Image

ايڊيٽوريل


سنڌي ٻولي ٽماهي تحقيقي جرنل جي نئين جنم کي پنجون سال شروع ٿي رهيو آهي، ۽ اسان کي خوشي آهي ته هن وقت تائين سمورا پرچا نه صرف وقت تي شايع ٿيا آهن. بلڪ انهن ۾ ڇپجندڙ مواد معيار جي حوالي سان تمام بهتر رهيو آهي، اسان جي اها ڪوشش رهي آهي ته بزرگ ۽ مڃيل محققن سان گڏ نوجوان ۽ نون محققن کي به هن جرنل ۾ جاءِ ڏيون . ان کان سواءِ سنڌ جي عالمن، اديبن ۽ محققن سان گڏوگڏ هند جي سنڌي عالمن، اديبن ۽ محققن جا ليک به شايع ڪريون ٿا ته جيئن سنڌي ٻوليءَ ۽ ادب جي سرحد جي ٻنهي پاسن واري صورتحال کان پڙهندڙ واقف رهن.
تازو هند جا مانوارا اديب ۽ عالم محترم هيرو ٺڪر، محترمه ومي سدارنگاڻي ۽ محترمه اندرا شبنم، ثقافت کاتي جي دعوت تي ”شاهه لطيف عالمي ڪانفرنس“ ۾ شرڪت ڪرڻ آيا هئا ته انهن سان ڪيتريون ئي گڏجاڻيون ٿيون، انهن مان محترم هيري ٺڪر ۽ محترمه اندرا شبنم جا ليک به هن پرچي ۾ شامل آهن. اهڙيءَ طرح اٿارٽيءَ پاران ڏيپلائي صاحب جي ياد ۾ ڪرايل سيمينار ۾ پڙهيل محترم امداد حسيني ۽ محترم جامي چانڊيي جا پيپر به ڏنا ويا آهن
تازو 29 مارچ تي سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي بنائڻ لاءِ سرڪيولر جاري ڪندڙ سر بارٽل فيئر جي هڪ سئو ستانوئين (197) جنم ڏينهن جي حوالي سان پڻ هڪ ليک شايع ڪيو ويو آهي .
سنڌي ٻوليءَ جي جوڙجڪ صورتخطيءَ ۽ ٻين لسانياتي موضوعن تي تحقيقي لکندڙ نڳجوان محقق محترم اطاف جوکيي جو ڪمپيوٽر سنڌي ٻوليءَ جي استعمال جي حوالي سان هڪ وقتائتو مضمون پڻ هن پرچي ۾ شامل ڪيو ويو آهي .ان ڏس ۾ اٿارٽيءَ پاران اڳئي ڪجهه اڳڀرائي ٿيل آهي، پر هاڻي ه مضمون جي روشنيءَ ۾ ان کي تڪڙو ڪيو ويندو. ساڳيءَ ريت ڪمپيوٽر جي حوالي سان پيش ايندڙ ٻين مسئلن تي به ڪم هلي رهيو آهي.
اسان کي اميد آهي ته سنڌيءَ کي ڪمپيوٽر جي دنيا ۾ اڳڀرو ڪرڻ جي ڪوششن ۾ اسان جا ۽ سنڌ جا سڄڻ پنهنجي ڪارائتين صلاحن ۽ تجويزن سان ضرور اسان جو ساٿ ڏيندا.
ڊاڪٽر فهميده حسين
چيف ايڊيٽر


فهرست


سنڌي ٻولي تحقيقي جرنل جو هِي شمارو صرف PDF ۾ ئي موجود آهي

ڊائونلوڊ ڪريو