Image
ڊائونلوڊ ڪريو

ايڊيٽوريل


تحقيق جو بنيادي مقصد عقل، ادراڪ، منطق ۽ دليل جي آڌار تي ڪيل کوجنا وسيلي ’نئين ڄاڻ‘ تائين رسائي حاصل ڪرڻ آهي. اها نئين ڄاڻ فقط خواهش يا سَڌ سان حاصل نٿي ٿئي، ان لاءِ  موجود وسيلن، مواد ۽ حقيقتن جو منظم اڀياس، ڇنڊ ڇاڻ، ۽ تنقيدي پرک به لازمي هوندي آهي. اهڙي اڀياس، ڇنڊڇاڻ جي صلاحيت ۽ تنقيدي قابليت لاءِ وري سکيا ۽ گهڻ طرفي ڄاڻ گهرجي. ٻي صورت ۾ تحقيق ”نئين جي ڳولا“ يا ”حقيقتن تائين رسائيءَ“ بجاءِ معلومات جي ورجاءَ جو روايتي ۽ فرسوده وهڪرو ٺاهيندي، جنھن سان علم جي اڳتي وڌڻ جي ڪا به واٽ ٺھڻ بجاءِ ڄاڻ جي هڪ جھڙائيءَ کي هٿي ملندي ۽ بي معنا ڊگرين جي ديڳ چڙهندي.

جيڪڏهن تحقيق جو جوهر ڳولجي، ته اها انساني علم ۾ اضافو آهي- ۽ علم ۾ اهڙو اضافو يا واڌارو زندگيءَ کي وڌيڪ سولو، سھنجو ۽ سکيو بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪري ٿو.  تحقيق جو معياري نه هجڻ، ورجاءَ جو شڪار ٿيڻ، نين ڳالهين کان محروم هجڻ، نئين معلومات تائين رسائيءَ ۾ مددگار نه ٿيڻ  اصل ۾ هڪ سماج کي گٺل بيٺل خيالن ۽ تصورن، بي رنگ ڪتابن ۽ فڪري طور بي ڏِسائيءَ جي ور چاڙهي ٿو.  اسان وٽ اها بي ڏسائي ڏينھون ڏينھن ان ڪري به وڌي رهي آهي، ڇوته اڪثريتي محقق ۽ عالم ڪنھن مخصوص علمي مسئلي يا نُڪتي کي کڻي، نتيجن تي رسڻ کان وڌيڪ ”لکڻ لاءِ لکڻ “ جي ڪِرت کي ئي ڪُل ڪمال سمجهن ٿا. پنجن مان ڏهه ڪتاب يا ويھن مان چاليهه تحقيقي مقالن جي ايوريسٽ سَر ڪرڻ جي خواهش ۽ ڊوڙ ئي محقق کي مقصد جي دڳ تان ٿيڙڻ جو ڪم ڪري ٿي. لکڻ توڙي ڇپائڻ ٻه بامقصد عمل آهن. لکڻ وارو محقق توڙي ڇپائڻ وارو ادارو، پنھنجي حيثيت، مَقام ۽ نالو فقط ڪم جي معيار جي بنياد تي ٺاهي سگهن ٿا. پر جيڪو نئون تحقيقي ڪلچر جُڙي رهيو آهي، ان ۾ مقصد ناپيد ٿيندو پيو وڃي. ٻيو ته ٺھيو، ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي سطح جا مقالا پنھنجو معيار وڃائڻ لڳا آهن. يونيورسٽيون، جيڪي تحقيق جا معياري مرڪز هجڻ کپن، اتي ٿيندڙ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊين جي مقالن جي اڪثريت  ڇپائڻ توڙي پڙهڻ جھڙي نه رهي آهي. ساڳين ئي موضوعن تي بار بار ڊگريون ڏنيون پيون وڃن، ۽ هڪ ئي موضوع تي پنج پنج مقالا لکيل هجڻ باوجود ان مخصوص موضوع بابت پڙهندڙ جي علم ۾ پنج سيڪڙو به واڌارو ٿيندي نظر نٿو اچي. ادارن وٽ ڪو گڏيل فورم يا نظام جڙيل نه آهي، جنھن وسيلي ساڳين ئي موضوعن تي وري وري ٿيندڙ ڪم آڏو بند ٻڌن ۽ نون ۽ رهيل موضوعن تي ڪم ڪرائڻ لاءِ رٿابندي ڪن. سائنس ۽ سماجي سائنس جي شعبن ۾ ٿيندڙ ايم فل ۽ پي ايڇ ڊي جا مقالا ته ڪتابي صورت م گهٽ ئي ڇپجن ٿا، پر خود سنڌي شعبن جا مقالا به هاڻ ورلي ڇپايا وڃن ٿا. سبب اهو آهي ته انهن شعبن ۾ ٿيندڙ تحقيق جي حالت اڳي جي ڀيٽ ۾  پست ۽ ڪمزور ٿي آهي. ورجاءُ، هڪ جھڙائي ۽ معيار جي کوٽ تحقيق کي سماجي ترقيءَ بجاءِ ڊگريءَ جي ذريعي تائين محدود ڪري ڇڏيو آهي، جيڪا هڪ ڳڻتيءَ جوڳي ڳالهه آهي.

موجوده دور ۾، سنڌي شعبن ۾ ايم فل، پي ايڇ ڊي ڪندڙ شاگردن جي اڪثريت گهڻو ڪري ته لسانيات ۽ ٻوليءَ بجاءِ ڪنھن ادبي موضوع تي مقالو لکڻ کي اوليت ڏئي ٿي. ان ۾ به ڪنھن مرحوم اديب يا عالم جي علمي ادبي خدمتن، شاهه لطيف جي ڪردارن يا سُرن، ترقي پسند يا مزاحمتي ادب جي ڪنھن پھلوءَ، شاعريءَ جي ڪنھن صنف يا مخصوص ادبي دور کي ئي تحقيق ۾ تڪڙي نجات جو ذريعو سمجهيو وڃي ٿو. ٻوليءَ، لسانيات، وياڪرڻ، لھجن، نون تنقيدي پئمانن، تقابلي اڀياس، لوڪ ادب، لغت نويسيءَ وغيره جھڙن موضوعن تي ڪم ڪندڙ ماڻهو اٽي ۾ لوڻ برابر به نٿا ملن. اڪثريتي محققن جي ڪوشش آهي ته اهڙن موضوعن تي ڪم ڪن، جن تي وڌ ۾ وڌ مواد ملي سگهي، جيئن سمورو ڪم گهر ويٺي ئي اڪلائجي وڃي. تحقيق لاءِ  رائج ڪلاسيڪل طريقن جھڙوڪ موضوع بابت نئين ۽ گهڻي کوجنا، لائبررين ۾ وڃي ويھڻ، عالمن اديبن جا انٽرويو ڪرڻ يا ڳوٺ ڳوٺ انگ اکر يا معلومات ڪٺي ڪرڻ جھڙا سمورا طريقا هاڻ دفنائجي رهيا آهن. ايئن تحقيق ۾ سولائي، تڪڙ، جلديءَ ۾ ڊگري حاصل ڪرڻ جي خواهش ۽ سڌڙيائي هڪ لاڙي مان تحريڪ جي صورت اختيار ڪري رهي آهي. جڏهن ته تحقيق ڌيان، وقت، اڀياس ۽ تحمل جي گُهرجائو آهي. ان لاءِ هڪ خاص مزاج، رويو، ذميداراڻي روش، کوجنا جو شوق ۽ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جو چاهه نه هوندو، ته نتيجا حاصل نه ٿيندا.

انساني معاشرو ڇوته هڪ زنده، متحرڪ ۽ مسلسل اڳتي وڌندڙ شئي آهي، ان ڪري ان کي هر نئين دور ۾ هر علمي شعبي يا ڊسيپلين ۾  تازگيءَ ڀري ڄاڻ گهرجي. دنيا جھان ۾ نون انساني تجربن ۽ ڪوششن تحقيق لاءِ نئين کان نوان دڳ هموار ڪيا آهن، ذريعا جوڙيا آهن ۽ ان تحقيق وسيلي حاصل ٿيندڙ ڄاڻ ئي دنيا کي سک، خوشحالي ۽ ترقيءَ طرف آندو آهي. اسان کي به سوچڻ گهرجي، ته نيٺ به ڪھڙي تحقيق، علم ۽ ڏاهپ اسان جي سماج کي اڳتي وٺي وڃي سگهي ٿي، نه ته چاڪيءَ جي ڏاند وارو مثال ته اسان سڀني جو ٻڌل آهي !

-  ڊاڪٽر اسحاق سميجو

چيئرمئن/ايڊيٽر



گذريل شمارا