ايڊيٽوريل
سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ پاران وقت جي پابنديءَ واري روايت تي ڪاربند رهندي ’سنڌي ٻولي‘ جرنل جو هي پرچو وقت سر ڇاپي پڌرو ڪيو ويو آهي. هي شمارو 2012ع جي پنجين جلد جو پهريون شمارو آهي هميشه جيان هن ڀيري پڻ جرنل ۾ اهم موضوعن تي مضمون ۽ مقالا شامل آهن، جن ۾ 19 صديءَ جي هڪ تاريخي دستاويز جوترجمو به شامل آهي ،جيڪو محترم ڏيارام گدومل سنڌ ۾ پهريون باقاعده ڪاليج قائم ڪرائڻ لاءِ انگريز سرڪار کي لکيو هو، جنهن ۾هن ننڍي کنڊ جي ٻين پريزيڊنسين ۾ ڪاليجن قائم ٿيڻ سبب تعليم جي ميدان سان گڏ سماج ۾ آيل مثبت تبديلين جا مثال ڏئي بمبئي پريزيڊنسيءَ ۾ شامل سنڌ ۾ اهڙيءَ صورت کي واضع ڪري اهڙي گھر ڪئي هئي. هن دستاويز ۾ ان دور ۾ سنڌ ۾ تعليم جي صورتحال تي پڻ چڱي روشني وڌل آهي، انهي جو سنڌي ترجمو جناب گل محمد عمراڻيءَ تمام سهڻي نموني ڪيو آهي.
سنڌي لئنگئيج اٿارٽي هونئن ته سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب بابت گھڻا ئي سيمينار مذاڪرا، ورڪشاپ وغيره ڪرائيندي رهي ٿي، پرگذريل سال کان سنڌ جي اهم شاعرن ۽ اديبن بابت سيمينار يا انهن سان گڏجاڻيون ۽ ڪچهريون ڪرڻ جي روايت پڻ وڌي وئي آهي . ان ڏس ۾ گذاري ويل شاعرن مان نيازهمايونيءَ ۽ تنوير عباسيءَ بابت سيمينار ڪيا ويا ۽ حال حيات شاعرن مان محترم شمشيرالحيدريءَ سان روح رهاڻ ڪئي وئي . هن پرچي ۾ انهن مان تنوير ۽ شمشير بابت پڙهيل مضمون ۽ تاثر شامل ڪيا ويا آهن ۽ اميد آهي ته ايندڙ پرچي ۾ نياز همايونيءَ بابت مضمون ۽ تاثر ۽ ان وقت تائين ٿيل ٻين سيمينارن ۾ پڙهيل مضمون ۽ تاثر به شامل ڪنداسين.
تازو ڀارت جي سنڌي اديبن سنڌ جو دورو ڪيو ۽ شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ جي 268 ورسيءَ جي موقعي تي شاهه سائينءَ جي فن ۽ فڪر بابت سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي پاران ڀٽ شاهه ۾ ڪرايل بين الاقوامي ادبي ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪئي تنهن کان سواءِ ڪراچيءَ ۾ اٿارٽيءَ پاران هڪ سيمينار ڪرايو ويو.ان کان پوءِ اهي شاهه لطيف چيئر پاران ڪرايل ڪانفرنس ۾ پڻ شريڪ ٿيا. ايندڙ پرچي ۾ اٿارٽيءَ پاران ڪرايل سيمينار ۾ انهن جا پڙهيل مقالا پڻ شامل ڪيا ويندا، جنهن جو موضوع هو”هند ۾ سنڌي ٻوليءَ جي صورتحال“
اسان کي اُميد آهي ته پڙهندڙن کي سنڌي ٻولي جرنل جو هي پرچو به اڳي جيان ضرور پسند ايندو ۽ هو اسان کي پنهنجي راين کان آگاهه ڪندا.
ڊاڪٽر فهميده حسين
چيف ايڊيٽر