري ڪامورن جون ڏاڍايون، معاشي اڻ برابري، مذهبي اجاراداري ۽ نفسياتي موضوعن سان گڏ حقيقت نگاري، فطرت پرستي، منظرڪشي، داخليت ۽ بغاوت  تي پڻ قلم کنيو. آغا سليم ”اوندهي ڌرتي روشن هٿ ۾“ رومانويت انداز ڪجهه هن طرح ظاهر ڪري ته :

”اوچتو ڇير جو ڇمڪو ٿيو، ڄڻ ڪنھن سياڻي جي سوچ ۾ سوجهرو آيو، ڄڻ ڪنھن ڪويءَ جي دل ۾ ڪويتا ڪر موڙيا، ڄڻ ڪنھن سنگتراش جي دل ۾ مورتي لٿي.“ (16)

انسان جي آزادي، عورتن جي ترقيءَ سان گڏ معصوم ٻارن جي اُمنگن کي افسانوي ادب ۾ موضوع هيٺ آندو ويو. هن دؤر جي ادب ۾ نه صرف جاڳرتا جي ڳالهه هئي، پر محبت جي جذبن جو کليل اظھار فطرت سان لڳاءُ، پنھنجي ثقافت جي پرچار، تاريخ، حب الوطني، قومي بقا ۽ شخصي آزديءَ جو پڻ راڳ آلاپيو ويو هو.

هن زماني جي ادب کي هر لحاظ کان رومانويت جي لاڙن وارو ادب چئي سگهجي ٿو. آزاديءَ کان پوءِ جي سياسي حالتن رومانويت جي رجحانن کي جنم ڏنو.جنھن نئين زماني جي ڪلاسيڪل لاءِ ميدان جوڙيو يا کڻي چئجي ته هن دؤر ۾ ئي هڪ نئون ڪلاسيڪل سرجيو ۽ وڌيو. هن دؤر ۾سنڌي ادب جا ڪيترائي رومانويت جي طرز جا شاعر ۽ اديب مشھور ٿيا، جن ۾ سڀ کان پھريون ڪشنچند بيوس جو نالو اچي ٿو، ان کان سواءِ شيخ اياز، تنوير عباسي، نارايڻ شيام، سراج، رشيد ڀٽي، آغا سليم، ماڻڪ، نياز همايوني، علي بابا، جمال ابڙو، طارق عالم ابڙو، موهن ڪلپنا، امر جليل، نورالھدى شاهه ۽ ٻيا ڪيترائي اهم نالا ملن ٿا.

انيڪ تاريخي ۽ رومانياتي ڪھاڻيون ۽ ناول لکيا ويا، ناولن ۾ آغا سليم جو
”همه اوست“ ۽ ”اونداهي ڌرتي روشن هٿ“. علي بابا جو ”موهن جو دڙو“. عثمان ڏيپلائيءَ جو ”سانگهڙ“. سراج جو ”پڙاڏو سوئي سڏ“ ۽ ”مرڻ مون سين آءُ“ آهن. هن دؤر جي اڪثر سماج سڌارڪ ۽ ترقي پسند لکندڙن وٽ رومانياتي رجحان ملن ٿا.

اسلوب جي لحاظ کان آغا سليم، امر جليل، علي بابا، ماڻڪ، نورالھديٰ شاهه، طارق عالم ابڙي کي مڪمل رومانياتي ناول نگار چئي سگهجي ٿو. هن دؤر جي اهم ناول نگارن ۾ موهن ڪلپنا، گُنو سامتاڻي، آسانند مامتوراءِ، امر جليل، آغا سليم، سراج، عبدالحق عالماڻي ۽ ٻيا شامل آهن.

نتيجو:

سنڌي ادب جي ابتدائي دور جي ادب ۾ گهڻي ڀاڱي حڪمرانن جي تاريخ، ڏند ڪٿائون ۽ تصوف جي رمزن سان ڀريل لوڪ روايتون سرجي رهيون هيون، وطن پرستي، ثقافتي قدرن ۽ ٻوليءَ جي بچاء واري رومانويت جي روين نه رڳو ماڻهن جي
سوچ-لوچ ۾ فرق آندو پر سنڌ جي لوڪ ڏاهن لوڪ ادب آڱر پڪڙي پنھنجي ڏاهپ سان مقامي قصن کي ادب ۾ محفوظ ڪيو.

سنڌي ادب جو صدين ۾ سرجيل ورثو ٻاهرين حڪمرانن جي جبر ڪري ميسارجي چڪو هو. پر هتان جي مقامي شاعرن پنھنجي داخلي جذبن، اندر جي اڌمن، محسوسات کي مقامي ڏاهپ جي صورت ۾ محفوظ ڪندا رهيا. هي ٻوليءَ ۽ لوڪ روايتن کي بچائڻ جي تحريڪ سنڌي ادب ۾ رومانويت جي پھرين لھر بڻجي اڀري. ڪائنات جي حسناڪين،  پکين جي لاتين کان وٺي مور جي نچڻ تائين، محبوب جي ڪارن وارن کي نانگ سان ڀيٽڻ تائين، مذهبي انتھاپسندي کي نندڻ کان وٺي قومي جذبي توڙي پنھنجي ثقافت سان محبت جي وچن تائين پيار ۽ پريت جھڙن نفيس ۽ نازڪ جذبن کي محفوظ رکيو ۽ سنڌ جي ڪلاسيڪل شاعريءَ کي بنياد فراهم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهيو.

سنڌي ادب جي جديد دور جو رومانويت جا رجحان انگريزن جي اچڻ سان شروع ٿيا. هاڻي نه صرف موضوعن ۾ وسعت آئي، پر سنڌي ليکڪن جي روين ۽ فڪري انداز ۾ پڻ وضح فرق  ظر اچڻ لڳو. هنن ۾ سماجي ۽ سياسي ادبي تبديلي آڻڻ جي خواهش اهڙو ته رومانويت جو رنگ اختيار ڪيو جو ڌرتيءَ ۽ آدرشن جي محبت کين محبوب جي روپ ۾ نظر اچڻ لڳي. جيئن آغا سليم جي ڪردار ’سنڌو‘
۽ امر جليل جي ’سنڌو‘ مختلف دورن ۽ حالتن جي عڪاسي ڪن ٿيون، پر ٻنهي روپن ۾ سنڌو جو وجود رومانوي محبوبا جي روپ ۾ وطن سان محبت جي اظھار طور نظر اچي ٿو.

هتان جا شاعر ۽ اديب يورپ ۽ هندستان جي ادب کان واقف ٿيا ته هڪ تبديليءَ جي لھر پيدا ٿيڻ لڳي، جنھن رومانويت جي رجحانن کي هٿي ڏني. سنڌ ادب هڪ ڀيرو ٻيھر تبديل ٿي سنڌيت جو چولو پائڻ لڳو. جنھن ۾ ڪولهڻ جي سونھن جا گيت گونجڻ لڳا، ڪٿي پنھنجي سوڍن سورمن جي ارغونن ۽ ترخانن جي جنگين جوٽڻ جا احوال اهڙي ته انداز سان بيان ڪيا ويا جو پڙهندڙ حيران رهجي وڃي ٿا. ڪٿي داخليت جا جذبا ته ڪٿي فطرت پرستيءَ تي قلم کنيو ويو.

اهڙيءَ طرح رومانويت جي روين سنڌي ادب کي نئين سري نئين رنگ ۽ روپ ۾ سرجڻ جو موقعو ڏنو، جنھن جديد ادب کي نئين ڪلاسيڪل لاءِ بنياد فراهم ڪيا. رومانويت جي فڪر ڪيترائي شاعر، اديب، ليکڪ، ناول نگار ۽ ڪھاڻيڪار پيدا ڪيا جن نه رڳو انفرادي بھتري جي ڳالهه ڪئي، پر هو عالم ۽ قومي شعور جي جياپي ۽ انساني حقن جا علمبردار ٿي نروار ٿيا.

حوالا

  1. حسن٬ محمد ڈ اکٹر: اردو ادب میں رومانوی تحریک٬ کاروان ادب ملتان٬ 1986ع،ص10
  2. Encyclopedia, Amercana 1987 US Constitution, BicentemialPage 689
  3. انسائيڪلوپيڊيا، سنڌيانا، جلد ڇھون، پروفيسر ڊاڪٽر فھميده حسين، سنڌي لئنگوئيج اٿارٽي حيدرآباد.ص340
  4. بلوچ تاج، ڪجهه رومانويت بابت، نئين زندگي سيپٽمبر 1969ع، ص14
  5. ٻوھيو، ڊاڪٽر الھداد، ادب جا فڪري محرڪ، سنڌي ادبي سھڪاري سنگت حيدرآباد، جون پھريون ڇاپو، 1984ع.ص226
  6. بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”دودو چنيسر- 2، سنڌي ادبي بورڊ، 2006، ڄامشورو،
    ص 326.
  7. بلوچ، نبي بخش خان ڊاڪٽر، ”لوڪ ڪھاڻيون 7“، ڳاهن سان ڳالھيون، سنڌي ادبي بورڊ، 2004، ڄامشورو، ص 19
  8. ميمڻ، عبدالغفور، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جو فڪري پس منظر، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، حيدرآباد، 2017،ص243.
  9. خان، محمد عالم، ڊاڪٽر، ”اردو افساني مين روماني رجحانات“، علم و عرفان پبلشرز، لاهور. ص37.
  10. جوڻيجو، عبدالجبار، ڊاڪٽر، سنڌي ادب جي تاريخ، سنڌي ٻوليءَ جو با اختيار ادارو، 2023، ص606.
  11. خواجه، نور افروز ڊاڪٽر، سنڌي ناول ۽ رومانويت Romanticism سنڌي ادب، جولاءِ- ڊسمبر 2002ع، سنڌالاجي. ص 169.
  12. ٻوھيو، ڊاڪٽر الھداد، ادب جا فڪري محرڪ، سنڌي ادبي سھڪاري سنگت حيدرآباد، جون پھريون ڇاپو، 1984ع.ص226
  13. هڪڙو، انور فگار، ڊاڪٽر، آغا سليم: شخصيت، فن، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو 2019، ص7
  14. خواجه،نور افروز، ڊاڪٽر، ورهاڱي کان پوءِ سنڌي ناول جي اوسر، شيخ شوڪت علي اينڊ سنز، 2010,ص239.
  15. سليم، آغا، اوندهي ڌرتي روشن هٿ، روشني، ڪنڊيارو، 1997,ص23.

سليم، آغا، اوندهي ڌرتي روشن هٿ، روشني، ڪنڊيارو، 1997,ص22.

33 ڀيرا پڙهيو ويو