ايڊيٽوريل
’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل بنيادي طور سنڌي ٻوليءَ تي تحقيق ۽ اُن جي سائنسي مطالعي کي هٿي وٺائڻ جي ارادي سان شروع ڪيو ويو هو، ته جيئن نه فقط سنڌي ٻوليءَ جي وسعت، حُسناڪي ۽ گھرائيءَ کي سمجهڻ ۽ سمجهائڻ ۾ مددگار بڻجي، پر سنڌي ٻوليءَ جي جاگرافي، وياڪرڻ، لھجن، لغت، سنڌو لکت جي کوجنا ۽ سنڌو تھذيب جي هن قديم ٻوليءَ جي پيڙهه ۽ انساني تھذيبن جي ارتقا ۾ ان جي ڀائيواريءَ کي علمي ۽ منطقي بنيادن تي ثابت ڪري سگهجي، پر اتفاق سان، اسان وٽ ايندڙ تحقيقي مقالن جي اڪثريت ٻوليءَ بجاءِ ادب جي موضوعن تي مشتمل هوندي آهي، جنھن سبب ٻوليءَ بابت جوڳو ڪم سامهون نه پيو اچي سگهي.
ٻولي بظاهر واحد شيءِ آهي، جيڪا لفظن ۽ انهن جي مخصوص ترتيب سان جوڙيل بامعنى جملن جو ميڙ لڳي ٿي، پر جيئن جيئن ان ۾ داخل ٿيندا وينداسين، تيئن تيئن محسوس ٿيندو ته سمنڊ يا ڌرتيءَ وانگر واحد شيءِ لڳندڙ ٻولي پنھنجي اندر ۾ هزارين بلڪ لکين پَرت، پھلو ۽ دنيائون سانڍي هلي ٿي. مثال طور هر سماج، قوم، انساني نسل ويندي قبيلن جون به پنھنجون پنھنجون ٻوليون آهن. ساڳيءَ ريت مختلف طبعي ڀاڱن جھڙوڪ جبل، صحرا، سمنڊ، درياهه توڙي ٻيلي واري خطي جا رهواسي به مختلف ٻوليون ڳالهائن ٿا. اهڙي فرق کي ٻوليءَ اندر مختلف لھجن جي ڀاڱي ۾ مطالعي هيٺ آندو وڃي ٿو. وري هڪ ئي سماج ۾ رهندڙ مختلف هنرمند ۽ پيشي ور ماڻهن جون ٻوليون ۽ لغتون هڪ ٻئي کان مختلف ٿين ٿيون. مھاڻا لوهارن کان مختلف ٻولي ڳالهائن ٿا. هاري شڪارين کان ڌار لغت ڪتب آڻين ٿا. سونارا لاهيارن کان جدا لفظ لکن ۽ ڳالهائين ٿا. ڊکڻ ڪنڀارن يا ڪاشيءَ جو ڪم ڪندڙن کان مختلف لفظن، اُچارن ۽ معنائن جو جھان پالين ۽ سنڀالين ٿا. ڌنار، اوٺي، ڪبوترائي، جانور پاليندڙ، ڪڪڙن جا خفتي، تتر پاليندڙ مطلب ته هر شوق، خفت ۽ پيشي سان واسطو رکندڙ ماڻهوءَ وٽ ٻوليءَ جي قوتن، نرالائيءَ، جماليات ۽ معنى جو مڪمل ڌار، منفرد ۽ قيمتي خزانو موجود ٿئي ٿو، جنھن کي گڏ ڪرڻ، محفوظ ڪرڻ، ايندڙ نسلن تائين پھچائڻ ۽ انهن جو نئين کان نئون استعمال ٻوليءَ جي حفاظت، بقا ۽ ترقيءَ لاءِ بيحد ضروري آهي.
اسان جي خواهش آهي، ته سنڌ جا نوجوان اسڪالر ادب تي ڀلي ڪم ڪن، پر هُو ٻوليءَ جي ترقيءَ ۽ حفاظت لاءِ به پنھنجي حصي جو ڪردار ادا ڪن. اهي سنڌ جي قديم نسلن، ڪولهين، ڀيلن، باگڙين، شڪارين، ڪبوترن، ٻڙهن، ريٻارين ۽ ٻين نسلن جا لوڪ گيت، آکاڻيون، پھاڪا ۽ چوڻيون، ڏِٺون ۽ ڳجهارتون، سھرا ۽ حڪايتون گڏ ڪن ته جيئن اسان پنھنجي قديم ثقافتي ۽ احساساتي تاريخ کي بچائي سگهون. نوجوان اسڪالر ۽ ادب ۽ ٻوليءَ جا شاگرد جنھن به علائقي ۾ رهن ٿا، ان علائقي جي لھجي جا منفرد لفظ گڏ ڪن، اتي رهندڙ اصلوڪن ماڻهن ۽ هنرمندن جون لغتون ٺاهن، انهن بابت ننڍا ننڍا تحقيقي مقالا لکن ۽ پنھنجي عظيم فني ۽ فڪري ورثي کي محفوظ ڪن ته اهو بظاهر ننڍڙو ڪم هنن جي سڃاڻپ، علمي حاصلات ۽ سماج ۾ سندن عزت ۽ وقار ۾ واڌاري جو شانائتو حوالو بڻجي سگهي ٿو.
اهڙن نون نون موضوعن تي ٿيندڙ ڪم کي ’سنڌي ٻولي‘ تحقيقي جرنل ۾ اوليت جي بنياد تي شايع ڪرڻ سان گڏ سنڌي ٻوليءَ جو بااختيار ادارو ڪم ڪندڙ نوجوان عالمن جي هر قسم جي سھائتا پڻ ڪندو.
چيف ايڊيٽر






